ادبناول

ذڪر مرزا قليچ بيگ پاران وڪٽر هيوگو جي ترجمي ڪيل ناول جو : نسيم بخاري

وڪٽر هيوگو جي هڪ مشهور ۽ تاريخي فرانسيسي ناول Les Miserable’s کي مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ جو ويس پارايو آهي ۽ عنوان رکيو اٿائينس ”مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا“

وڪٽر هيوگو جو اهو ناول 1862ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو 19 هين صديءَ جي بهترين ناول طور پڻ ڳڻيو ويو آهي. ڪتاب جو سمورو ترجمو نه ڪيو اٿس، پر ان جو سارو مضمون ڏنو اٿس، ڪي ٿورا ڀاڱا ۽ نالا غير ضروري سمجهي ڇڏي ڏنا اٿس. پاڻ لکيو اٿائين ته پڙهندڙ اهو پڙهي خوش ٿيندا ۽ هن مان چڱي نصيحت حاصل ڪندا.

مرزا قليچ بيگ فيبروري 1917ع ۾ اها ڳالھ لکي هئي، پر ترجمو 1916ع ۾ ڪري ڇڏيو هئائين. سندس ڪٽنب پاران سنڌي ادبي بورڊ کي ڄاڻايل ترجمي جو مسودو ڏنو ويو هو، جنهن ڪتاب جي پهرين اشاعت 1961ع، ٻئين 1977ع ۽ ٽئين 2006ع ۾ ڪئي هئي. اهو ڪتاب اڄ جڏهن 2021ع جي جولاءِ مهيني ۾ مون پڙهي پورو ڪيو آهي ته سچ پچ به لڳو آهي ته واقعي ان مان سکڻ، پرائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ گهڻو ڪجھ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

هن ناول ۾ سادي، سولي، سهنجي ۽ معياري ٻوليءَ جو جهڙي طرح سان اظهار ڪيو ويو آهي، ان اظهار مان لڳي ئي نٿو ته اها هڪ صديءَ کان به پراڻي سنڌي ٻولي آهي.

هن ناول ۾ هڪ پادري جو زندگي جي معاملن ۽ سماج ڏانهن جيڪو مثبت ۽ شاندار رويو ڏيکاريو ويو آهي، اهو هر مذهب جي ماڻهوءَ لاءِ عاليشان ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ جو بهترين گس آهي. پادريءَ جي ڪردار جي ئي عمل دخل سان جيڪي بخيل هئا سي سخي ٿي پيا ۽ جيڪي بدڪار هئا سي نيڪ ٿي ويا. مطلب ته پادري گفتار جو نه، پر ڪردار جو به غازي هو، جنهن جي اثر هيٺ ماڻهن پنهنجي مثبت ڪردارن جو تعين ڪيو.

عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته جڏهن ڪنهن جي گهر مان ڪا چوري ٿيندي آهي يا ڌاڙو لڳندو آهي ته اهو ڏاڍو ڏکارو ٿي ويندو آهي ۽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳندو آهي، پر چارلس مريل جي گهر ۾ ترسايل مهمان پاران جڏهن قيمتي سامان چوري ڪيو وڃي ٿو ته اهو رنج بدران خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته پڪ سان جيڪي شيون چوري ٿيون آهن سي مون وٽ غير ضروري هيون ۽ انهن جي مون کان وڌيڪ چور کي ضرورت هئي. سو ضرورتمند جي ضرورت پوري ٿي آهي ته اها سٺي ڳالھ آهي ان جو ڏک ڇو ڪجي. پادريءَ کي اها به خبر هئي ته جنهن مسافر کي هو پاڻ رات ترسائي ٿو ۽ سندس خدمت چاڪري ڪري ٿو، سو پنهنجي دور جو بدنام چور ۽ جيل مان تازو ڇُٽل قيدي آهي، جنهن مان ڪا خير خواهيءَ جي اميد رکي نٿي سگهجي، پر ان جي باوجود هن ڄڻ ته سنڌ جي صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ان بيت تي عمل ڪيو هو ته:

چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن 

هن ناول ۾ هڪ اهڙي ماءُ جي درد ڪهاڻي به دل کي ڌوڏي وجهي ٿي جنهن سان يار بيوفائي ڪري ٿو ۽ سندس نشانيءَ طور پيدا ٿيل نياڻي جي تربيت جي حوالي سان کيس ڏاڍا ڏک ڏولاوا ڏسڻا پون ٿا، اها نياڻي جڏهن جوان ٿئي ٿي ته هن جي هڪ نوجوان سان اک اٽڪي پوي ٿي ۽ ٻطرفي پيار ۾ زبردست امتحانن ۽ آزمائشن وارو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. ان رومانوي ڪهاڻي ۾ ڊرامائي موڙ تڏهن اچي ٿو جڏهن عاشق وقت ۽ حالتن جي جبر کي ڏسندي محبوب جي حاصلات کي ناممڪن سمجهي ٿو ان ڪري لاچار عاشق شهر ۾ شهرين ۽ انتظاميه وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جو شهرين پاران حصو بڻجندي پنهنجي جان جي نذراني جو فيصلو ڪري ٿو ۽ محبوبه ڏانهن آخري چٺي اماڻي پنهنجي درد جو المناڪ داستان بيان ڪري ٿو، اتفاق سان اها چٺي محبوبه بدران کيس سنڀاليندڙ کي هٿ لڳي وڃي ٿي، جيڪو جڏهن درد سان ڀرپور جذبن جي المناڪ پيار پڄاڻيءَ وارا لفظ پڙهي ٿو ته هن کي عاشق سان همدردي ٿي پوي ٿي ۽ سوچي ٿو ته جڏهن هڪ ڳڀرو نوجوان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ زندگي جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ آئون پوڙهو ڇو ڪو عوام لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري نٿو سگهان. هو هلندڙ انتظاميه ۽ شهرين واري ويڙھ جو حصو بڻجڻ لاءِ وکون کڻي ٿو ۽ جتي انتظاميه ۽ عوام وچ ۾ جنگ جاري هئي اتي پڄي وڃي ٿو ۽ زخمي عاشق کي زير زمين گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري وڏي نالي مان ڪلهي تي کڻي ٻاهر نڪري اچي ٿو نه رڳو هو عاشق جي جان بچائي ٿو، پر سندس محبوبه سان شادي به ڪرائي ٿو، نه رڳو شادي ڪرائي ٿو، پر پاڻ وٽ پنهنجا گڏ ڪيل جيڪي به پئسا وڏي تعداد ۾ هن وٽ موجود هئا سي به سندن حوالي ڪري ٿو، نه رڳو ايترو، پر هنن کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ڪاسيٽ جي ماءُ اپونائن سان سندس واسطو پيو هو، ڪيئن ان غريب ۽ لاچار عورت جي مدد ڪئي هئي ۽ ڪيئن ان جي ڌيءَ جيڪا ڪن ٻين وٽ سندس ماءُ پالڻ لاءِ ڏني هئي تن سندس ماءُ کان هر مهيني حد کان وڌيڪ خرچ پئي وصول ڪيو ۽ ڪيئن هن انهن لالچي زال مڙس کي سندس گهر مطابق پئسا ڏيئي ڪاسيٽ کي انهن کان هٿ ڪري ماءُ حوالي ڪرڻ پئي چاهيو يا کيس سٺي تربيت ڏيڻ جو تمنائو هو. هن ڪاسيٽ ۽ سندس پريمي ميريس کي اهو به ٻڌايو ته ڪيئن اپونائن ڌيءَ جي سڪ ۽ تڙپ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو، هن پريمي جوڙي آڏو اهو به اعتراف ڪيو ته هو جين وليجان ماضيءَ جو چور ۽ جيل جو قيدي رهيو آهي، بعد ۾ شرافت واري زندگيءَ جي ڪري کيس شهر جو ميئر بڻايو ويو. هن هڪ ڪارخاني جي سنڀال به ڪئي هئي ڪارخاني جي سنڀال ۽ ميئرشپ جي پگهارن واري ميڙا چونڊي سندن حوالي ڪئي وئي آهي.  

