بلاگڪهاڻيون

چينل ايڪس فائيو

ڪهاڻي
رشيد چوڏھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڳوٺ واري مدرسيءَ ۾ مولوي قطب الدين جي شاگرديءَ ۾ قرآن پاڪ پڙھي ختم ڪري، ياد حافظ قران بڻيو ھو.
ھو مدرسي جو تمام ذھين ترين کٿابي ھو. قرآن پاڪ کي پورو حفظ ڪرڻ تي رشيد کي پنھنجي استاد مولوي قطب الدين پنھنجو پٽڪو لاھي پارايو ھو ۽ مدرسي ۾ مٺائي به ورھائي ھئي. مولوي قطب الدين پنھنجي مدرسي جي سڀني شاگردن مان چونڊ رشيد جي ڪئي ھئي ۽ پنھنجو جانشين بنائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ھو. ساڳي ڏينھن ھُن رشيد کي مدرسي واري مسيت ۾ جمعي واري نماز جي امامت پڻ ڪرائي ھئي، پر ڪجھ مھينن بعد رشيد کي مدرسي ۾ جڏھن ‘نجان باگڙياڻيءَ’ جي ڌيءَ ‘ڇيڳريءَ’ سان کٿابِن ڀاڪرن ۾ پڪڙيو ھو ته ڄڻ سڄي مدرسي ۾ ھُل مچي ويو ھو. جنھن خبر کي ٻڌندي ئي مولوي قطب الدين کي ڄڻ پنھنجي فيصلي تي شرمندگي ۽ پڇتاءُ محسوس ٿيڻ لڳو ھو. مولوي قطب الدين ڪاوڙ ۾ سڄي مدرسي جي کٿابِن سامھون رشيد کي سندس پارايل پنھنجي اھا پڳڙي مٿي تان لاھي کسي ورتي ھئي. ‘رشيد’ کي پنھنجي غلطيءَ تي گھڻو پڇتاءُ ته ھو، پر اھو به سچ ھو ته ھن ‘ڇيڳريءَ’ سان سچي محبت ڪئي ھئي. ھن جي وجود ۾ پنھنجو عڪس ڏسي ڄڻ پاڻ کي ھن جي وجود ۾ اوتي ڇڏيو ھئائين.
باگڙين مولوي قطب الدين جي چوڻ تي ‘ڇيڳريءَ’ جو ڪارو منھن ڪري، ڳوٺ ٻاھران پنھنجي اڏيل پکن ۾ گھمايو ھو. جيڪا خبر ٻڌندي ئي رشيد کي ‘ڇيڳريءَ’ جي عشق جي پڄاڻيءَ تي ڏاڍو ڏک ۽ رنج ٿيو ھو.
ھو مولوي قطب الدين جي سامھون ڪنھن ڏوهاري جيان بيٺل ھو، پر کيس اھا پڪ ھئي ته سندس غلطي معاف ڪئي ويندي، پر ايئن ٿيو ڪونه!
مولوي قطب الدين جو فيصلو رشيد جي زندگيءَ لاءِ ڄڻ پٿر تي ليڪ بڻجي پيو ھو. ھو مولوي قطب الدين جو فيصلو ٻڌندي ئي خاموش ٿي ويو. اکيون ندامت مان ھيٺ جُھڪي ويون ھئس. جنھن مان ڳوڙھا به ڪرندا رھيا ھئس. ھو سڏڪندي آلين اکين سان خاموش مدرسي مان نڪري ويو ھو. جنھن کانپوءِ رشيد ڪيترا سال پنھنجي گھر ۽ ڳوٺ ڏانھن ڪونه موٽيو، پر پڻس ‘عمر دين’ کي اھا ڄاڻ ھئي ته سندس پٽ ڪنھن انگريز وٽ نوڪري پيو ڪري، جيڪو آئل اينڊ گئس ڪمپني ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. اصل ۾ ھو برطانيا جو شھري ھو. نالو ھئس ٿامسن موري.
‘ٿامسن موري’ تعلقو نارو ۾ گئس اينڊ آئل ڪمپني جي آفيسرز ڪالوني ۾ پنھنجي فيملي سان رھندو ھو. ‘ٿامسن موري’ جو روح صوفي ھو. ھو صوفي راڳ ٻڌڻ جو وڏو شوقين ھو. ھميشه اجرڪ ڪلھن تي رکي ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي پوءِ ئي گھر کان ٻاھر گھمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندو ھو. ھو رشيد کان عربي ۽ سنڌي پڻ سکندو ھو ۽ کيس ڏاڍو ڀانئيندو ھو. ‘ٿامسن موري’ سچل جي عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌيءَ ۾ مقالو پڙھي سڄي ھال کي ڄڻ حيران ڪري ڇڏيو هو. مقالي جو عنوان ھو “دنيا جو ھر صوفي امن چاھي ٿو” ھو ‘ٿامسن موري’ جي نوڪري کي ڇڏي، ڳوٺ تڏھن موٽيو ھو، جڏھن سندس ماءُ ‘جنت خاتون’ فوت ٿي وئي هئي.
