بلاگڪهاڻيون

زناوراڻي لڇَ: ڪمال جنبلات

ڪهاڻي
منھنجو سمور جسم گندگيءَ سان ڀرجي ويو آھي، ايتري ڌپ ٿي وئي آھي جو مون کي پاڻ کان پاڻ نفرت ٿي ٿئي، ڪي مھينا ٿيا آھن جو ونھتي ناھيان، ڪراھت ٿي ٿئي پاڻ کان، تڏھن به روز ٻه ٽي ماڻھو اچن ٿا ۽ مون سان زوري زنا ڪري وڃن ٿا..!!؟ نه منھنجي رڙين جو ھنن تي ڪو اثر ٿئي ٿو نه منھنجي ايلازن تي کين ڪو رحم اچي ٿو نه مزاحمت ٿي ڪم اچي، نه ئي وري ھنن کي منھنجي جسم مان ڪا ڌپ ٿي اچي.
ڇو؟ ڇا ھنن کي ڪورونا ٿي وئي آھي؟ جنھن سبب ھنن جي سونگھڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي آھي؟ يا پوري جو پوري مرداڻي سماج جي احساسن ۽ انساني جذبن کي ڪورونا ٿي وئي آھي؟
سيڪس ته حَسين احساساتي جبلت آھي، ھڪ اھڙي خوبصورت وادي آھي، جتي پھچڻ کانپوءِ ايئن لڳندو آھي ته ڄڻ ٻن الڳ الڳ وھندڙ ندين جو سنگم ٿيو ھجي ۽ ٻئي ھڪ ٻئي سان ملي ھڪ وھڪري ۾ ھلڻ لڳيون ھجن. سيڪس ته ھڪ اھڙي خوبصورت دنيا آھي، جتي ماڻھو سڀ ڏک، سڀ درد مٽائي ھڪ لمحي لاءِ وقت جي تيز وھڪري کي فل اسٽاپ ھڻي ڇڏيندو آھي.
پر ھي ڇا؟ ھي ڪھڙي قسم جو سيڪس آھي؟ ھي مون ميري گدلي مان ڪھڙي لذت وٺي رھيا آھن؟ ھي ته جانورن وانگي منھنجي جسم کي پٽي کائي رھيا آھن، جيئن جھنگ ۾ بگھڙَ معصوم ھرڻي جو ماس پٽي کائيندا آھن. شايد ھنن کي اھو به احساس ڪونھي ته ھي منھنجي جسم سان گڏ منھنجي روح کي به رانبوٽا پائي رھيا آھن، پر ھنن جو به ڪھڙو ڏوھ آھي؟ ھنن لاءِ ته مان گوشت جو لوٿڙو ئي آھيان نه.
ھو پنھون جنھن کي مون يونيورسٽيءَ جي پھرين سال ۾ ئي پنھنجو جيون ساٿي چونڊي ڇڏيو ھو، جنھن سان گڏجي ويھي اسان امر جليل، نسيم کرل، ماڻڪ، منٽو، اياز، ڀٽائي، امرتا، ساحر، گورڪي ۽ دوستو وسڪي سوڌو سنڌي، اردو، انگريزي ۽ روسي ادب پڙھيو ھو. مون ته ھن کي روح جي پاتال تائين چاھيو ھو، پنھنجي جسم تي سڀ حق ۽ واسطا کيس ئي ارپيا ھئم. سماج جي سڀني ريتن رسمن کي ٿڏي، ھن کي پنھنجي ڪنوارپ ايئن آڇي ھئي جيئن شاديءَ رات ڪنوار پنھنجي گھوٽ کي آڇيندي آھي. پورا ٽي سال اسان غير رسمي زال مڙس رھياسين ۽ جڏھن ڳالھ رسمن ۽ شاديءَ تي پھتي ته ھو نه رڳو مون کي ٿڏي ھليو ويو، پر ھن پنھنجي دوستن کان منھنجو گينگ ريپ ڪرايو..!!؟ ۽ الزام به مون تي ئي ھنيائين ته مان بدڪردار آھيان…!!! اھا سنجھا جنھن کي ھو لطيف جي سھڻي سڏيندو ھو، اھا ساڳي سنجھا ھاڻي وئشيه ٿي پئي ھن لاءِ؟؟؟ ۽ ماڻھن جي ڇڙوڇڙ طالباني ھجوم ۾ مون کي لفظن، طعنن، طنزن ۽ نفرت جھڙن زھريلن روين سان سنگسار ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو. ايتري تائين جو مون کي بابا وارن به قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، ادا ته مون کي مارڻ لاءِ ھر وقت آتو ھو، نيٺ امان وڃي ايلاز منٿ ڪري مون کي واپس گھر ۾ پناھ ڏني، جن به ستت ئي مون کي اھڙي قبيلي ۾ پرڻائي ڇڏيو. جتي مون سان ايترا ظلم ٿيا جو انھن کي ھاڻي ياد ڪرڻ جي به سگھ مون ۾ ڪونھي. انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙجي ڌوڙ ٿي ويا، مڙس به، ڏير به، ته سھرو به..!!!! اھڙي حالت ۾ ڀلا مان پنھنجا حواس ڪيئن سلامت رکان ھا؟… مجبور ٿي مون کي ھن اڻ ڄاڻ شھر ۾ اچڻو پيو، جتي به ڪو ٺڪاڻو نه مليو، آخر مون ھن گند جي ڍير تي پناھ ورتي، پر ھتي به روز ڪي ماڻھو اچن ٿا ۽ پنھنجي بک اجھائي ھليا ٿا وڃن.
