”آءُ ته سندرتا ڳوليون“ جي مهورتي تقريب رپورٽ غلام نبي سومرو April 2021
27 مارچ 2021 ڇنڇر جي ڏينهن سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي لان ۾ زاهده ابڙو جي پهرئين شعري مجموعي “آءُ ته سندرتا ڳوليون” جي مهورتي تقريب ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامياري شاعر امداد حسيني ڪئي ۽ ڪتاب تي ڳالهائيندڙ مهمانن ۾ سحر امداد، امر سنڌو، ريحانه چنڙ، هيمن داس چنداڻي، فهيم نوناري، غلام نبي سومرو، عزيز گوپانگ، شوڪت اڄڻ ۽ روماسا جاويد شامل هئا. ڪووڊ-19 جي ڪري تقريب کي بلوچ هال ۾ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو تمام گهڻو خوشگوار ثابت ٿيو. چنڊ پنهنجي مڪملتا سان چوڏس روشني پکيڙيندو رهيو ۽ قدرتي ماحول ۾ سڀئي مهمان پروگرام جو لطف ماڻيندا رهيا. هي پروگرام پروگريسو رائيٽرز ايسوسئيشن جي طرفان منعقد ڪيو ويو، جنهن جي سرواڻي منظور ٿهيم ڪئي.
منظور ٿهيم پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ چيو ته ادب بذات خود هڪ مزاحمت هوندو آهي. پروگريسو رائيٽرز ايسوسئيشن ادب کي فوڪس ڪري ٿي ۽ ان بحث ۾ نٿي پوي ته ادب براءِ زندگي آهي يا ادب براءِ ادب آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين سڀ هڪٻئي لاءِ آهيون ۽ زندگي تمام اهم آهي ۽ اسين اميد ٿا ڪريون ته هتان اٿڻ کانپوءِ هڪ نئين جذبي سان اٿنداسين.
مهورتي تقريب جي صدارتي تقريب ۾ محترم امداد حسيني چيو ته اندر جي سونهن ظاهري سونهن کان وڌيڪ اهم آهي. سونهن جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي زاهده:
نه گهٽ آهيان نه وڌ آهيان
ڪلهه کي اڄ سان ملائي جا
هڪ اهڙي ڪڙي آهيان
معمولي ڪيڏي به هجان
پوءِ به غير معمولي آهيان.
اسان جو عام ماڻهو سچو ۽ کرو آهي. ڏکن ۾ ۽ بکن ۾ آهي، پر پنهنجي زمين ۽ ٻوليءَ سان جڙيل آهي. شاعري ڦٽ تي پهو آهي، شاعري اميد آهي، اکين جي اوجر آهي، سونهن جي تلاش ۾ اسان سان گڏ آهي. هن ڪتاب جي انگريزي ترجمي تي پنهنجي خيال ونڊيندي چيو ته هي سنڌي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب منهنجي نظر مان گذريو آهي جيڪو انگريزي ترجمي سان گڏ ڇپيل آهي ۽ جنهن جو مترجم اعجاز منگي آهي جنهن هن کي ڏاڍو سٺو ترجمو ڪيو آهي. ان سان زاهده ابڙو جا خيال سڄي دنيا تائين پهچندا ۽ اسان جي سڀني جي پهچ سڄي دنيا تائين ٿيندي.
سحر امداد پنهنجي تقرير ۾ چيو ته صرف رديف ۽ ڪافيو اهم ناهي، جيستائين شاعريءَ ۾ فڪر ناهي تيستائين اها شاعري ناهي. شاعر تي وڏي ذميداري آهي. شاعريءَ ۾ ٻولي ۽ خيال جي لامحموديت اهم آهي ۽ شاعر جو ڪم آهي ته پنهنجي ٻوليءَ کي وڌائي ۽ شاعر کي پنهنجو نقاد پاڻ هجڻ گهرجي. شاعري فن آهي صرف بحر وزن شاعري ناهي. توهان يونان جي فلاسافرن کي پڙهو ته توهان کي خبر پوندي ته انهن جي نظريي مطابق بحر وزن ضروري ناهي. شاعري پنهنجي روح ۾ ڪيفيت ۽ اندر جو تلاطم آهي اهي سڀ شاعري ۾ هجڻ گهرجن. اڄڪلهه ڪجهه شاعر اخبار جي خبرن کي ننڍين وڏين سٽن ۾ لکي سمجهن ٿا ته انهن نثري نظم لکي ڇڏيو. زاهده جي شاعري ۾ نون جذبن، آسن ۽ اميدن جي شاعري آهي سندس شاعري ۾ شعريت آهي.