ھن مولوي قطب الدين جي فتويٰ ڏيڻ باوجود پنھنجي ماءُ جو جنازو پاڻ پڙھايو ھو، پر مولوي قطب الدين ھن جي پٺيان سندس ماءُ جو جنازو ڪونه پڙھيو. انھيءَ لاءِ ته مولوي قطب الدين جي نظرن ۾ ھو عيبدار ۽ گنهگار ھو.
رشيد جي ڳلي ۾ قدرت اھڙو ته مٺاڄ رکيو ھو جو جڏھن به ھو قرآن جي ڪنھن به آيت جي قرائت جلسن ۾ يا مسيت ۾ ڪندو ھو ته سندس مٺي آواز تي پکي به اچي گڏ ٿي ويندا ھئا. جماعت جي ماڻھن جا ته ڄڻ جسم سن ٿي ويندا ھئا. ماڻھن جا روح خاموش ٿي ڄڻ سندس آواز ۾ گم ٿي ويندا ھئا. گذرندڙ ماڻهو به بيھجي ويندا ھئا. ڪيترن ئي ماڻھن جون الله جي ڪلام ٻڌڻ سان ئي اکيون آليون ٿي وينديون ھيون.
مولوي قطب الدين ته سڄي جماعت اڳيان ممبر تي ئي سڏڪن ۾ ٻٽجي ويندو ھو، پر رشيد جو پنھنجو روح ھميشه ڄڻ پڃري ۾ ڦاٿل پکيءَ جيان بيچين ۽ ڦٿڪندو رھندو ھو. ڪيترائي سوال ھن جي ذھن ۾ ھئا، جيڪي لاٽوڻي جيان پيا ڦرندا ھئس. جنھن جا جواب ھن پنھنجي استاد مولوي قطب الدين کان ھر وقت پڇا پئي، پر ھو ھميشه جيان جواب ڏيڻ کان نٽائيندو ھئس يا ڪو نه ڪو بھانو ڪري ويندو هو. پوءِ به ڪجھ سوالن جا جواب ڏنا ھئائينس ۽ بعد ۾ اھو چئي ڪري ته “جيڪو ڪجھ تون پڇڻ گھرين ٿو اھو سڀ ڪجھ انھيءَ الله جي ڪتاب ۾ لکيل آھي.”
پر پوءِ به رشيد پنھنجي استاد جي انھيءَ جواب مان مطمئن ڪونه ٿيو. ذھن ۾ جيڪا اڻ تڻ ھئس سا ساڳي جو ساڳي رھي ھئس. ھڪ اندر ۾ بيچيني ھئس. روح ۾ اڻتڻ ۽ اداسي ھئس. جنھن ھن کي ڪٿي ٽڪڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو.
ماءُ جي وفات کانپوءِ سندس پيءُ ‘عمر دين’ ڪجھ مھينن ۾ ئي ٻي شادي ڪري ورتي ھئي، جيڪا ڳالھ رشيد کي ڪونه وڻي، جنھن کانپوءِ ھُن پنھنجي گھر کي ھميشه ڪاڻ ڇڏيو. مورڳو پنھنجو اباڻو ڳوٺ ئي ڇڏي ھليو ويو.
پڻس ‘عمر دين’ ڏاڍيون منٿون ڪيون ھئس، پر ھو ضد تان ڪونه لٿو. ھو بار بار اھو چوندو رھيو “بابا! مان سڀ ڪجھ وڃايو آھي… مسجد مان خدا وڃايو… دل مان ڇيڳريءَ کي وڃايو… گھر مان امڙ کي وڃايو… مدرسي مان استاد کي وڃايو… ڳوٺ مان پاڻ کي وڃايو… ھاڻ مون وٽ آھي ڇا؟!”
ھو ‘عمر دين’ اڳيان ھٿ ٻڌي بيهي رهيو ھو. ‘عمر دين’ ھن جا ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ پڪڙيندي سڏڪي پيو ھو. اکيون ڇلڪي پيون ھئس.
“مان سفر ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آھي بابا… مون کي سفر ڪرڻ ڏي… منھنجي پيرن جي زنجير نه بڻجي پئو…”
‘عمر دين’ جون اکيون ٻيھر ڇلڪي پيون. جوان پٽ کي ڀاڪر ۾ ڪري ڇاتيءَ سان لاتائين ۽ پيشانيءَ تي پنھنجا سرد چپ رکي چمي ڏنائين ته رشيد به روئڻ ۾ ٻٽجي ويو ۽ پيءُ جي ڀاڪر مان پاڻ کي ڌار ڪري اڳتي وڌي ويو.
رشيد بنيادي طرح مدرسي جو پڙھيل لکيل طالب ھو. ھو پھريون طالب ھو جنھن کي عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ ٻوليءَ تي عبور حاصل ھو. انگريزي ٻولي ھن کي پنھنجي پيءُ عمر دين پڙھائي ھئي. جيڪو ڳوٺ جي اسڪول ۾ انگريزيءَ جو ماستر ھو. باقي عربي ۽ فارسي ھن کي مولوي قطب الدين مدرسي ۾ پڙھائي ھئي. رشيد جو جيترو چھرو خوبصورت ھو. ايڏو سندس اکين جو نيرو رنگ ڪشش جو سبب ھو.