ڇا مان واقعي چري آھيان؟ يا مون کي چريو بڻايو ويو؟ ھا ھاڻي مان پنھنجي ڏيک ۾ چري لڳان ٿي، پر مان چري ناھيان.
مون کي آخر ڇا جي سزا ڏني وئي؟ پيار ڪرڻ جي؟ يا جنسي لاڳاپا رکڻ جي؟ جيڪڏھن مان جنسي لاڳاپا رکيا ۽ اھو ڏوھ آھي ته ان ڏوھ ۾ ته مون سان پنھون به شامل ھو، پوءِ اھو ڇو ڪنھن به سزا کان آجو آھي؟ مون سان ھي حشر ڇو آھي؟ ڇا مان عورت آھيان ان ڪري؟ ڇو عزت ۽ غيرت جي عمارت جا بنياد عورت تي رکيا ويا آھن؟
ڪالھ جڏھن مون پنھنجي جسم تي پنھنجي مرضي گھري ته سڀني کي اعتراض ٿيو ۽ اڄ جڏھن منھنجي جسم تي سندن مرضي آھي ته ڪنھن کي اعتراض ڪونھي، ڇو؟ ھاڻي… ھاڻي ته مون کي پنجون مھينو پيٽ به آھي، خبر ناھي منھنجي ھن ٻار جو پيءُ ڪير آھي؟ ھن جي ڄمڻ کانپوءِ ڪير ھن کي پنھنجو ڪندو؟ ھن جو مستقبل ڇا بيھندو؟ مان ته ھن گند جي ڍير تي رھان ٿي، پر ھي ڪٿي رھندو؟ اسڪول ۾ پڙھي سگھندو؟ بنا پيءُ جي نالي جي ڪيئن داخلا ملنديس؟ جڏھن ماڻھن کي خبر پوندي ته ھن جو پيءُ ڪونھي ته ماڻھو ھن کي رھڻ لائق ڇڏيندا؟ ھي ته حرامي ٻار سڏبو.! ۽ حرامي ٻار کي اسان جو سماج ڪيئن قبول ڪندو…؟
پر… پر مان ايئن ڇو ٿي سوچيان منھنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار ڀلا پٽ ئي ڇو ھوندو؟ جيڪڏھن ڌيءَ ھجي ته؟؟؟ ڌيءَ…!! نه نه نه نه ڌيءَ نه ڌيءَ نه ھجي. مان ڌيءَ کي جنم نه ڏينديس، ڪڏھن به نه ان کان ڀلو آھي ته مان ھي ٻار ڪيرائي ڇڏيان. ھنن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ مان ھڪ ڇوڪري کي جنم نٿي ڏيئي سگھان؟ نه ڪڏھن به نه… ھي جيڪي گند جي ڍير تي ستل ھڪ گدلي عورت مان نٿا مڙن سي ھڪ ڇوڪريءَ کي ايئن سٿرو ڇڏي ڏيندا؟؟ ھي ته ايترا وحشي ٿي چڪا آھن جو وحشي دور ۾ به انسان ايترو وحشي نه ھو. جيڪڏھن کين اندازو ٿي وڃي ته منھنجي پيٽ ۾ ڇوڪري آھي ۽ ھنن جو وس پڄي ته ھي منھنجي جسم ۾ اندر گھڙي ان سان به سيڪس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
***