بلاگ

هڪ نصاب ۾ شامل ڪرڻ جهڙو ڪتاب منور سنديلو | # جنوري 2022

فلسفي ھميشه زندگي ۽ انسان کان بنيادي سوال پُڇا آھن.

اسين ڪير آھيون؟

ھي ھستي ۽ ڪائنات ڇا آھي؟

عدم ڇا آھي؟

عدم مان وجود ڪيئن بڻيو؟

خير ۽ شر ڇا آھي؟

جبر ڇا آھي؟

انساني اختيار جي معنيٰ ڇا آھي؟

پاڻ، ھي ھستي، ھي ڪونُ و مڪان، مادو، روح، خيال ۽ انساني ضمير ڇا آھن. انسان انھن بنيادي سوالن جي جبر کي ٽوڙڻ لاءِ فلسفين نون نون زاوين سان انساني فڪر دعوت کي ڏيندا رھن ٿا. اوائلي دور ۾ سائنس تاريخ ۽ فلسفو سڀ پاڻ ۾ گڏ ھئا ۽ آھستي آھستي سائنس ۽ فلسفي جا خد و خال واضح ٿيڻ شروع ٿي ويا. جڏھن ڊيموڪريٽس، سقراط، افلاطون، ارسطو، ڊيڪارٽ، اسپينوزا، نيوٽن، گليلو، ھيگل، ھيوم، ڪانٽ، ڊارون، مارڪس ۽ سارتر جھڙن ڏاھن زندگي ۽ علم کان علم جا بنيادي سوال پڇي انسان کي سوچڻ لاءِ ھڪ راھ ھموار ڪئي ته سوچجي ڪيئن؟ ڪيئن ھن ھستي ۽ ڪائنات جي رازن تان پردو ڪھڙي سوچ جي انداز سان کڻبو.

پراڻي وقت ۾ انسان ھميشه عقلي ۽ فھمي سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ مذھبن جو سھارو ورتو ۽ جڏھن مذھبَ انسان جيexistence  جي بنيادي سوالن جا جواب نه ڏيئي سگھيا ته انسان فلسفياڻي انداز سان سوچڻ لڳو.

فلسفي جي شروعات تقريبن 6 سئو سال ق. م يونان مان ٿي جڏھن مذھبيmyth  بنيادي سوالن جا جواب ڏيڻ کان عاري ھئي ۽ فلسفي ٻڌايو ته اھڙن مذھبي بيانن ۽ تشريحن تي اعتبار ۽ ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.

نويد سنديلو علم ۾ فلاسافيsubject  جي چونڊ ڪري ڏاهپ جو اظهار ڪيو آهي. سندس ڪافي سالن جي محنت اڄ اسان کي ھي ڪتاب (فلسفي جي تاريخ) پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ ڏنو آھي. قديم ترين يوناني فلاسافر کي طبعيphilosophers  physical چيو ويندو ھو سندن سارو سروڪار طبعي دنيا ۽ فطرت جون عمل ڪاريون ھيون ۽ سندن سوچ جو زاويو زنده مڇيون پاڻي مان ڪيئن پيدا ٿين ٿيون. سندن سوچ جو انداز سوال ڪرڻ جو علمي طريقو ۽ انھن سوالن مان فلسفي کي واضح ڪرڻ لاءِ ھميشه غور فڪر ۾ رھندا ھئا. طبعي فلاسافر نيٺ فڪري دليل ساڻ کڻي پنھنجي دور جي مذھبن مان آزادي حاصل ڪري ورتي.

بابلين مان فيضياب ٿيل ٿالس 550 ق. م ۾ اھو پھريون فلسفي ھو جنھن سج گرهڻ جي ٺيڪ ٺيڪ پيشن گوئي ڪري سڀني دانشورن لاءِ علمي راهون ھموار ڪيون.

ھيراڪليٽس 475- 535 ق. م ۾ جنھن چيو هي عالم ھرھڪ لاءِ ھڪ جھڙو آھي. ھن ڪائنات کي نه ئي ڪنھن انسان يا ڪنھن ديوتا بڻايو آھي. اسين پنھنجي عقل سان عالم جا قانون ڄاڻي سگھون ٿا. ھيراڪليٽس مسلسل تغير جو قائل ھو ڪائنات جي ھر شيءِ ھر وقت تبديلي مان گذري ٿي…

اوھان ھڪ ئي درياهه ۾ ٻه دفعا قدم نٿا رکي سگھو..