ھن جي چھري تي نظر پوڻ کانپوءِ ماڻھو سندس چھري تان نظر ئي ڪونه ھٽائي سگهندو هو. رشيد کي اھو ڏک ضرور ھو ته ممبر تي ويھي جمعي جو خطبو ڏيڻ ۽ تمام سٺي تقرير ڪرڻ جي ڏانءُ ھجڻ باوجود ھو ڪنھن مسجد جو پيش امام ڪونه بڻجي سگھيو ھو. جيڪو ڏک دلي طرح سندس استاد مولوي قطب الدين کي سڄي حياتي رھيو.
رشيد پنھنجو اباڻو شھر ڇڏي، جڏھن ڪراچي ۾ پنھنجي ننڍپڻ جي دوست ڪامران وٽ ھڪ اجنبي شھر ۾ اچي رھڻ لڳو ھو. جنھن شھر کي روشنين جو شھر به سڏيو ويندو آھي. رشيد شھر جي ھجوم ۾ گھمندي، جڏھن شھر جي وڏين آسمان کي ڇھندڙ عمارتن کي ڏسندو آهي ته ھو ڪجھ دير لاءِ ڄڻ خاموش ٿي ويندو آھي. ڄڻ ھن کي انھن عمارتن کان ڊپ ٿيڻ لڳندو آھي.
ھو شھر جي فوٽ پاٿ تي ھلندي ھلندي ھڪ خوبصورت عمارت کي ڏسي سوچڻ لڳي ٿو. اھا عمارت ڪنھن وڏي بزنس مين جي ھوندي يا ڪنھن سياسي ماڻھو جي به ٿي سگھي ٿي. هو ھجوم سان ڀريل شھر ۾ سوچيندو سوچيندو اڳتي وڌي وڃي ٿو. ھن کي ڪراچيءَ ۾ ڪجھ ئي مھينا ٿيا ھئا. شروعاتي ڏينهن ۾ ته ھو ڳوٺ جي دوست ڪامران وٽ اچي رھيو ھو. جيڪو ريڊي ميڊ ڪپڙن جي فيڪٽريءَ ۾ پيڪنگ جو ڪم ڪندو ھو. ڪامران چرس جو موالو ھو. تنھنڪري رشيد ٿوري وقت ۾ ئي، ھن کان الڳ ٿي ويو ھو ۽ اڪيلو رھڻ لڳو ھو، پر ڪم ھن سان ساڳي ئي فيڪٽري ۾ ڪندو ھو.
ھيڏو وڏو شھر.. ھر طرف آدم ئي آدم.. ڄڻ ھو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ھو. حالانڪه ھو اڪيلي رھڻ جو عادي ته شروع کان ئي ھو. جيڪي ڪجھ پئسا ھئس، اھي به ھاڻ ختم ٿيڻ لڳا ھئس. پگھار جيڪا ملندي ھئس، اھا به گھڻي ڪونه ھئي.
ھو ڪنھن ٻي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ھر وقت ھو. جنھن ۾ ھن ڏاڍيون تڪليفون سٺيون ھيون.. ايئن ھن کي اھا به پڪ ٿيڻ لڳي ھئي ته روح رولاڪ به ٿين ٿا ۽ سندن رولاڪيون ڀٽڪائين به ٿيون… ھن ڪجھ ڏينھن کان سوچيو پئي ته پوئتي موٽي وڃان. ھن جا پير ھن شھر ۾ ڄڻ ٿڪجي پيا ھئا. انھيءَ ڪري ھن پوئتي موٽڻ ئي پاڻ لاءِ بھتر سمجھيو، پر ھڪ اندر ۾ اميد ھئي جنھن ھن کي ھيڏي وڏي شھر ڏانھن سفر ڪرايو ھو. تنھن اڄ ھن کي پوئتي موٽڻ نٿي ڏنو. ڇو ته ھن جي پيرن زندگيءَ ۾ اڳتي پنڌ ڪرڻ ئي سکيو ھو.
رشيد جنھن بستيءَ ۾ رھندو ھو، ان بستيءَ ۾ ھن جي ڄاڻ سڃاڻ گھڻي ته ڪونه ھئي، پر ھڪڙو دوست بڻيو ھئس. نانءُ ھئس محبوب! ذات جو واجو بلوچ ھو.
محبوب بنيادي طور ڪراچي جو رھواسي ھو. ھو پاڪستان چوڪ وٽ ھڪ پرنٽنگ پريس ۾ ملازم ھو. ھن کي انگريزي ناول پڙھڻ جو ۽ انگريزي فلم ڏسڻ جو جنون جي حد تائين شوق ھو. جيڪو شوق محبوب واجي جي صحبت ۽ دوستيءَ ڪري ڄڻ رشيد ۾ به اوتي ڇڏيو ھو. ھو ٻئي ڄڻا ھر جمعي رات ڪراچيءَ جي ڪنھن نه ڪنھن سئنيما ۾ انگريزي فلم جي شو ڏسڻ لاءِ شھر جي سئنيما ھال ۾ ھوندا ھئا.
