بلاگنئون

اقتدار بابت مفڪرن جا فڪر ڀريا نقطا

اقتدار معنيٰ طاقت، قوت، پهچ، وسعت، عزت، مرتبو، درجو، عهدو، ان ڪري هرڪو چاهي ٿو ته مان اقتدار ماڻيان. هڪ گهر جي فرد کان شروع ٿيندڙ اقتدار جو دائرو تمام گهڻو وسيع آهي، پر ان لاءِ اهليت جو هجڻ لازمي هجي ٿو، پر جيڪڏهن نااهل کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهارجي ته اهو گهر کان دنيا تائين نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو ۽ سمورو چرخو سبتو هلڻ بجاءِ ابتو ڦرڻ لڳي ٿو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته گهر جي ذميواري نڀائڻ لاءِ عقلمند فرد جو هجڻ لازمي آهي، جنهن کي فيصلي ڪرڻ جي قوت هجي. ان بابت مشهور مفڪر ميڪاوليءَ جو خيال آهي ته: “اقتداري طاقت حاصل ڪندڙ کي هوشيار لومڙ ۽ بي ڊپي نڊر شينهن وانگر هُجڻ گهرجي. جڏهن ته پنهنجي طاقت بچائڻ لاءِ کيس سخت قدم کڻڻ کان گهٻرائڻ نه گُهرجي. ڇو ته انسان فطري طور ذاتي مُفادن لاءِ ئي ڪم ڪندو آهي.” “مائيڪل فوڪالٽ” جو خيال آهي ته: “رياست جا سمورا شُعبا اقتداري طاقت سان سلهاڙيل آهن. زندگيءَ جو هر شُعبو اقتداري طاقت جي حڪمت عملين سان هلي ٿو.” ميڪاوليءَ جي نظر ۾ اقتدار جي طاقت اخلاق، مذهب ۽ انساني پابندين کان آزاد آهي. طاقت جو اصل مقصد طاقت جي بچاءُ ۾ آهي.” جڏهن ته “مائيڪل فوڪالٽ” جو خيال هو ته: “طاقت جو سرچشمو حُڪمران طبقو نه، پر سماج جو هر شُعبو آهي. اقتداري طاقت سان عوام مٿان زبردستي حُڪمراني ڪري نٿي سگهجي.”  “مائيڪل فوڪالٽ” اقتداري طاقت جي ميڪاولين تصور جي نفي ڪري ٿو. اُن جو اهو خيال آهي ته: “طاقت ۽ ڄاڻ (علم) ٻه ڌار شيون ناهن. بنيادي طاقت ڄاڻ ۽ علم آهي.” جڏهن ته انگلينڊ جي ٻن وڏن فلاسافرن “ٿامس هابس” ۽ “جان لاڪ” جا به اقتداري طاقت جي باري ۾ ڪنهن قدر خيال مختلف رهيا آهن. “ٿامس هابس” وٽ اقتدار جو تصور سياسي سطح تائين محدود ناهي رهيو. هُو انسان کي جنگ ۽ خوف جي حالت ۾ ڏسي ٿو ۽ اقتدار کي اهڙي طاقت سمجهي ٿو. جيڪا زندگيءَ جي هر شُعبي ۾ امن ۽ نظم و ضبط قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هُجي. جڏهن ته “جان لاڪ” اقتدار کي ماڻهن جي رضا سان آندل طاقت ۽ امانت سمجهي ٿو، جنهن جو مقصد فرد جي آزادي ۽ حقن جو تحفظ آهي. “روسو” وري اقتدار جي اخلاقي حيثيت تي زور ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: “اقتدار جو اصل سرچشمو عوام آهي ۽ عوام جي گڏيل مرضيءَ سان قائم ڪيل اقتدار ئي پائيدار هُجي ٿو.” جڏهن ته مارڪس جي نظر ۾ اقتدار معاشي ۽ طبقاتي ڍانچي جو نتيجو آهي ۽ طاقت جو استعمال اقتصادي ۽ مُعاشي وسيلن مٿان ڪنٽرول ڪرڻ آهي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته اقتدار عوام کي منظم ڪري ٿو، اختيار ان کي قانوني ۽ اخلاقي جواز ڏئي ٿو ۽ وري انتشار تڏهن پئدا ٿئي ٿو، جڏهن اقتدار ۽ اختيار ۾ توازن برقرار رهي نٿو سگهي. تڏهن نوان سماجي ۽ سياسي امڪان پيدا ٿين ٿا. آمريڪن تاريخدان ۽ فلاسافر “هانا آرنٽ” رُڳو اقتدار جو جمهوري تصور پيش ڪيو هو. جنهن جو چوڻ هو ته: “اقتدار جبر ۽ تشدد تي ٻڌل نه، پر عوام جي گڏيل رضا سان آندل اجتماعي نظام آهي.” انساني سماج ۾ اقتدار جو تصور اڄ به گهڻو پيچيده آهي. ائين جيئن صديون اڳ هو. اقتدار جو صحيح استعمال سماج ۾ انصاف، امن ۽ ترقي جو سبب بڻجي ٿو، جڏهن ته غلط استعمال ظلم، بيچيني ۽ انتشار جو سبب بڻجي ٿو. اقتدار، اختيار ۽ انتشار بنيادي طور ٽنهي طاقتن جي  توازن سان ئي ڪنهن به سماج جي پائيدار ترقي ۽ انساني شعور جي ارتقا جي ضمانت بڻجي ٿو.