ھر روز ھڪ نئون سج اڀرندو آھي.

اسين آھيون به ناھيون به

تغير ۽ تبدل حقيقي آھن…

ھر شيءِ پنھنجي بطن ۾ پنھنجو ضد رکندي آھي ۽ انھن ضدن جي

 آويزش ۾ حرڪت ۽ زندگي جا راز مخفي رکيل آھن.

واقعات ئي ڪائنات جا اصول آھن..

ھر واقعو وقتي ۽ گذرندڙ ھوندو آھي..

انسان جو ڪردار ئي ان جو مُقدر آھي…

ايپيڪورس:

جنھن انسان کي مُسرت جو فلسفو ڏنو جنھن چيو ته فلسفي جو مقصد ئي اصل ۾ اھو آھي ته انسان کي وھمن ۽ خدشن کان نجات ڏياري وڃي..

دھشت کي دل مان ڪڍي ڇڏيو پوءِ اوھان کي مُسرت ملي ويندي.

جڏھن موت ھوندو آهي ته اوھين ناھيو ھوندا ۽ جڏھن اوھين ھوندا آھيو ته موت ناھي ھوندي..

نيڪي مطمئن ۽ آسوده ذھنن سان ملندي آھي..

ايپيڪورس جي سامھون جڏھن اُستاد دنيا جي وضاحت ڪرڻ گھري ۽ استاد چيو ھر شيءِ بد نظمي مان پيدا ٿي آھي. ايپيڪورس استاد کان پڇيو اھو ٻڌايو ته اھا بدنظمي ڪٿان پيدا ٿي. ايپيڪورس جي ان سوال کانپوءِ سندس استاد حيرت ۽ تجسس سان ڏانهس ڏسڻ لڳو. زندگي ته ھڪ ميڪانيڪي ڪائنات جو ھڪ حادثو آھي. ھي بي ڪنار ۽ بي انت خلا ۾ ذرڙن جي حرڪت جو حادثاتي نتيجو آھي.

فلسفو قديم ترين علمن مان آھي جنھن جا مختلف سماجن ۾ مڪتبهءِ فڪر قائم ڪيا ويا آھن. اگر ساري گرد و پيش تي نظر ڦيرائي وڃي ته ھي سڀ مظھر يا ته مادي آھن يا روحاني/خيالي آھن. مادي شين ۽ مظھرن ۾ ھر اھا شيءِ شامل آھي جا معروضي طور وجود رکي ٿي. مطلب انساني شعور کان ٻاھر ۽ ان کان آزاد وجود رکي ٿي. (زمين جي ھر شيءِ ۽ ڪائنات ۾ موجوده اڻ ڳڻيا جسم وغيره). ٻئي پاسي ھر اھا شيءِ آهي جا انسان جي شعور ۾ پنھنجو وجود رکي ٿي ۽ ھر دماغي سرگرمي (خيالات محسوسات ۽ جذبات وغيره) جي دائري ۾ اچي ٿي اھا سڀ خيالي ۽ روحاني دائري سان تعلق رکي ٿي. ماديت ۽ روحانيت کانسواءِ ٻيو ڪجھ موجود ناھي مٿيان ٻئي دائره فلسفي جا بنيادي مُحرڪ آھن. ڇا مادي شعور کي جنم ڏنو يا شعور مادي کي جنم ڏنو؟ فلسفي جي بنيادي پھلوئن ۾ شامل سوال آھن. ماديت پرست چون ٿا دنيا کي جاچي سگھجي ٿو، پرکي سگھجي ٿو. ان لاءِ دنيا ۽ انسان جو علم شين جي اندروني فطرت ۽ ان جي ماھيت کان آگاھي حاصل ڪرڻ جي لائق آھي ۽ تصور پرست چون ٿا ھن ڪائنات کي ھڪ آفاقي روح ھجڻ بغير اسان نٿا سمجھي سگھون…