ھاڻ ته محبوب بلوچ جيان ھن کي به ھالي ووڊ جي ھر ننڍي وڏي اداڪار ۽ اداڪارا جو نانءُ ياد ٿي ويو ھو. رشيد کي محبوب بلوچ جي سفارش تي ئي شھر مان نڪرندڙ ”وطن اخبار“ جي پروف ريڊنگ واري نوڪري ملي ھئي، پر پروف ريڊنگ واري نوڪري انھيءَ شرط تي ملي ھئس ته پروف ريڊنگ پرفيڪٽ ھجڻ لازمي ھوندي. جيڪڏھن پروف ريڊنگ ۾ غلطيون رھيون ته بنا ٻڌڻ جي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويندو. ڇو ته آخر اخبار جي ساک جو سوال ھو. ايڊيٽر جا اُھي لفظ ھن پنھنجي ڪنن سان ٻڌا ھئا، پر رشيد جو پروف ريڊنگ وارو ڪم گھڻو درست رھيو. ايئن اخبار جو ايڊيٽر به ھن مان خوش رھڻ لڳو ھو، پر اخبار مان ملندڙ پگھار مان رشيد خوش ھرگز نه ھو. ڇو ته فلم ڏسڻ، گھمڻ ڦرڻ جو خرچ ۽ جڳھ جي مسواڙ ھن جي پگھار کان گھڻا خرچ ھئا، پگھار جي پئسن مان ته رڳو ھن جو پيٽ گذر ئي ٿي سگھندو ھو.
پر ھاڻ اخبار جو ايڊيٽر سندس ڪم ۽ ڏاھپ مان گھڻو متاثر ٿي چڪو ھو. انھيءَ ڪري ٿورو گھڻو مھربان به رھڻ لڳو ھئس. ڪڏھن ڪڏھن راضي ٿي پوندو ھئس ته اردو يا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ مواد ڏيندو ھئس. ايئن ھن کي ٻه، چار ڏوڪڙ وڌيڪ ملي ويندا ھئا ته ھو مالڪ مڪان کي ٻن ٽن مھينن جو رھيل ڪرايو به ڏيئي ڇڏيندو ھو ۽ فوٽ پاٿ تي رکيل رديءَ مان ھڪ، اڌ انگريزي ناول به پاڻ وٽ وٺي رکندو ھو.
ناول پڙھڻ جي عادت ھن ۾ محبوب واجي وڌي ھئي. جيڪا ھاڻ ھن جي سڀني عادتن تي حاوي ھئي. ايئن مالڪ مڪان به خوش ٿي ويندو ھئس ته ھن جون به ڪجھ راتيون ناول پڙھندي ۽ فلم ڏسندي شھر جي روشنيءَ ۾ رنگين گذري وينديون ھيون.
ھو غريبن جي بستيءَ ۾ ھڪ سنگل ڪمري واري ننڍڙي گھر ۾ رھندو ھو. جنھن گھر ۾ نه ھئي ٻارڻ لاءِ گئس، نه وري پيئڻ جو ڪو پاڻي!. ڇو ته سڄي بستي قبضي واري پلاٽ تي اڏيل ھئي. جنھن جي پلاٽ مٿان ڪيترن سالن کان بلڊر جو ڪيس ھلي رھيو ھو. انھيءَ ڪري گئس ۽ پاڻي لاءِ اھا بستي ڄڻ غير علائقو ھئي. رشيد ھميشه بستي وارن جي حق ۾ بلڊر جي خلاف پيو پنھنجي اخبار ۾ خبرون ڇپائيندو ھو ۽ بعد ۾ اخبار کڻي اچي مالڪ مڪان کي ڏيکاريندو ھو.. مالڪ مڪان کي انھيءَ اخبار جي ٻولي پڙھڻ ته ٺھيو، پر ڳالھائڻ به ڪونه ايندي ھئي ته اخبار جي خبر ھو ڪيئن پڙھي ٿي سگھيو، پر اھو ڪم رشيد پاڻ ئي ڪندو ھو. ھو انھيءَ خبر کي سندس ئي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو ھو ته مالڪ مڪان جون واڇون خوشيءَ ۾ وڃي ڪنن سان لڳنديون ھيون. ڄڻ مالڪ مڪان کي اخبار جي انھيءَ خبر کي ٻڌندي ئي اھا پڪ ٿي ويندي ھئي ته بلڊر ڪيس ھارائي ويندو. بعد ۾ ھو انھيءَ اخبار جي خبر جو ذڪر سڄي بستيءَ ۾ پيو ڪندو وتندو ھو. اھڙي بنا پئسي واري مشھوريءَ، رشيد جي سڄي بستيءَ ۾ ٿوري گهڻي عزت پڻ وڌائي ڇڏي ھئي.
