راهي رابيل: فطري رنگن سان روح رچائيندڙ شخص! يوسف جميل لغاري | # فيبروي 2022
فطرت جا رنگ ايترا ته نرالا آهن، جو اُنهن کي ڏسڻ سان انسان جو روح تازو ٿي پوندو آهي. قدرت واري هرهڪ انسان کي انيڪ خوبين ۽ تخليقي صلاحيتن سان سرشار ڪري هن دنيا ۾ موڪليو آهي. هيلن ڪيلر چيو آهي ته: ”دنيا جي سڀ کان خوبصورت ۽ سٺين شين کي ڇھي ۽ ڏسي نٿو سگھجي بلڪه انھن جو دل سان ادراڪ ڪري سگھجي ٿو“. اهڙي طريقي سان اسان جي ڏيھ ۾ ڏات ڌڻي خوبصورت شين کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان اڃان وڌيڪ خوبصورت، نمايا ۽ وڻندڙ بڻائي اهل دل ماڻهن اڳيان پيش ڪندا آهن. پيشڪش جو اهو طريقو ڪڏهن نثر ته ڪڏهن نظم ۾ اظهاريو ويندو آهي. اظهار جي انهيءَ طريقي ۾ هڪ ٻيو وڻندڙ ۽ دل کي ڇهندڙ طريقو مصوري به آهي. مصور هميشه خوبصورتي جا متلاشي رهيا آهن. اُهي زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد ٿي ڪري سوچيندا آهن. اُنهن جي فڪري اڏام سونهن کي باز جي جهٽي وانگر هڪ پل ۾ سوگهو ڪري وٺندي آهي. اسان جي دوستي واري حلقي ۾ هڪ اهڙو املھ ماڻهو پڻ شامل آهي، جيڪو هڪ ئي وقت اعليٰ پائي جو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ منفرد مصور پڻ آهي. هُو پنهنجي تخيل ۾ لفظن کي جوڙڻ سان گڏوگڏ اُنهن کي خوبصورت نموني سان پينٽ ڪرڻ جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو. راهي رابيل پيرزادو جو تعلق ضلعي خيرپورميرس جي تعلقي ٺري ميرواھ سان آهي. پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ سبب ڪلاس اٺين تائين پڙهي سگهيو. اسين جڏهن تاريخ جا ورق ورائي ڏسون ٿا ته اُتان اسان کي اهڙا کوڙ سارا حوالا ملن ٿا، جن کي پڙهڻ کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته دنيا جا عظيم ذهن تعليمي ادارن جي قيد و بند کان آزاد رهيا آهن. دنيا جو عظيم ڏاهو البرٽ آئنسٽائن اسڪول کي جيل سمجهندو هو. دنيا جو عظيم مفڪر، دانشور ۽ ليکڪ گرو رجنيش اوشو هڪ ڏينهن به اسڪول پڙهڻ نه ويو. سندس واسطو گهڻو تڻو فطرت سان رهيو. جنهن جي بدولت کيس روحانيت جو علم عطا ٿيو ۽ اُن کوڙ سارا ڪتاب لکيا. هن وقت به دنيا اندر کيس وڏي پيماني تي پڙهيو وڃي ٿو. راهي رابيل پيرزادي جو تعلق ٻهراڙي واري علائقي سان آهي. انهيءَ ڪري سندس تعلق به سنڌ جي هرهڪ ڳوٺ، وستي ۽ واهڻ سان، شهرن جي گم ڪندڙ گهٽين کان وڌيڪ رهيو آهي. هُو جڏهن قلم کڻي ڪاغذن تي خيالن جا پکي اُڏاري ٿو ته انهن ڪاغذن تي سنڌ جو خوبصورت نقشو نمايان ٿي بيهي ٿو. سندس هرهڪ غزل، گيت ۽ بيت ۾ اسان کي سنڌ جا پار پتا ملن ٿا. سندس تخيل ۾ اسان کي سنڌ جو غريب طبقو دانهيندي نظر اچي ٿو. اهڙي ئي نموني جڏهن هُو قلم کي پاسي تي رکي هٿ ۾ مصوري واري بُرش کي جاءِ ڏئي ٿو ته اسان کي سندس خوبصورت تصويرن ۾ سنڌ جا اصلوڪي داستان ۽ قصا توڙي ڪهاڻيون جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. هُو سنڌ کي پنهنجي خيالن ۾ خوبصورت کان خوبصورت ترين ڪري پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. هُو ڄاڻي ٿو ته سنڌ جو ماڻهوءَ ڀلي غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، پر تنهن هوندي به قدرت طرفان کيس جيڪا فطري حُسناڪين کي پرکڻ واري اک ڏني وئي آهي، اُنهيءَ جو نور ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻو. راهي رابيل پنهنجي شخصيت ۾ جيتوڻيڪ انتهائي سادو ۽ پيار ڏيندڙ شخص آهي تنهن هوندي به ھُو پنهنجي پيارن دوستن کي اُنهن جي جنم ڏڻ تي خوبصورت تصويرون ٺاهي ڀيٽا پڻ پيش ڪري ٿو. راهي رابيل پيرزادو پنهنجي جادوئي بُرش سان اسان کي اوائلي سنڌ جو سير ڪرائي ٿو. سندس خوبصورت پينٽگن ۾ اسان اُنهيءَ کوھ کي به ڏسون ٿا جنهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ جوان جماڻ نينگريون، نازڪ ۽ نفيس چيلھ تي دلا کڻي اينديون هيون. اِهي کوھ اهل دل ماڻهن لاءِ آخري اسٽيشن جهڙي حيثيت جا حامل هئا. پنهنجي ڳوٺ علائقي جي ماڻهن لاءِ زيرو پوائنٽ جهڙا اِهي کوھ پاڻي جي صورت ۾ پيار جا آبشار هوندا هئا. نه صرف ايترو پر ان سان گڏوگڏ جديد سنڌ جي اهم نياڻي ۽ سنڌ جي پيڙهيل طبقي جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس تصوير ٺاهي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿس. هُو سنڌ جي خوبصورت نياڻين جي هٿن ۾ اُٺن جا واڳ ڏيئي دنيا کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ جي عورت روز ازل کان پورهيت رهي آهي ۽ پنهنجي گهر، ٻار ۽ دنيا جي مڙني معاملن ۾ مڙس جو هٿ ونڊائڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿي. راهي رابيل پيرزادو سنڌ ڄائي نياڻين کي فطرت سان پيار ڪندڙ عورت طور اسان آڏو ڪجھ ان ريت به پيش ڪري ٿو، جو انهن جي جهولين ۾ اسان کي ڪڏهن ٻڪري ته ڪڏهن مينهن جو ننڍڙو وڇڙو به نظر اچي ٿو. اهي ئي ساڳيون عورتون جڏهن پنهنجي مٿي تي پاڻي جا دلا کڻندي اسان کي نظر اچن ٿيون ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ سموري سنسار جو وزن عورت پنهنجي سر تي کنيو آهي. خانا بدوش قبيلن کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي لڏپلاڻ لاءِ جنهن سواري جي ضرورت پئي ٿي. هُوبهو اهو سمورو عڪس راهي رابيل پيرزادو اسان جي سامهون پنهنجي تصويرن وسيلي کڻي اچي ٿو. اهڙيون تصويرون پنهنجي ديس کان پرديس ڏانهن وڃڻ واري درد کي بيان ڪرڻ جو داستان هجن ٿيون. اهي تصويرون هڪ دور جي پُڄاڻي کان وٺي نئين دور جي شروع ٿيڻ وارين اميدن جون ڄڻ عيني شاهد آهن. سنڌ جي گهريلو عورت کي بطور سگهڙ پيش ڪندي اسان کي سندس ٺاهيل تصويرن ۾ صبح سانجهي جي اُها گهڙي به ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن گهڙي اسان جون مائرون سڀني ڪم ڪار هڪ پاسي رکي، سردي توڙي گرمي ۾ مٺي ننڊ کي ڇڏي پنهنجي گهرڀاتين لاءِ کير ولوڙي لسي ۽ مکڻ ٺاهينديون آهن. راهي رابيل پيرزادو فطري رنگن سان روح کي رچائيندڙ شخص آهي. بس ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته کيس گهربل مڃتا ۽ مان ملڻ گهرجي.