هونئن ته سنڌي ۾ فلسفي تي ڪافي ڪتاب آيل آھن جيئن سائين رشيد ڀٽي جو (سچ جو فلسفو)، ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب (ڏاھپ جو اڀياس)، اڪبر لغاري جو (فلسفي جي مختصر تاريخ)، سائين ابراھيم جويو جو ترجمو ٿيل (فلسفي جو ابتدائي ڪورس) وغيره سڀ بھترين ڪتاب لکيل آھن، پر سائين نويد سنديلو جو ھي ڪتاب (فلسفي جي تاريخ) بيحد مختلف انداز ۾ پنھنجي نون فڪري ۽ لاڙن سان ھڪ اڪيڊمڪ انداز سان پرکيو  سھيڙيو ۽ تخليق ڪيو ويو آھي. ھڪ بھترين بائينڊنگ اعليٰ ڪوالٽي جو پيپر ۽ خوبصورت ٽائيٽل جنھن ۾ ھڪ فلسفي فلسفياڻي انداز ۾ پنھنجي ساز و سامان سان ڏيکاريو ويو آھي. نويد سنديلو جي ھڪ خوبصورت تصوير بيڪ ٽائيٽل تي ھارورڊ يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي اسڪالر پي لنگ ھوھانگ پنھنجا بھترين ويچار ونڊيا آھن. ڪتاب تي ٻه اکر سائين راشد دائودپوٽو بھترين انداز سان لکيا آھن. ڪتاب اندر اوھان کي ڪٿي ڪٿي اڻ لڀ ۽ ناياب تصويرون به ملنديون جن جي فن کي ڏسي ڪري اوھان ڪتاب جي اڌ نيو ڪلس مان پاڻ ئي واقف ٿي ويندا. تاريخي تصويرن جي تھذيب ۾ اوھان داخل ٿي خود کي هڪ عجيب دنيا جو وارث تصور ڪرڻ لڳندا. ھن ڪتاب کان اڳ به نويد سنديلو ڪيترائي ڪتاب تخليق ڪيا آهن.

  1. The wings of wisdom
  2. رابيل رُت مايا نگر  /شاعري 2006
  3. البرٽ آئنسٽائن /جيون ڪٿا 2013
  4. وجوديت جو فلسفو / ڇپائي ھيٺ

۽ ھي سائين جو پنجون ڪتاب (فلسفي جي تاريخ) اسان جي ھٿن ۾ آھي.. نويد سنديلو فلسفي ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ۾ يارنهن سال ايڊيٽر طور (انگريزي ۽ سنڌي) لُغتن تي ڪم ڪيو. آڪسفورڊ پريس پاران شاگردن لاءِ نصابي ڪتاب تيار ڪيا ۽ استادن جي رھنمائي لاءِ سکيا جا ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ھينئر سائين پنجاب جي ڪنھن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيا آھن. نويد پنھنجي ڪتاب کي ڏاڍو آسان ۽ سولي سنڌي زبان ۾ لکي سنڌي ادب ۾ علم ۽ هڪ سٺي ڪتاب جو واڌارو ڪيو آھي. ڪتاب چوڏھن بابن تي مشتمل آهي. ھرھڪ باب ۾ پنھنجي پنھنجي دور جي فلاسافر جي فلاسافي ڏئي ۽ تخليڪار آخر ۾ نتيجو لکيو آھي جيڪو ڏاڍو جاندار ۽ سمجھ ۽ ڏاھپ تي آڌاريل آھي، جيئن پڙھندڙ کي اگر ڪا ڳالھ يا فلسفي جو فڪر سمجھ ۾ نه اچي ته نتيجو ڏسي ان فلاسافر جو مقصد آسان ٿي پوي ٿو. تخليڪار پاڻ ان فلسفي کي ڪيئن ڏٺو پرکيو ۽ سمجھيو آھي…

باب پھريون.. يوناني ڏند ڪٿائون مذھب ۽ ادبي روايتن ڪيئن جنم ورتو.

يونان جو اونداھو دور

آڳاٽا مذھب.

آڳاٽيون myths

يوناني ادب

زبان شاعري ۽ آخر ۾ نتيجو…

باب ٻيو:

فلسفو ڇا آھي؟

ڏاھپ ڪيئن ماڻجي؟

اخلاقيات

سياسيات

جماليات

ماديت پسندي

خيال پسندي

جيئن باب ٻيو ۾ اخلاقياتethics  ۾ لکي ٿو.