ھو اڄ شھر جي رش ۾ وڪوڙيل روڊن تي اڻ کٽندڙ ريليءَ کي پنهنجي اخبار لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ نڪتو ھو. ھن ريليءَ ۾ مختلف قسمن جا نعرا ٻڌا پئي. اسلامي نعره، سياسي نعره، قومي نعره، عليحدگيءَ پسند جا نعره ھئا. بعد ۾ رشيد مختلف ليڊرن جون تقريرون ٻڌندي ئي تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجھ جملا پنھنجي ھٿ ۾ جھليل پني تي لکندو رھيو ۽ انھيءَ ليڊر جي چھري ۾ چوھ پائي ڏسندو رهيو، جنھن قرآن جي آيت جو ترجمو غلط ڪندي، پنھنجي تقرير سان ڳنڍيو ھو. جيڪو پنھنجي زوردار ۽ جوشيلي آواز واري تقرير سان سڄي جلوس جي ماڻھن جي ذھنن تي حاوي ٿي بيٺو ھو. رشيد کي ڪنھن اخبار لاءِ ھيءَ پھريون دفعو ھو جو ھيڏي وڏي جلسي جي رپورٽنگ ڪري رھيو ھو. ھن کي اھا ذميواري اخبار جي ايڊيٽر ڏني ھئي. پھريان ته ھن اھڙي ڪم ڪرڻ کان سڌو انڪار ڪيو ھو، پر ايڊيٽر جي گھڻي پيار کي ڏسندي، ھو فوٽو گرافر سان گڏجي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ جلسي گاھ ڏانھن ھليو آيو ھو. ڇو ته رشيد کي اھا خبر ھئي ته ڪجھ ڏينھن کان سٽي رپورٽر آفيس ڪونه ٿي آيو. ھن جي اڪيلي ننڍڙي ڌيءَ اسپتال ۾ داخل ھئي. بيماري ته الائجي ڪھڙي ھئس، جيڪا گھڻن ڏينھن کان اسپتال ۾ بيماريءَ جي بستري تي ھئي، جنھن جي ڪري ھو پريشانيءَ جي عالم ۾ آفيس ڪونه ٿي آيو.
رشيد جلسي جي رپورٽنگ ڪري آفيس موٽيو ھو. ايڊيٽر ھن جي انتظار ۾ اخبار کي پريس ۾ وڃڻ کان روڪيو ويٺو ھو. رشيد جي پھچڻ کانپوءِ ايڊيٽر اخبار جي ھيڊنگ ٺاھي ۽ اخبار پريس ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪلي ڏني ھئي. ايڊيٽر کي ھن جي رپورٽنگ ڏاڍي سٺي لڳي ھئي. جنھن جي بدلي ۾ ھن رشيد کي پٺاڻ واري کير پتي چانھ ۽ منو بھياريءَ جا قيمي وارا سموسا کارايا ھئا.
اليڪشن جي موسم مٿان ھئي. اخبار جي مئنيجمينٽ بورڊ فيصلو ڪيو ھو ته اخبار ۾ روزانو ڪنھن نه ڪنھن اھم سياسي شخصيت جو انٽرويو لازمي ھجڻ گھرجي. اھا اسائينمينٽ ايڊيٽر مالڪن جي چوڻ تي رشيد جي حصي ۾ رکي. ايئن ھُن ملڪ جي سياستدانن جا انٽرويو اخبار لاءِ ڪيا. ھن جي ورتل انٽرويوئن، ڄڻ اخبار کي مارڪيٽنگ ۾ ھڪ اسپيس وٺي ڏنو ۽ ”وطن اخبار“ گھڻين اخبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. ان کانپوءِ رشيد اخبار جو ۽ مالڪن جو ڄڻ ھڪ اھم حصو بڻجي پيو. ڇو ته اخبار جي ايڊيٽر سان گڏ ھاڻ اخبار جا مالڪ به ھن تي راضي ٿي پيا ھئا. ايڊيٽر جي موڪل تي وڃڻ کانپوءِ ھو اخبار جو ايڊيٽوريل به پاڻ لکڻ لڳو ھو. ھن جي لکيل ايڊيٽوريل ڄڻ سياسي ماحول کي سنسني خيز بڻائي ڇڏيو ھو.
ڄڻ سياسي ماحول ۾ ھڪ گرما گرمي پيدا ٿي پئي ھئي. ننڊ پيل حڪومتي وڏا وڏا سياسي کلاڙي سياسي آکاڙي ۾ لھي پيا ھئا. انھيءَ ڪري ھن جي پگھار به ٻيڻي ٿي وئي ھئي. گڏوگڏ ڪجھ پئسا ڪالم لکڻ جا به ملي ويندا ھئس، پر جڏھن کان رشيد انگريزي اخبار ۾ ھفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيو ھو تڏھن کان ھن جي شھرت اخباري دنيا ۾ سڀ کان الڳ ٿي بيٺي ھئي. ھن جي ڪالم کي چيف منسٽر کان وٺي پڙھيل لکيل منسٽر، شھر جا بزنس مين ۽ سيڪريٽري ليول جا ماڻھو پڙھڻ لڳا ھئا. نوجوان جيڪي سي ايس پي جي امتحان جي تياري ڪندا ھئا، اھي ته ڏاڍي چاھ سان پڙھندا ھئا. ھاڻ ته ڪيترين اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تان آفرون اچڻ لڳيون ھئس. ايئن رشيد ٿوري عرصي ۾ ئي انگريزي پڙھندڙن جو ھڪ محبوب ڪالمسٽ بڻجي پيو هو.
