اقتدار معنيٰ طاقت، قوت، پهچ، وسعت، عزت، مرتبو، درجو، عهدو، ان ڪري هرڪو چاهي ٿو ته مان اقتدار ماڻيان. هڪ گهر جي فرد کان شروع ٿيندڙ اقتدار جو دائرو تمام گهڻو وسيع آهي، پر ان لاءِ اهليت جو هجڻ لازمي هجي ٿو، پر جيڪڏهن نااهل کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهارجي ته اهو گهر کان دنيا تائين نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو ۽ سمورو چرخو سبتو هلڻ بجاءِ ابتو ڦرڻ لڳي ٿو، ان ڪري چيو ويندو آهي ته گهر جي ذميواري نڀائڻ لاءِ عقلمند فرد جو هجڻ لازمي آهي، جنهن کي فيصلي ڪرڻ جي قوت هجي. ان بابت مشهور مفڪر ميڪاوليءَ جو خيال آهي ته: “اقتداري طاقت حاصل ڪندڙ کي هوشيار لومڙ ۽ بي ڊپي نڊر شينهن وانگر هُجڻ گهرجي. جڏهن ته پنهنجي طاقت بچائڻ لاءِ کيس سخت قدم کڻڻ کان گهٻرائڻ نه گُهرجي. ڇو ته انسان فطري طور ذاتي مُفادن لاءِ ئي ڪم ڪندو آهي.” “مائيڪل فوڪالٽ” جو خيال آهي ته: “رياست جا سمورا شُعبا اقتداري طاقت سان سلهاڙيل آهن. زندگيءَ جو هر شُعبو اقتداري طاقت جي حڪمت عملين سان هلي ٿو.” ميڪاوليءَ جي نظر ۾ اقتدار جي طاقت اخلاق، مذهب ۽ انساني پابندين کان آزاد آهي. طاقت جو اصل مقصد طاقت جي بچاءُ ۾ آهي.” جڏهن ته “مائيڪل فوڪالٽ” جو خيال هو ته: “طاقت جو سرچشمو حُڪمران طبقو نه، پر سماج جو هر شُعبو آهي. اقتداري طاقت سان عوام مٿان زبردستي حُڪمراني ڪري نٿي سگهجي.” “مائيڪل فوڪالٽ” اقتداري طاقت جي ميڪاولين تصور جي نفي ڪري ٿو. اُن جو اهو خيال آهي ته: “طاقت ۽ ڄاڻ (علم) ٻه ڌار شيون ناهن. بنيادي طاقت ڄاڻ ۽ علم آهي.” جڏهن ته انگلينڊ جي ٻن وڏن فلاسافرن “ٿامس هابس” ۽ “جان لاڪ” جا به اقتداري طاقت جي باري ۾ ڪنهن قدر خيال مختلف رهيا آهن. “ٿامس هابس” وٽ اقتدار جو تصور سياسي سطح تائين محدود ناهي رهيو. هُو انسان کي جنگ ۽ خوف جي حالت ۾ ڏسي ٿو ۽ اقتدار کي اهڙي طاقت سمجهي ٿو. جيڪا زندگيءَ جي هر شُعبي ۾ امن ۽ نظم و ضبط قائم ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هُجي. جڏهن ته “جان لاڪ” اقتدار کي ماڻهن جي رضا سان آندل طاقت ۽ امانت سمجهي ٿو، جنهن جو مقصد فرد جي آزادي ۽ حقن جو تحفظ آهي. “روسو” وري اقتدار جي اخلاقي حيثيت تي زور ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: “اقتدار جو اصل سرچشمو عوام آهي ۽ عوام جي گڏيل مرضيءَ سان قائم ڪيل اقتدار ئي پائيدار هُجي ٿو.” جڏهن ته مارڪس جي نظر ۾ اقتدار معاشي ۽ طبقاتي ڍانچي جو نتيجو آهي ۽ طاقت جو استعمال اقتصادي ۽ مُعاشي وسيلن مٿان ڪنٽرول ڪرڻ آهي. بنيادي ڳالهه اها آهي ته اقتدار عوام کي منظم ڪري ٿو، اختيار ان کي قانوني ۽ اخلاقي جواز ڏئي ٿو ۽ وري انتشار تڏهن پئدا ٿئي ٿو، جڏهن اقتدار ۽ اختيار ۾ توازن برقرار رهي نٿو سگهي. تڏهن نوان سماجي ۽ سياسي امڪان پيدا ٿين ٿا. آمريڪن تاريخدان ۽ فلاسافر “هانا آرنٽ” رُڳو اقتدار جو جمهوري تصور پيش ڪيو هو. جنهن جو چوڻ هو ته: “اقتدار جبر ۽ تشدد تي ٻڌل نه، پر عوام جي گڏيل رضا سان آندل اجتماعي نظام آهي.” انساني سماج ۾ اقتدار جو تصور اڄ به گهڻو پيچيده آهي. ائين جيئن صديون اڳ هو. اقتدار جو صحيح استعمال سماج ۾ انصاف، امن ۽ ترقي جو سبب بڻجي ٿو، جڏهن ته غلط استعمال ظلم، بيچيني ۽ انتشار جو سبب بڻجي ٿو. اقتدار، اختيار ۽ انتشار بنيادي طور ٽنهي طاقتن جي توازن سان ئي ڪنهن به سماج جي پائيدار ترقي ۽ انساني شعور جي ارتقا جي ضمانت بڻجي ٿو.