نئون

 ڇوڪرين جو اسڪول ۽ ڊسپينسري  رهائشي گهرن  ۽ گودام ۾ تبديل

نئون ديرو جي سينئر سول جج پاران ڇاپي دوران ڇوڪرين جي اسڪول، سرڪاري ڊسپينسري ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي عمارتن کي رهائشي گهرن ۾ تبديل ٿيل حالت ۾ ڏٺو. جج محمد علي رڪ کي ٻڌايو ويو ته ڊسپينسري جو ڊاڪٽر سنتوش ڪمار مئي مهيني کان غير حاضر آهي جڏهن ته ڊسپينسري کي ڊسپينسر هلائي رهيو آهي، جنهن، جج صاحب کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر پوليو مهم ۾ ڪنهن ٻي جاءِ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڇاپي دوران جج کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر جي سرڪاري رهائش گاهه تي علائقي جي ڪائونسلر پنهنجو ٽريڪٽر ۽ ٻيو سامان رکيو هو. جنهن بعد جج محمد علي رڪ پاران حڪم جاري ڪيو ويو ته سامان کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو وڃي ۽ قبضو ڪندڙ ڪائونسلر خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. جنهن بعد جج صاحب سرڪاري اسڪول ڏانهن ويو جنهن ۾ نصرالله ناريجو نالي شخص قبضو ڪندڙ پاران گذريل ڏهن سالن کان رهائش اختيار ڪري ويڍو آهي، جنهن تي قبضو ڪندڙ پاران چيو ويو ته هن پنهنجو  پلاٽ سرڪار کي اسڪول ٺاهڻ لاءِ عطيو ڪيو هو ۽ ان جي جاءِ تي هن اسڪول ۾ پٽيوالي جي نوڪري گهري هئي، جيڪا نه ڏيڻ تي هو هن اسڪول تي قبضو ڪري ويٺو آهي. جنهن سان گڏ هن ڀرسان واري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي به قبضو ڪيو آهي جنهن کي هو گودام طور استعمال ڪري رهيو آهي. جنهن بعد ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، قبضا ڪندڙ ڪائونسلر امان الله ۽ ڳوٺاڻي نصر الله خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي وئي ۽ ٽنهي ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي جج محمد علي رڪ سان گڏ ڊي ايس پي شاهجهان شاهه به موجود هو.