امر سنڌو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جڏهن به ڪو ليکڪ يا شاعر ڪجهه لکي ٿو ته کيس اها اميد هوندي آهي ته سندس لکيل اکر پڙهيو ويندو. مان زاهده جي ڪتاب مان ڪجهه نظم پڙهي ڇرڪي پيس ۽ ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. شاعري ۾ خيال، نواڻ ۽ رڌم موجود آهي. اها ڪهڙي جدا گانا صفت آهي جيڪا ڪنهن شاعر کي ڌار ڪري بيهاري ٿي، جنهن جي دل جي اک ۾ اها روشني ناهي جيڪا سونهن نه ڏسي سگهي ته اهو شاعر ناهي. توهان کي خبر پوندي ته هن ڪتاب ۾ سماج ۾ سندرتا ڪونهي ۽ شاعر جي دل جي حساس هوندي آهي ۽ ان جي دل عام ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ سندرتا کي وڌيڪ ڳوليندي آهي جيڪا عام طور تي نظر انداز ڪئي ويندي آهي. زاهده جي اک ان شيءِ تي کتل آهي ته هوءَ انهن شين ۾ سندرتا ڳولي ٿي جنهن کي ماڻهو عام طور تي بدصورتي سمجهن ٿا. دنيا ۾ هيومنسٽ هجڻ جي تعريف مڪمل ٿي ئي نٿي سگهي، جيستائين هو ڏتڙيل طبقن جي باري ۾ نه سوچي.
ليکڪه ريحانه چنڙ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان ادب کي تاريخ جي حوالي سان نٿا لکون، پر ادب خود تاريخ آهي. زاهده سونهن جي ڳولا ۾ نڪتل آهي ڇو ته ماڻهن کان سونهن کسي وئي آهي. زاهده سڀني کي ڪوٺ ڏئي ٿي ته انهن انسانن جي سندرتا کي ڳوليون جن کان سندن اندر جي سونهن کسي وئي آهي. زاهده عورت جي زيورن کي تاريخي غلاميءَ جو تسلسل ٿي سمجهي ۽ ان کان انڪار ٿي ڪري.
شوڪت اڄڻ جو چوڻ آهي ته هيءَ شاعري احساسن جو ڪاڪ محل آهي. شاعري جذبن جو اڻ جهل اظهار آهي. نقادن جو چوڻ آهي ته شاعريءَ ۾ جڏهن لفظ وڌي ويندا آهن ته اهو ائين آهي جيئن وڻ ۾ پن وڌي وڃن ۽ فروٽ نه هجي. زاهده جي شاعري ۾ ڳالهه مختصر ۽ سچائيءَ سان ڪيل آهي. سندس شاعري ۾ شاعراڻو سچ موجود آهي، زاهده جي ڪتاب ۾ شاعراڻا ڪردار نظر ايندا. انهن کي ائين ئي پنهنجي شاعري ۾ پيش ڪري ٿي اهو شاعره جو ڪمال آهي.
فهيم نوناري صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاعره جو تخليقي اظهار نهايت ئي ايماندرانه آهي.
شاعر عزيز گوپانگ پنهنجي مضمون “اٺ نظم ۽ نائين زاهده” جي عنوان سان پيش ڪيو ۽ هن وڌيڪ چيو ته سٺي شاعر جي سڃاڻپ اها هوندي آهي ته سندس داخليت خارجيت کان ڌار ناهي هوندي. شاعر جي لاتعلقي سياستدان جي واعدي کان سئو ڀيرا سهڻي ٿئي ٿي جنهن ۾ عشق جو شعور ٿئي ٿو، نعرن جو گوڙ نه سندس شاعري پڙهي چئي سگهجي ٿو ته شاعره خواب کپائڻ لاءِ نه پر خريد ڪرڻ لاءِ نڪتل آهي.
غلام نبي سومرو چيو ته شاعري انسان جي پٿر دل کي نرم ڪندڙ آهي. هن قسم جي سماج ۾ سندرتا ڳولڻ لاءِ هي شعري مجموعو هڪ ڪتاب هجڻ سان گڏ احتجاج به آهي.
روماسا جاويد پنهنجا خيال ونڊيندي چيو ته ادب کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ ڪنهن به سماج جي لاءِ بهتر نٿي ٿي سگهي. معاشري جو حصو مرد ۽ عورتون به ته ٽرانس جينڊر به. جيڪڏهن انهن کي لکڻ لاءِ ۽ ڳالهائڻ لاءِ جاءِ نه ڏني وئي ته پوءِ سماج جي مسئلن جي صحيح عڪاسي نه ٿي سگهندي. زاهده ابڙو جي ڪم کي ڀليڪاريو وڃي، ڪتاب جو عنوان به مثبت آهي ته ڪتاب جي اندر مڪمل مثبت احساس به موجود آهن، جنهن ۾ اميد موجود آهي. هر ماڻهو اونداهيءَ کي ڏوهه ڏيندو آهي، پر زاهده ابڙو اونداهيءَ کي ڏوهه ڏيڻ بدران پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاريو آهي.
زاهده ابڙو چيو ته ڪنهن به ليکڪ لاءِ اهو وڏو ڏينهن هوندو آهي جنهن ڏينهن سندس ڪتاب تي ڳالهايو وڃي. سندس چوڻ هو ته سماج ۾ سياسي ۽ سماجي تبديلي پيدا ڪرڻ جو واحد ذريعو ادب آهي. اسان جو ماڻهو حساس آهي دنيا کان با خبر آهي هڪ غريب ماڻهوءَ کي به پنهنجي مفاد جي خبر آهي، پر تعليم جي ڪمي اسان کي پٺتي رکيو آهي. سندس خيال هو ته مرد ۽ عورت ٻئي ظالم به آهن ته مظلوم به. ظالم اهو مائينڊ سيٽ آهي جنهن جي هٿ ۾ طاقت آهي. سندس خيال آهي ته روشن خيالي جي ڏيئي کي وسائڻو ناهي ۽ ان جي روشني جي حفاظت ڪرڻي آهي.