ناول ۾ هڪ اهڙي چور جي ڪهاڻي به بيان ٿيل آهي جنهن کي رڳو ماني چورائڻ جي ڏوھ ۾ لڳ  ڀڳ 27 سال قيد ڪاٽڻو پيو. سزا ان ڪري به ڊگهي ٿيندي وئي جو سزا جي طئي ٿيل وقت گذرڻ کان اڳ ئي هو کوڙ ڀيرا جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پڪڙجندو آيو نتيجي ۾ هن کي کوڙ سارا سال وڌيڪ جيل جي ڀوڳنا ڀوڳڻي پئي. اهو چور وري جڏهن شريف ٿئي ٿو ته هن جي ساک جي هاڪ جهر جهنگ ٻڌجڻ لڳي ٿي ۽ کيس شهر جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي ٿو.

هي انهيءَ چور جو ذڪر آهي جيڪو پادريءَ وٽ مهمان ٿي هڪ رات رهيو هو ۽ هن جو الھ تلھ کڻي گم ٿي ويو هو.

هن ناول ۾ هڪ اهڙي پوليس آفيسر جاورٽ جو به اهم ڪردار نظر اچي ٿو جنهن جي ياداشت ۽ نظر جي ڪمال سان چور ايڊمنسٽريٽر جين وليجان جي سچائي پڌري ٿي پوي ٿي، پوليس آفيسر کيس پڪڙي ته نٿو، پر ٻڌائي ضرور ٿو ته هو ڪير آهي ۽ ماحول اهڙو پيدا ڪري ٿو جو چور ايڊمنسٽريٽر کي خود پنهنجو ضمير ان ڳالھ لاءِ آماده ڪري ٿو ته هو ڀري عدالت ۾ جج آڏو پنهنجي پوري حقيقت بيان ڪري ٿو.

جيتوڻيڪ ذڪر هيٺ آيل ناول فرانسيسي آهي، پر ان جو پلاٽ، ڪردار ۽ انهن سان سلهاڙيل حقيقتون اسان کي پنهنجي آسپاس جي ماحول جو ڏس پتو ٿيون ڏين ۽ پورو ناول پڙهندي ڪٿي به اوپرائپ يا بوريت جو احساس نٿو ٿئي. هي ناول ايڏو ته وڻندڙ آهي جو جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ وقت هجي ته اهو هڪ ئي ويهڪ ۾ ويهي پڙهي پورو ڪري ڇڏي.

مرزا قلچ بيگ جي باوقار محنت ڏسي ڪري سندس ٻين ادبي شاهڪارن کي پڙهڻ لاءِ به اتساھ پيدا ٿئي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي اها ڪوشش هوندي ته مرزا قليچ بيگ جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب جلد کان جلد پڙهي پورا ڪريان ۽ انهن ۾ سمايل ڏاهپ، فڪر ۽ سنيهي کي جڳ جهان آڏو نروار ڪريان ته جيئن هرڪو ان مان لاڀ پرائي سگهي.

مرزا قليچ بيگ جي ادبي خدمتن جي حوالي سان جيڪو ۽ جيترو به ڪم ٿيو آهي ضرورت ان کان وڌيڪ ڪم جي آهي ۽ اڄ جديد دور ۾ ته سندس ڪتاب انٽرنيٽ تي آواز ۾ به رکڻ گهرجن. ڇو ته پڙهڻ کان ٻڌڻ ۾ ماڻهوءَ کي وڌيڪ سرور ملي ٿو ۽ اهو ڪلاڪ ٻن جي ٿوري عرصي ۾ پوري ڪتاب کان آگاھ به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مطالعي ۾ هن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وقت جي سيڙپ ٿئي ٿي، خبر نه آهي ته مرزا قليچ بيگ جي حوالي سان ڪيتريون ٿيسز لکيون ويون آهن ۽ ڪيترين ئي يونيورسٽين ايم اي جا مونو گراف موجود آهي يا مرزا قليچ بيگ جي نالي سان ڪو انسٽيٽيوٽ محترڪ به آهي، پر اها خبر ضرور آهي ته ان ڪم لاءِ ڪم ڏانهن واجهائڻ بدران سنڌ جي ساڃاھ کي خود پاڻ ئي ڪا اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ڇو ته حڪومتن جا حال پورا آهن ۽ حڪمران ڪنهن به طور تي نه چاهيندا آهن ته رعايا ذهني آسودگيءَ وارو اعزاز حاصل ڪري.