ھو وطن اخبار ڇڏي چڪو ھو.. ڇو ته ھن کي ان وقت مايوس ڪيو ھو جڏھن سندس دوست محبوب واجو بيمار ٿي پيو ھو. انھيءَ جي علاج لاءِ رشيد مالڪن کان پئسا گھريا ھئا، جيڪي ھنن ڪونه ڏنا. انھن ڏينھن ۾ رشيد پريشانين جي ڄار ۾ ڦاٿل ھو. ھن کي ڪجھ به سمجھ ۾ ڪونه ٿي آيو. ھن ڪيترن سالن کانپوءِ پنھنجي دوست جي زندگيءَ لاءِ آسمان ڏانھن ڏسندي، ھٿ مٿي کڻي، پنھنجي خدا کان مسجد ۾ وڃي دعا ۾ دوست جي زندگي پني ھئي. هن پنھنجي دوست کي سرڪاري اسپتال جي بستر تي رت جون الٽيون ڪندي، ڪڏھن به لاوارث وانگر ايئن مرندي نٿي ڏسڻ چاھيو. ھن کي وقت سان پئسا ملي ويا ھئا. جن پئسن سان ھن پنھنجي دوست محبوب واجي جو پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج ڪرايو.
ھاڻ رشيد پنھنجي ڪمٽمينٽ ۽ سچائيءَ سان انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ھو. جنھن اخبار ۾ ھو انگريزي ڪالم پڻ لکندو ھو. جنھن ڏکي وقت ۾ ھن جي مدد ڪئي ھئي. ھو شھر جي پوش علائقي جي ھڪ فليٽ ۾ رھندو آھي. فليٽ جيڪو اخبار جي طرفان مليل هئس. ھو ھن وقت ملڪ جي تمام وڏي ۽ اھم اخبار جو ايڊيٽر آھي ۽ ساڳي اخبار جي چينل تي اينڪر پرسن پڻ آھي. ھو ھر مھيني لکن ۾ پگھار کڻندو آھي. سندس تعلقات وزيرن، مشيرن ۽ شھر جي امير ترين ماڻھن سان آھن. ھو ھاڻ ايم پي اي ۽ ايم اين ايز کي ته گاھ ئي ڪونه وجھندو آهي، پر پوءِ به پنھنجي شھر جي سياسي ماڻھن جو خيال پيو ڪندو آھي… ھو چينل ”ايڪس فائيو“ تي ”ٽو دي پوائنٽ“ پروگرام جو اينڪر پرسن آھي. سندس سياسي تجزيو سڄي ملڪ جي ماڻھن کي وڻندو آھي. سندس تجزيو ڇا؟ ڄڻ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ ھٿ ھوندا آھن. ھو پروگرام جا اسڪرپٽ پاڻ لکندو آھي. سندس اسڪرپٽ جو لفظ لفظ زھر مان وھنتل ھوندو آھي. ھو پروگرام ۾ دليلن سان چٽو سچ ڳالھائيندو آھي. پروگرام جي ساک ۽ مشھوريءَ سندس اھي اشو ھوندا آھن جيڪي سڌا ماڻھن جي مسئلن سان لاڳاپيل ھوندا آھن. جن مسئلن کي ھو پروگرام ۾ بحث ھيٺ آڻيندو آھي.
ھو پنھنجي آفيس ۾ ويٺل ھو. اڳيان ليپ ٽاپ رکيل ھئس. جنھن جي اسڪرين تي ھو پنھنجي شو جي اسڪرپٽ لکي رھيو ھو. انٽر ڪام جي بيل وڳي ھئي. ھو انٽر ڪام کڻي ڳالھائڻ لڳو ھو. سي. اِي. او نور خان چينل جي مالڪ جي اچڻ جو ٻڌائي ٿو. ھو پنھنجي آفيس مان اٿي سي. اِي. او جي آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو. سامھون چينل جو مالڪ چوڌري جبار ويٺل ھو. ڀرسان سي. اِي. او نور خان بيٺل ھئس. چوڌري جبار ھن کي سامھون رکيل ڪرسيءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. ھو ڪرسي تي چوڌري جبار جي سامھون ويھي رھي ٿو. چوڌري جبار ھڪ نظر نور خان ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ھن سان مخاطب ٿيو.
”تنھنجي پروگرام جي ملڪ ۾ ايتري ريٽنگ آھي، جو اسان جو چينل نمبر ون تي اچي بيٺو آھي. اھا سڄي تنھنجي محنت آھي ۽ ھن چينل سان تنھنجي ڪميٽمينٽ ۽ سچائي پڻ آھي“ چوڌري جبار ھلڪي مرڪ چھري تي آڻيندي چيو.
”ٿينڪيو سر. منھنجي به ڪوشش اھا ئي رھي آھي ته اشو جيڪو به ھجي، عوام سان لاڳاپيل ھجي.“
”ھا بلڪل، اصل تنھنجي اسڪرپٽ جي سياسي حلقن ۾ ڏاڍي تعريف آھي. ايئن تنھنجي ڪالم بابت به پڙھيل لکيل ماڻھن جي راءِ سان اخبار جي سڄيEmail سائيڊ ڀري پئي آھي.“
”جي سر، مون ڏٺي آھي“ رشيد خوش ٿيندي چيو.
”مسٽر رشيد مان سمجھان ٿو يا منھنجي راءِ آھي ته اسان گورنمينٽ يعني حڪومتي پارٽي جي گھڻي کل لاٿي آھي.“ چوڌري جبار نور خان ڏانھن ڏسندي چيو. وري رشيد جي چھري ۾ ڏٺو.
”سر کل ته اڃان ڪونه لاٿي آھي، پر ھنن سامھون رڳو آئينو رکيو آھي… انھيءَ آئيني کي رکڻ لاءِ به اسان کي گھڻي محنت ڪرڻي پئي آھي… سچ کي وڏو ھوڪُو ڏئي ڪري عوام اڳيان وڪڻيو آھي…“ رشيد وڏو ساھ ڀريو ۽ چوڌري جبار جي چھري ۾ ڏٺو.
”ھا، پر ھاڻ مان ٿو چوان ته ھاڻ تون پنھنجي پروگرام ۾ ڪوڙ کي وڏو ھوڪُو ڏئي، سچ بڻائي عوام ۾ وڪڻ.“
”ڪوڙ کي وڪڻا!!.“
”ھا ڇو ته تو ۾ وڪڻڻ جو ڏانءُ مون وڏو ڏٺو آھي“
”مان توھان جو مطلب ڪونه سمجھيو؟“
”مطلب منھنجو ڪليئر آھي، مسٽر رشيد.“ چوڌري مرڪي پيو ۽ خوش ٿيندي ٻيھر ڳالھايو ”مان ھاڻي، ھاڻي سي ايم ھائوس ۾ سي ايم سان پرسنل ميٽنگ ڪري پيو اچان… ھن مون کي پنھنجي پرسنل نمبر تان فون ڪري گھرايو ھو… اھا ھئي تنھنجي پروگرام جي طاقت. ٻيو ته تنھنجي اخبار جو لکيل ايڊيٽوريل کان حڪومت ته ھونئن به ڏاڍي خائف آھي. اھو مان اکين سان ڏسي آيو آھيان. انھيءَ ڪري اسان جي چينل کي سرڪار اھميت ڏيڻ پئي چاھي… ڏس مسٽر رشيد گھڻي ئي اسان جي چينل حڪومت جي کل لاٿي آھي… ھنن جي پارٽي جي ايم پي ايز کي ننگو ڪيو آھي… پارٽيءَ کي برو ڀلو چيو آھي… ايستائين جو پارٽيءَ جي چيئرمين کي اسان چور، قاتل ۽ ڌاڙيل به چيوسين… ھاڻي سرڪار کي ڪجھ رليف گھرجي. جيڪو ھو اسان کان وٺڻ چاھين ٿا…“
”مطلب ته حڪومت جي تعريف ۾ ھاڻ اسان کي قصيدا به ڳائڻا پوندا“ رشيد ھلڪي ڪاوڙ مان طنزيا مرڪندي چيو.
”رڳو قصيدا نه بلڪه شان ۾ مولود به ڳائڻا آھن… مسٽر رشيد مون کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪر…“
”پر سر، اھڙو اسڪرپٽ مون کان ڪونه لکبو. جنھن ۾ مولود ۽ قصيدا ھجن“ رشيد، نور خان ڏانھن ڏسندي چيو.
”اسڪرپٽ… ھون“ چوڌري جبار مرڪندي ڪنڌ لوڏيندي نور خان ڏانھن ڏٺو. نور خان اڳواٽ لکيل اسڪرپٽ چوڌري جبار کي ڏنو جيڪو ھن ٽيبل تي پنھنجي اڳيان رکيو. مٿان ھٿ گھمائيندي چيو. ”ھي آھي اسڪرپٽ… جيڪو توکي شو ۾ رڳو ڳالھائڻو آھي… ڏس رشيد ھي چينل مون ڪنھن قوم جي درد لاءِ ڪونھي کوليو… نه وري اخباري دفتر مان ڪنھن سرخ انقلاب آڻڻ لاءِ کوليو آهي… ھي سڄو سڀ ڪجھ منھنجو بزنس آھي… ھاڻ جڏھن بزنس مون کي ڪجھ ڏيڻ لڳي آھي ته مان وٺڻ کان انڪاري ڇو ٿيان…“
”پر مون کي اھا ڄاڻ ڪونه ھئي ته توھان جو ھي سڀ ڪجھ بزنس آھي… ۽ مون کي ھاڻ ٿي خبر پوي ته مان آزاد صحافت جي ٺھيل پڃري ۾ ڦاٿل ھن چينل ھائوس جو طوطو آھيان… پر اھڙو زرد صحافت وارو ڪم مون کان ڪونه ٿيندو.“
”ڇو ڪونه ٿيندو؟” چوڌري جبار پريشان ٿيندي پڇيو.
”مان ٻڌايو جو توھان کي ته اھا ھڪ زرد صحافت آھي… ٻيو ته اھو ڪم ايئن آھي، ڄڻ مان ڪالمسٽ يعني ماڻھن جو ترجمان نه ھجان، بلڪه سرڪار جو خوشامدي ھجان… مان ڪنھن شو جو اينڪر پرسن نه ھجان… ڄڻ فوٽ پاٿ تي ويٺل پنجن رپين ۾ درخواست لکندڙ عرضي نويس ھجان… بلڪه منشي ھجان…“
”تون اھو ئي ته آھين… منھنجو منشي… بلڪه منھنجو پاليل طوطو..!!“ کلندي کلندي چوڌري جبار ٽوڪ ڪندي لفظ ڪڍيا.
”ايئن ناھي چوڌري صاحب ايئن ناھي.. لڳي ٿو ته پوءِ، توھان مون کي ڪونه سڃاتو آھي…“ رشيد مرڪندي چوڌري جبار ڏانھن ڏٺو.
”ڏس رشيد تون منھنجي ڳالھ سمجھڻ جي ڪوشش ڪر… تون نٿو ڄاڻين… مون ڪيترا سال انتظار ڪيو آھي، ھن شھر ۾. صرف ھڪ ايم پي اي ٿيڻ لاءِ… ھاڻ جڏھن مون کي ھڪ اقتداري پارٽي پيار مان سيٽ ڏيئي کٽائڻ کانپوءِ وزير ڪرڻ جو واعدو به ڪري ٿي… ته مان انڪار ڪيئن ڪريان. منھنجي اک ته اڃان وڏي ڪرسيءَ تي آھي. يعني واڳ ڌڻيءَ واري ڪرسيءَ تي…“
”اھو تنھنجو اشو آھي… منھنجو ناھي…“
”اشو منھنجو آھي… پر تون منھنجو ھٿيار آھين… منھنجي طاقت آھين.. تڏھن ته توکي ھڪ پوش علائقي ۾ رھڻ لاءِ ڪروڙن جو فليٽ ڏنو آھي… اچڻ وڃڻ ۽ گھمڻ لاءِ ھڪ نئين ماڊل جي مرسڊيز گاڏي تنھنجي حوالي ڪري ڇڏي آهي… ۽ ھيڏي پگھار تنھنجي حصي ۾ آھي…“
”اھي سڀ شيون منھنجي ڪم ڪرڻ جي ايگريمينٽ ۾ شامل آھن… مون کي چڱي طرح ياد آھي… جيڪي مون کي چينل جي مالڪ کي ڏيڻيون آھن…“ رشيد ڪرسيءَ تان اٿي ھن جي سامھون بيھي رھي ٿو.
”ته پوءِ تون ڪونه ڪندين؟ جيئن توکي مان چوان ٿو…“
”نه ھر گز نه! ڀل توھان پروگرام ڪنھن ٻئي اينڪر کان ڪرايو… مون کي ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو…“
”سوچ، اڪيلو ٿي ويندين؟“
”اڪيلو ھجڻ… ھجوم ۾ ھجڻ کان بھتر آھي…“
”ڪھڙي مٽيءَ مان تون ٺھيل آھين…؟“
”مٽي ته منھنجي ڳوھيل سنڌ جي آھي چوڌري…. پر مون کي ٺاھڻ ۾ چئن ماڻھن جو ھٿ آھي… ھڪ مولوي قطب الدين جو جنھن مون کي حق طرف بيھڻ ۽ سچ ڳالھائڻ جي جرئت سيکاري… ٻيو ھو انگريز ٿامسن موري! جنھن مون کي انسان سان محبت ۽ انسانيت سيکاري… ٽيون ماڻھو ھو محبوب واجو جنھن مون کي لالچ کان نفرت ۽ غربت ۾ جيئڻ سيکاريو… چوٿين ھئي ڇيڳريءَ جنھن عشق ۾ فنا ٿيڻ مون کي سيکاريو… ھاڻ اھي چارئي ماڻھو منھنجي وجود ۾ جاڳي پيا آھن… آءِ ايم ساري چوڌري! مان ھن وقت ئي تنھنجي اخبار ۽ چينل کي پاڻ کان ڌار ڪريان ٿو.“ ھو فليٽ ۽ مرسڊيز گاڏيءَ جي چاٻي ھن جي اڳيان رکي ٿو ۽ آفيس مان نڪري اچي ٿو.
چوڌري جبار جي سڄي وجود ۾ ڄڻ ڪنھن چوچي ڏئي ڇڏي ھئي. ھو نور خان ڏانھن خاموشيءَ ۾ ڏسي ٿو. نور خان جو چھرو به ڪاوڙ ۾ ٽامي جيان تپي ڳاڙهو ٿي ويو ھو. ھو موبائل فون تي نمبر ملائي پنھنجي ڪن تي رکي ٿو.
رشيد ايڪس فائيو چينل جي وڏي بلڊنگ مان نڪري. روڊ ڪراس ڪرڻ لڳي ٿو… اچانڪ ھڪ تيز رفتار وڏي گاڏي اچي زوردار ٽڪر ھڻي ٿي. ھو ڏھ، ٻارھن فوٽ آسمان ڏانھن ڄڻ اڏامي اچي روڊ تي ھيٺ ڪري ٿو. سڄو وجود درد ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. روڊ رت ۾ ڀرجي وڃي ٿو، ھو وڏو ساھ کڻي اکيون کولي آسمان کي ڄڻ ڇھندڙ پنھنجي چينل جي ڊگھي عمارت تي ھڪ نظر وجھي ٿو. جنھن بابت ھو سوچيندو ھو ته اھڙيون عمارتون يا ته وڏن بزنس مين جون ھونديون يا وري ڪنھن سياستدان جون ھونديون آھن.
رات جي اونداھ ۽ سنسان روڊ تي ڪو ماڻھو نظر نٿي آيو.. پريان اھا گاڏي بيٺل ئي رھي ھئي. جنھن ٽڪر ھنيو ھو. ڄڻ ھن جي آخري ھڏڪيءَ جي انتظار ۾ ھئي. جنھن جي پٺيان ”چينل ايڪس فائيو“ لکيل ھو…