ھي علم به يونان مان ڦُٽي نڪتو اخلاقيات جو واسطو ماڻھو ۽ سندس  سماج جي ڪردارن سان لاڳاپيل آھي

اخلاقيات جا خاص ٽي گـڻ ٿين ٿا:

  1. نيڪي goodness
  2. سـونھن beauty
  3. سچ/حق truth

مطلب ھر اھو عمل جو انسان سان انسان طور نڀايو وڃي. انسان بنيادي طور حُسن شناس آھي انسان جي جيڪا به جستجو يا تلاش ھجي اھا سچ لاءِ ھجي.

ڪتاب جو باب ٽيون:

آڳاٽو يوناني فڪر، ٿيلس، آهنگي مينڊر

باب پنجون، ھيراڪليٽس

باب ڇھون، ايليائي مڪتبهءِ فڪر

باب ستون، ڪثرت جو فلسفو علم بدن جا ماھر

ايئن ٽوٽل چوڏھن بابن تي مشتمل ھي ڪتاب اسان سڀني علم دوستن کي پڙھڻ گھرجي جنھن جي دل شعور ۽ علمي بصيرت لاءِ ماندي هجي ته ان ھر فڪرمند ڏاھي کي ھي ڪتاب پڙھڻ گھرجي جنھن سان ذھني باليدگي اجاگر ۽ روشن ٿئي ٿي ۽ انسان سوچڻ لڳي ٿو ته ھن بي ڪنار ڪائنات ۾ منھنجو مقام ڇا آھي..

ڇا ڪائنات جو آغاز ٿيو ۽ ان جو انجام به ٿيندو. انسان مجبور آھي يا انسان مختار آھي. حسن موضوعي آھي يا معروضي، فرد اجتماع لاءِ آھي

يا  اجتماع فرد لاءِ يا حصولِ زندگي صرف پنھنجي ذات ۽ خواھشن لاءِ آھي يا ڪنھن انساني مقصد لاءِ ڪا ڪشش محسوس ڪجي ٿي يا نه..

صداقت ڇا آھي ۽ صداقتون اسان ڪيئن ڳوليون؟

انھن مٿين سوالن جا جواب ھن ڪتاب ۾ اوھان کي ملي ويندا. ھي ڪتاب اوھان جي ذھنن جي بند دري کولي اوھان کي شعور جي بھارن سان واسي سگھي ٿو ۽ پنھنجي ديانت ۽ جرُئت سان اوھان پنهنجون ذھني اذيتون ختم ڪري ھڪ اعليٰ فڪري معراج ماڻي سگھو ٿا.

جيئن ھيٺيان فلسفياڻا ۽ سائنسي سوال بيٺا آھن.

ڇا ڪائنات کُلي ٿي ٿئي…

ڇا ڪائنات بند ٿي ٿئي…

يا ڪائنات سڌي flat ٿي ٿئي…

اھڙن سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ وري به انسان کي پنھنجي ڏاھپ، فڪر، فلسفي ۽ پنھنجي جديد سائنس کي واجھائڻو پوندو.

آخر ۾ اچو ته فلسفي ۾ ھيگل جي ھن مثال کي ڏسون..

ھيگل جي فلاسافيthesis, antitheses , ۽  syntheses

جي آڌار اگر فرانسيسي انقلاب جي پسمنظر سان ڏسون ته انقلابٍ فرانس بعدthesis  جو عمل شروع ٿي ويو ھو جنھن ۾ انفرادي ۽ سياسي آزادي جو تصور جڙيو ۽ بعد ۾ 1793 کان 1794 تشدد جي لھر اٿي ۽ فرانس ۾ antithesis جو عمل شروع ٿي ويو، ان تشدد جي نتيجي ۾ فرانس ۾ آئيني طور تي ھڪ آزاد شھريت جو تصور اڀري آيو  ۽ ساري فرانس ۾ synthesis جو عمل شروع ٿي ويو.

فرانس جي ان ساري انقلاب کي اگر ھڪ فلاسافر جي نظر سان ڏسون ته ڪيئن نه انھن ڏاهن پنھنجي فڪري ۽ شعوري ڏاھپ سان سماج ۽ تاريخ کي سمجھڻ لاءِ ڪيترو نه فلسفو خلقيو آھي. نويد سنديلو جو ھي ڪتاب به ضرور ھڪ ساهي پٽيندڙ شعورنantithesis  ۾ واڙيل فڪرن کي synthesis جي جھولي ۾ ھي ڪتاب ھڪ ڏاھپ ڀريو روح ضرور ڦوڪي ڏيندو.