انساني سماج ۾ اقتدار کانپوءِ هميشه اختيارن جو غلط استعمال ٿيو آهي. اقتداري طاقت جي اچڻ کانپوءِ طاقتور ڌُرين اختيارن جو استعمال هميشه پنهنجن مُفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هميشه “انتشار” جنم ورتو آهي. جنهن سبب پوري قوم پريشانيء جي عالم ۾ ورتل آهي ڪوبه انسان دنيا ۾ خوش نظر نٿو اچي ايتري تائين جو اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي به سڪون نه آهي۔ حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنه فرمايو هڪ هزار عالم کي شهيد ڪرڻ سان به ايترو نقصان نه ٿيندو آهي جيترو هڪ جاهل کي اقتدار تي ويهارڻ سان ٿيندو آهي. سندن اهو فرمان به آهي ته اقتدار، طاقت ۽ دولت ملڻ سان ماڻھو بدلبو ناهي، پر بي نقاب ٿيندو آهي، ڪفر جو معاشرو ته هلي سگهي ٿو، پر ناانصافي وارو معاشرو نٿو هلي سگهي۔ پاڻ فرمايائون ته دنيا جي حاڪمن سان جنگ ڪرسي ۽ اقتدار جي ڪري ڪئي وئي، مگر آئون واحد حاڪم آھيان جنھن سان جنگ فقط انصاف ڪرڻ جي ڪري ڪئي وئي. پاڻ پنهنجي فرزندن کي وصيت ڪندي فرمايائون ته ھميشه مظلوم جو ساٿ ڏيندا ڪريو ۽ ظالمن سان ٽڪراءُ کائجو۔ مطلب ته اقتدار طاقت ۽ ڪرسي اچڻي وڃڻي شيءِ آھي. مخلص همدرد دوست ساٿي مشڪل وقت ۾ زندگيءَ جو سرمايو هوندا آھن انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي انهن کي اهميت نه ڏيڻ سان پنهنجي اهميت به نه رهندي. افلاطون پنهنجي مشهور ڪتاب “Republic” ۾ لکيو آهي: “ماڻهوءَ جي اصل پرک تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن کيس اقتدار يا طاقت حاصل ٿيندي آهي.” جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اقتدار ڪا عياشي نه، پر وڏو امتحان هوندو آهي. اقتدار کانپوءِ مليل اختيارن جو صحيح استعمال ماڻهوءَ جي اخلاقي ۽ فڪري صلاحيتن جي اصل پرک هوندي آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اقتدار دوران تڪبر ڪندا آھن ۽ معزولي وقت ذلت جو شڪار بڻجندا آھن۔ ياد رکڻ گهرجي ته اقتدار جي پوڄارين جو عوام جي جيئڻ ۽ مرڻ سان ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. انهن جو هدف ۽ مقصد ڪيئن به ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ هوندو آهي. ڇو ته اقتدار ۽ حڪومت ئي اهو واحد مهذب طريقو آهي، جنهن ذريعي عوام کي نپوڙي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٽيڪس وصول ڪري سگهجي ٿو ۽ اقتدار جي ذريعي ئي اهو وصول ڪيل ٽيڪس جو پئسو پنهنجي عيش ۽ آرام ۽ ٽجوڙين جا پيٽ ڀرڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ موجب بغير خوف ۽ خطري جي استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر اقتدار جي بلند ڪرسيءَ تائين پهچڻ لاءِ عوام جي ڪلهن جي مدد ضروري هوندي آهي. اڪيلو فرد ڀلي ڪيڏا به ٺينگ ٽپا ڏئي تڏهن به اقتدار جي ڪرسيءَ جي پائي تائين به نه پهچي سگهندو. عوام موڳو جهڙو اُٺ… ان کي پنهنجو ڪلهو ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ واري فن ۽ صلاحيت جو نالو سياست آهي. تڏهن ته چوندا آهن سياست عربي لفظ آهي جنهن جي لغوي معنيٰ جڙ، گهوڙن کي تربيت ڏئي سواري لائق بنائڻ آهي. جي ايم سيد موجب ‏عورت ۽ اقتدار جو نشو ڏاڍو ڀيانڪ هوندو آهي، ان ڪري مرد ٻنهي حالتن ۾ پنهنجو سمورو هوش وڃائي ڇڏيندو آهي۔ ارسطو چوي ٿو ته: “حڪمرانن جا اختيار رڳو پنهنجي مفادن لاءِ نه، پر سماج جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن.