بلاگ

ڪيئن اوهان جو عادتون اوهان جي (بُري توڙي سُٺي) سڃاڻپ کي تشڪيل ڏين ٿيون باب ٽيون ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي

بريون عادتون دهرائڻ ايڏو سولو ڇو آهي ۽ سٺيون عادتون اختيار ڪرڻ ايترو ئي مشڪل ڇو؟ ڪجھ شين جو اوهان جي زندگي تي پنهنجي روز مره جي عادتن کي بهتر بنائڻ کان وڌيڪ اثر هجي ٿو ۽ اهو عين ممڪن آهي ته هن وقت ۽ ايندڙ سال اوهان ڪجھ بهتر ڪرڻ جي بجاءِ ساڳيو ڪم ڪندا هجو.

اهو اڪثر ڏکيو هوندو آهي ته سٺيون عادتون ايماندارانه جاکوڙ ۽ ان مهل جي جذبي جي سرشاري جي باوجود ڪجھ ڏينهن کان وڌيڪ هلائي سگھجن. عادتون جهڙوڪ: ورزش، ميڊيٽيشن يا مراقبت، جرنلنگ ۽ رڌ پچاءُ هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ ته مناسب آهن، پر ڊگھي مدي لاءِ ڄڻ ته مٿي جو سور ٿيو پون.

انهيءَ ڪري، هڪ دفعو توهان جون عادتون قائم ٿي وينديون آهن ته اهي هميشه لاءِ اوهان جي چوڌاري نظر اينديون، خاص طور تي نا پسنديده عادتون. اسان جي بهترين ارادن جي باوجود، غير صحتمند عادتون جهڙوڪ: ٻاهريون کاڌو کائڻ، حد کان وڌيڪ ٽي وي ڏسڻ، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏڻ ۽ سگريٽ نوشي ترڪ ڪرڻ ناممڪن لڳن ٿيون.

ٻن سببن جي ڪري عادتن جي تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي:

  1. اسين غلط شيءِ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽
  2. اسين پنهنجون عادتون غلط طريقي سان تبديل ڪندا آهيون.

هن باب ۾، آئون پهرئين نقطي جي وضاحت ڪنديس ۽ ايندڙ بابن ۾ ٻئين نقطي جي.

اسان جي پهرئين غلطي آهي ته اسان غلط شيءَ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. منهنجي ڳالھ کي سمجهڻ لاءِ فرض ڪريو ته تبديلي ٽن سطحن تي ظاهر ٿي سگھي ٿي. اوهان انهن کي بصر جي تهن يا کلن وانگر سمجهو.

تصوير 3: تبديلي جون ٽي سطحون آهن: نتيجن کي تبديل ڪرڻ، مروج نظام جي تبديلي ۽ شناخت تبديل ڪرڻ.

پهرئين سطح آهي اوهان جي نتيجن کي تبديل ڪرڻ: اها سطح اوهان جي نتيجن سان سلهاڙيل آهي: وزن جو گھٽجڻ، ڪتاب ڇپجڻ، چئمپين شپ کٽڻ. اڪثر هدف جيڪي اوهان ٺاهيو ٿا اهي ان سطح جي تبديلي سان لاڳاپيل هجن ٿا.

ٻئين تبديلي آهي اوهان جي مروج نظام جي تبديلي: اها سطح اوهان جي عادتن ۽ نظام جي تبديلي سان لاڳاپيل آهي: جم تي نئين روز مره جي شيڊيول موجب وڃڻ، پنهنجي ڪم جي ميز کي صاف سٿرو رکڻ ته جيئن ڪم کي بهتر نموني سرانجام ڏيئي سگھجي، مراقبي جي عادت وجهڻ. اڪثر عادتون ان سطح سان لاڳاپيل هجن ٿيون.

ٽين ۽ سڀ کان گھري سطح آهي اوهان جي شناخت تبديل ڪرڻ: اها سطح اوهان جي عقيدن يا تصورن جي تبديلي سان لاڳاپيل آهي: هن دنيا کي اوهان جي ڏسڻ جو طريقيڪار، اوهان جو پنهنجي باري ۾ خيال، پنهنجي باري ۾ ۽ ٻين جي باري ۾ اوهان جو نقطهءِ نظر. اوهان جا سمورا عقيدا، وهم گمان، مفروضا ۽ تعصبات ان سطح سان سلهاڙيل هجن ٿا.

نتيجا اهي آهن جيڪي ڪجھ اوهان حاصل ڪريو ٿا. نظام معنيٰ جيڪي ڪجھ اوهان ڪم ڪريو ٿا. شناخت اها آهي ته اوهان جي سوچ ڇا آهي؟ جڏهن ڳالھ انهن عادتن جوڙڻ جي اچي ٿي جيڪي سدائين رهن يعني جڏهن ڳالھ هڪ سيڪڙي بهتري جي اچي ٿي ته مسئلو ان هڪ سطح جي بهتري يا ابتري جو ناهي. تبديلي جون مڙئي سطحون پنهنجي پنهنجي نموني فائديمند آهن. مسئلو دراصل ان تبديلي جي رخ جو آهي. 

ڪيترائي ماڻهو پنهنجي عادتن کي تبديل ڪرڻ جي نظام جي شروعات ان ڳالھ کان ڪندا آهن ته اهي ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهن؟ اهو طريقيڪار نتيجا خيز عادتن تي ٻڌل آهي. ان جو متبادل آهي شناخت خيز عادتون. ان طريقيڪار سان اسين ان ڳالھ تي توجھ مرڪوز ڪري سگھنداسين ته اسين ڇا ٿا ٿيڻ چاهيون بجاءِ ان جي ته اسين ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيون.

تصوير 4: نتيجن تي ٻڌل عادتن ۾ اوهان جو زور ان تي هوندو آهي ته اوهان ڇا ٿا حاصل ڪريو. شناخت تي ٻڌل عادتن ذريعي اوهان ان تي فوڪس ڪندا آهيو ته اوهان ڇا ٿيڻ چاهيو ٿا. 

نتيجن تي ٻڌل عادتون

شناخت تي ٻڌل عادتون

تصور ڪريو ته ٻه ماڻهو سگريٽ نوشي مان جند آجي ڪرائڻ چاهين ٿا. جڏهن کين پيشڪش ڪئي وڃي ٿي ته پهريون شخص چوي ٿو ته، “نه مهرباني! آئون سگريٽ ڇڏڻ جي ڪوشش پيو ڪريان.” اهو بظاهر هڪڙو معقول جواب نظر اچي ٿو، پر ان جو جواب اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهو شخص اڃا تائين اهو مڃي ٿو ته اهي تماڪ ڇڪڻ وارا آهن جيڪي ڪجهه ٻيو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي اميد آهي ته انهن ساڳين عقيدن ۽ سوچن کي رکندي انهن جو رويو تبديل ٿي ويندو.

ٻيو شخص اهو چئي نابري واري ٿو ته، نه مهرباني! آئون سگريٽ ڪونه پيئندو آهيان.” جيتوڻيڪ اهو معمولي فرق آهي، پر اهو بيان سندن شناخت ۾ تبديلي جي نشاندهي ڪري ٿو. تماڪ ڇڪڻ سندن اڳوڻي زندگي جو حصو هو، نڪي سندن موجوده زندگي جو. انهن جي شناخت هاڻ مٽجي چڪي آهي.

اڪثر ماڻهو جڏهن بهتر ٿيڻ جي شروعات ڪندا آهن ته شناخت جي تبديلي تي ڌيان نه ڏيندا آهن. اهي بس سوچين ٿا، “آئون سنهڙي (نتيجو)ٿيڻ چاهيان ٿي ۽ جيڪڏهن مان هي غذا واپرائيندي رهان (نظام) ته پوءِ آئون سنهي ٿي وينديس.” هن هدفن کي طئي ڪيو ۽ انهن عملن جو تعين ڪيو جيڪي انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا، بغير ان سوچ تي غور ڪرڻ جي جيڪي انهن عملن کي حرڪت ڏين ٿا. اهي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جو طريقو تبديل نه ڪندا آهن ۽ انهن کي اهو احساس نه هوندو آهي ته انهن جي پراڻي سڃاڻپ تبديلي لاءِ انهن جي نون منصوبن کي سبوتاز ڪري سگهي ٿي.

هر نظام عمل جي پويان سوچ جو هڪ نظام هوندو آهي. جمهوريت جو نظام، آزادي، اڪثريت جي حڪمراني ۽ سماجي برابري جي عقيدن يا سوچ تي قائم آهي. هڪ آمريت جو نظام مڪمل طور تي اختيار ۽ سخت اطاعت جهڙن عقيدن يا سوچ جو هڪ بلڪل مختلف سيٽ آهي. توهان جمهوريت ۾ گھڻن ماڻهن جا ووٽ  حاصل ڪرڻ جي ڪوشش لاءِ ڪيترائي طريقا تصور ڪري سگهو ٿا، پر اهڙي رويي جي تبديلي آمريت ۾ ڪڏهن به نه هوندي. ڇاڪاڻ جو اها ان نظام جي سڃاڻپ نه آهي. ووٽ ڏيڻ هڪ رويو آهي جيڪو يقينن هڪ خاص سيٽ تحت ناممڪن آهي.

اهو ساڳيو اصول فرد، تنظيم يا سماج، هر ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿو. عقيدن ۽ مفروضن جو هڪ سيٽ آهي جيڪو نظام کي ترتيب ڏيئي ٿو ۽ عادتن جي پويان هڪ سڃاڻپ آهي.

رويو، جيڪو نفس سان مشابهت رکي ٿو، سو برقرار نٿو رهي. توھان شايد وڌيڪ پئسو چاھيو ٿا، پر جيڪڏھن توھان جي سڃاڻپ ھڪ شخص آھي جيڪو ٺاھڻ جي بجاءِ خرچ ڪري ٿو ته توھان ڪمائڻ بدران خرچ ڪرڻ طرف ڇڪجو پيا. شايد توهان ڀلي صحت چاهيو ٿا، پر جيڪڏهن توهان ڪم يا ورزش جي نسبت آرام کي ترجيح ڏيو ٿا ته توهان تربيت بجاءِ آرام ڪرڻ طرف متوجهه ٿيو ٿا. توهان جي عادتن کي تبديل ڪرڻ مشڪل آهي جيستائين توهان ان باطني سوچ کي تبديل نه ڪيو جيڪا توهان جي ماضي جي رويي جي سبب اوهان جي اندر موجود آهي. توهان وٽ هڪ نئون مقصد ۽ هڪ نئون منصوبو آهي، پر توهان اهو تبديل ناهي ڪيو ته توهان ڪير آهيو.

ڪولوراڊو، هڪ ڪاروباري شخص برائن ڪلارڪ جي ڪهاڻي سٺي نموني پيش ڪري ٿو.“جيستائين مون کي ياد آهي، مون پنهنجي آڱرين جا ننهن چٻاڙيا”، ڪلارڪ مون کي چيو. “اهو هڪ اعصابي عادت جي طور تي شروع ٿيو جڏهن آئون جوان هئس ۽ پوءِ هڪ ناپسنديده عمل ۾ تبديل ٿي ويو. هڪ ڏينهن مون اهو فيصلو ڪيو ته آئون تيستائين ننهن ڪونه کائيندس جيستائين اهي وڌي نٿا وڃن. اڪيلي دماغي طاقت ذريعي، مون ان ڪم کي سرانجام ڏنو.”

ان کانپوءِ ڪلارڪ هڪ حيرت انگيز ڪم ڪيو.

“مون پنهنجي زال کي چيو ته منهنجي زندگي جو پهريون ميني ڪيور ڪرائي. منهنجو اهو خيال هو ته جيڪڏهن آئون پنهنجي ننهن لاءِ پئسا ڏيڻ شروع ڪندس ته پوءِ آئون انهن کي ڪونه کائيندس ۽ ان حڪمت عملي ڪم ڪري ڏيکاريو، پر اهو پئسن جي ڪري ڪونه هو. دراصل ميني ڪيور جي ڪري زندگي ۾ پهريون ڀيرو منهنجون آڱريون خوبصورت پئي لڳيون. ميني ڪيور ڪندڙ چيو ته کائڻ جي باوجود به منهنجا ننهن صحتمند ۽ پر ڪشش هئا. هاڻ آئون پنهنجن ننهن تي فخر ڪرڻ لڳس ۽ جيتوڻيڪ اها ڪا اهڙي شيءِ ڪانه هئي جنهن جي مون ڪڏهن به تمنا ڪئي هجي، پر ان جي ڪري فرق پوي ٿو. مان ان وقت کان پنهنجا ننهن ڪونهن چٻاڙيا، هڪ ڀيرو به نه ۽ هاڻي انهن جي مناسب سار سنڀال ڪرڻ تي مون کي فخر آهي.”

داخلي حوصلي جو آخري طريقو اهو آهي ته عادت توهان جي سڃاڻپ جو حصو بڻجي وڃي. انهيءَ جي هڪڙي شيءِ اها چئي سگھجي ٿي ته اوهان پاڻ چوڻ لڳو ته مان هن قسم جو ماڻهو آهيان جيڪو هي چاهي ٿو. اهو ان ڳالھ کان مختلف آهي ته آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان.

توھان کي جيترو وڌيڪ فخر توھان جي سڃاڻپ جي ھڪڙي خاص حصي تي هوندو، توھان ان کي برقرار رکڻ لاءِ هر قسم جي عادت کي اپنائيندو. جيڪڏهن توهان کي ان تي فخر آهي ته توهان جا وار ڪيئن لڳندا آهن ته توهان ان جي سنڀال ڪرڻ لاءِ هر قسم جون عادتون پيدا ڪندا. جيڪڏهن توهان پنهنجي ڏورن جي ماپ تي فخر ڪيو ٿا ته توهان کي پڪ سان چئي سگهان ٿو ته توهان ڪڏهن به مٿئين جسم جي ورزش کي رد نه ڪندا. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي هٿ سان اڻيل اسڪارف تي فخر آهي ته توهان هر هفتي ڪيترائي ڪلاڪ ان تي صرف ڪندا. هڪ دفعو توهان جو اعتماد جڙندو، توهان پنهنجي عادت سنڀالڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندا.

رويي جي اصل تبديلي دراصل شناخت جي تبديلي آهي. اوهان ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جذبي جي تحت ڪا عادت اختيار ڪرڻ شروع ڪريو، پر فقط هڪڙو ئي سبب آهي ته اوهان ان عادت سان چهٽيل رهو سو آهي ته اها اوهان جي شناخت بڻجي پوي. ڪير به ڪنهن کي جم وڃڻ لاءِ يا هڪ يا ٻه ڀيرا صحتمند کاڌو کائڻ لاءِ آماده ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن اوهان ان رويي جي پٺيان موجود عقيدي کي تبديل نه ڪيو ته پوءِ ان تبديلي سان گھڻو عرصو هلڻ محال آهي. بهتريون فقط وقتي هونديون جيستائين اهي اوهان ڇا آهيو ان جو حصو نٿيون بڻجي پون.

* هدف اهو ناهي ته اوهان ڪتاب پڙهو، پر هدف اهو آهي ته اوهان پڙهندڙ بڻجي پئو.

* هدف اهو ناهي ته اوهان ميريٿن ڊوڙ ۾ حصو وٺو، پر هدف اهو آهي ته اوهان ڊوڙندڙ بڻجي پئو.

* هدف اهو ناهي ته اوهان ڪو ساز وڄائڻ سکو، پر هدف اهو آهي ته اوهان موسيقار بڻجي پئو.

اوهان جا رويا اڪثر اوهان جي شناخت جي عڪاسي ڪندا آهن. اوهان شعوري يا لا شعوري طور جيڪي ڪجھ ڪندا آهيو اهو ان ڳالھ جي نشاندهي ڪندو آهي ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو. تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته هڪڙو ڀيرو ڪوبه ماڻهو پنهنجي شناخت جي ڪنهن اهم پهلو ۾ يقين رکي ٿو ته پوءِ اهو انهيءَ يقين سان گڏ زندگي گذاري ٿو. مثال طور: اهي ماڻهو جن جي اها شناخت آهي ته اهي ووٽ ڏيندا آهن ته انهن ماڻهن جي برعڪس جيڪي اهي دعويٰ ڪن ته اهي ووٽ ڏيندا، ان ڳالھ جا قوي امڪان آهن ته اهي ماڻهو ووٽ ڏيندا جن جي اها شناخت بڻجي چڪي آهي. ساڳئي ريت، جنهن ماڻهو پنهنجي شناخت ۾ روز ورزش ڪرڻ شامل ڪري ڇڏيو آهي، ان کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ جي ضرورت ڪونهي. پوءِ صحيح ڪم ڪرڻ سولو ٿي پوي ٿو. آخرڪار، جڏهن اوهان جو رويو ۽ شناخت هڪٻئي سان ملي يڪجا ٿي وڃن ٿا ته پوءِ اوهان کي پنهنجي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. پوءِ اوهان ان ماڻهو جيان خود بخود ڪم ڪيو ٿا جيڪو ماڻهو اوهان بڻجڻ چاهيو ٿا.

عادت جوڙڻ جي ٻين پهلوئن جيان، هي پڻ ٻه ڌاري تلوار آهي. جڏهن اها اوهان لاءِ ڪم ڪري ٿي ته خود اها شناخت اوهان جي جذبي کي گرمائي ٿي، پر ساڳئي شيءِ جڏهن اوهان جي برخلاف هجي ته اها ئي هڪ عذاب بڻجي پوي ٿي هڪ دفعو توهان هڪ سڃاڻپ اختيار ڪيو ته پوءِ ان سان اوهان جي وفاداري کي تبديل ڪرڻ آسان نه هوندو. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي هڪڙي منفي سڃاڻپ سان چهٽي هڪ سنجيده ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي گذاري ڇڏيندا آهن:

* آئون رستي ٻڌائڻ ۾ صفا بيڪار آهيان!

* آئون صبح سوير اٿڻ وارو ماڻهو ئي ڪونه آهيان!

* ماڻهن جا نالا ياد رکڻ منهنجي وس جي ڳالھ ڪونهي!

* آئون سدائين دير سان پهچندو آهيان!

* ٽيڪنالاجي منهنجي سمجهه کان مٿي آهي!

* حسابن ۾ آئون بنهه ڪچو آهيان!

۽ اهڙا ٻيا هزارين مفروضا اسان جي زندگين کي وڪوڙي ويٺا هوندا آهن ۽ اسين اهو فرض ڪري ڇڏيندا آهيون ته باقي زندگي ائين ئي گذارڻي آهي ۽ زندگي جي انهن پهلوئن کي بهتر ڪري سگھجي ئي نٿو.

جڏهن ساڳي ڪهاڻي اوهان سالن جا سال پنهنجو پاڻ سان دهرائيندا ته انهن ذهني ڄارن ۾ خود بخود ڦاسندا ويندا ۽ بل آخر اوهان جو ذهن ان ڳالھ کي هڪ حقيقت طور تسليم ڪري وٺندو. دراصل اهو هڪڙو اندروني دٻاءُ هجي ٿو پنهنجي تشخص يا سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ پوءِ اهو اهڙي ريت ڪم ڪري ٿو جيڪو اوهان جي عقيدن سان سلهاڙيل هجي، پر اوهان پنهنجو پاڻ سان تضاد جا ڪيترائي طريقا ڳولهي سگهو ٿا.

جيترو گھرائي سان اوهان جون سوچون يا ڪم اوهان جي سڃاڻپ سان سلهاڙيل هوندا اوترو ئي اوهان کي انهن کي تبديل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. جيڪو اوهان جو ثقافتي گروپ عقيدو يا سوچ رکي ٿو اوهان آرامده محسوس ڪندا آهيو ته اهو ئي عقيدو گڏ کڻي هلو يا وري اوهان جي پنهنجي سڃاڻپ کي ساڻ کڻي هلو پوءِ ڀلي اها غلط ئي ڇو نه هجي. ڪنهن به سطح تي (انفرادي، ٽيم يا سوسائٽي) مثبت تبديلي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ئي سڃاڻپ جو تضاد. سٺيون عادتون عقلي معنى پيدا ڪري سگھن ٿيون، پر جيڪڏهن اهي توهان جي سڃاڻپ سان ٽڪراءُ ۾ اينديون ته توهان انهن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا.

ايئن ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن ڏينهن اوهان انتهائي مصروف هجو يا ٿڪل هجو يا ڪنهن به سبب جي ڪري اوهان کي پنهنجي عادتن کي پورائي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي. ڊگھي مدت ۾، بهرحال، ڪنهن به عادت کي نه اپنائڻ جو وڏو سبب جيڪو ان جي راهه ۾ حائل هوندو آهي سو آهي اوهان جي شناخت. اهوئي سبب آهي جو اوهان پنهنجي شناخت جي ان سڃاڻپ سان پنهنجو ڳانڍاپو قائم نٿا ڪري سگھو. ترقي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪڙي پراڻي سکيل شيءِ کي وسارجي. توهان هڪڙا بهترين انسان تڏهن ئي ٿي سگھو ٿا جڏهن اوهان مسلسل پنهنجي سوچ تي نظرثاني ڪندا رهو، پنهنجن خيالن ۾ نواڻ آڻيندا رهو ۽ پنهنجي شناخت کي وسيع تر ڪندا رهو.

اها ڳالھ اسان کي هڪ اهم سوال طرف آڻي ٿي: جيڪڏهن اوهان جا عقيدا ۽ دنيا کي ڏسڻ جو نظريو اوهان جي روئي جي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ته سوال اهو آهي ته اهي بنيادي طور اچن ڪٿان ٿا؟ اصل ۾ اوهان جي اهڙي شناخت ٺهي ڪٿان ٿي؟ ۽ اوهان پنهنجي شناخت جي نون پاسن تي ڪيئن زور ڏيئي سگھو ٿا جيڪي آهستي آهستي انهن شين کي ڊاهي ڇڏين جيڪي اوهان جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن.

اوهان جي شناخت مٽڻ جا ٻه مرحلا:

اوهان جي شناخت اوهان جي عادتن مان ڦٽي نڪري ٿي. اوهان اڳواٽ طئي ٿيل خيالن سان گڏ جنم نٿا وٺو. هر خيال جيڪو اوهان جو اوهان بابت آهي، اوهان سکيو آهي يا وري تجربي سان لاڳاپيل آهي.

مختصرن اهو ته اوهان جون عادتون ڪيئن اوهان جي شخصيت جي سڃاڻپ بڻجي پون ٿيون. جڏهن اوهان هر روز پنهنجو بسترو ٺاهيو ٿا ته اوهان هڪڙي منظم شخص جي طور پنهنجي سڃاڻپ جوڙيو ٿا. جڏهن توهان روز لکو ٿا ته اوهان جي شناخت هڪڙي اديب ۽ فنڪار جي طور تي سامهون اچي ٿي. جڏهن توهان روز ورزش ڪريو ٿا ته اوهان جي سڃاڻپ هڪڙي ايٿليٽ يا رانديگر طور سامهون اچي ٿي.

جيترو اوهان پنهنجي شين ۽ ڪرت کي دهرائيندا اوترو ان ڪرت سان لاڳاپيل اوهان پنهنجي شناخت کي مضبوط بڻائيندا. لفظ “سڃاڻپ” اصل ۾ لاطيني لفظن “ايسينٽيٽاس” مان نڪتل هو جنهن جو مطلب آهي “هجڻ” ۽ “شناخت” جنهن جي معني آهي“بار بار”. توهان جي سڃاڻپ در حقيقت توهان جي “بار بار ٿيڻ” ۾ آهي.

جيڪا به توهان جي سڃاڻپ هينئر آهي، توهان صرف ان تي اعتبار ڪندا آهيو ڇو ته توهان کي هن جو فائدو آهي. جيڪڏهن توهان ويهن سالن کان هر آچر تي چرچ يا گرجا گھر وڃو ٿا ته توهان وٽ ثبوت آهي ته توهان مذهبي آهيو. جيڪڏهن توهان هر رات هڪ ڪلاڪ لاءِ حياتيات جو مطالعو ڪريو ٿا ته توهان وٽ ثبوت آهي ته توهان پڙهندڙ شاگرد آهيو. جيڪڏهن توهان برفباري جي باوجود به جم ۾ وڃو ته توهان وٽ ثبوت آهي ته توهان فٽنس ۽ خود کي چاڪ و چوبند رکڻ تي پابند آهيو. جيترا وڌيڪ اوهان وٽ ثبوت هوندا اوترو وڌيڪ توهان جو يقين پختو ٿيندو ۽ اوهان وڌيڪ مضبوطي سان ان تي اعتماد ڪندا.

پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ مون پاڻ کي ڪڏهن به هڪ ليکڪ تسليم نه ڪيو هو. جيڪڏهن توهان منهنجي ڪنهن هاءِ اسڪول جي استاد يا ڪاليج جي پروفيسر کان پڇو ته اهي توهان کي ٻڌائيندا ته مان وچولي درجي جو ليکڪ هئس، يقيني طور تي بهترين ڪڏهن به نه. جڏهن مون پنهنجي لکڻ جي شروعات شروع ڪئي ته پهرين ڪجهه سالن لاءِ هر سومر ۽ خميس جي ڏينهن منهنجو هڪ نئون مضمون شايع ٿيڻ شروع ٿيو. جيئن ثبوت وڌندا ويا، ايئن منهنجي ليکڪ جي سڃاڻپ پڻ. مون هڪ ليکڪ جي حيثيت سان شروعات ناهي ڪئي. مان پنهنجي عادت ذريعي هڪ ليکڪ ٿي ويو آهيان.

يقينن توهان جون عادتون صرف اهي عمل نه آهن جيڪي توهان جي شناخت کي متاثر ڪن ٿيون، پر پنهنجي ورجاءُ جي خاصيت جي لحاظ کان اهي عمومن تمام گهڻو اهم آهن. زندگي جو هر تجربو توهان جي پنهنجي تصوير يا شناخت بدلائي ٿو، پر اهو ممڪن ناهي ته توهان پاڻ کي فوٽ بال رانديگر سمجهندو ڇو ته توهان هڪ دفعو ڪنهن بال کي شاٽ هنئي يا پاڻ کي هڪ فنڪار تصور ڪندو ڇو جو اوهان هڪ ڀيرو ڪا تصوير ٺاهي. جيئن جيئن توهان اهي عمل دهرائيندا، ثبوت گڏ ٿيندا ويندا ۽ توهان جي پنهنجي سڃاڻپ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويندي. ڪنهن به  هڪ ڀيري واري تجربي جو اثر وقت سان گڏ ختم ٿي ويندو آهي جڏهن ته عادتن جو اثر زور وٺندو آهي جيڪو توهان جي شناخت جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. هن طريقي ۾، عادتن جوڙڻ جو عمل اصل ۾ پنهنجو پاڻ ٺاهڻ جو عمل آهي. اهو ڏاڪي به ڏاڪي ارتقا جو عمل آهي. اسان اک ڇنڀ ۾ نه تبديل ٿا ٿي سگھون ۽ نه ڪنهن جي نئين هجڻ جو فيصلو ٿا ڪري سگھون. اسين ٿورو ٿورو ٿي تبديل ٿيون ٿا ۽ روز تبديل ٿيون ٿا ۽ هڪڙي هڪڙي عادت ڪري تبديل ٿيون ٿا. اسين مسلسل اڻ لکي ذاتي ارتقا جي مرحلن کي طئي ڪندا رهون ٿا.

هر عادت هڪ مشوري جيان آهي: “هيلو، هي شايد اهو آهي جيڪو آئون آهيان!. جيڪڏهن اوهان هڪڙو ڪتاب پڙهي پورو ٿا ڪيو ته ممڪن آهي اوهان اهي شخص آهيو جيڪو ڪتابن پڙهڻ جو شوقين آهي. جيڪڏهن اوهان جم وڃو ٿا ته اوهان اهي شخص آهيو جنهن کي ورزش ڪرڻ پسند آهي. جيڪڏهن اوهان گٽار وڄايو ٿا ته اوهان انهن ماڻهن منجهان آهيو جن کي موسيقي وڻي ٿي.

اوهان جو هر عمل ان ڳالھ جو ووٽ ڏئي ٿو ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو، پر ڪوبه هڪڙو اڪيلو عمل هڪڙي ڀيري ڪرڻ سان اوهان جا خيال تبديل ٿي نٿا سگھن، پر جيئن جيئن ووٽن جو تعداد وڌندو ويندو، اوهان جي نئين شناخت ٺهندي ويندي. اهو پڻ هڪ سبب آهي ته بامعنيٰ تبديلي لاءِ انتهائي تبديلي جي ضرورت ناهي هوندي. ننڍڙي عادت نئين سڃاڻپ جو ثبوت فراهم ڪندي، هڪ بامقصد فرق آڻي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن تبديلي معنيٰ رکي ٿي ته اهو اصل ۾ وڏو ڪم آهي. اهو ٿورڙو سڌارا آڻڻ جو اهڙو تضاد آهي، جيڪو بظاهر ته غلط لڳندو، پر اهو بنيادي نقطو آهي. انهن سڀني کي هڪٻئي سان گڏ رکي ڏسندو ته توهان ڏسي سگهندو ته عادتون توهان جي شناخت کي تبديل ڪرڻ جو رستو آهن. “جيڪو توهان آهيو” ان کي تبديل ڪرڻ جو تمام عملي طريقو اهو آهي ته “جيڪو توهان ڪيو ٿا” اهو تبديل ڪريو.

* هر ڀيري جڏهن اوهان هڪڙو صفحو لکو ٿا ته سمجهو اوهان ليکڪ آهيو.

* هر ڀيري جڏهن اوهان وائلن وڄايو ٿا ته سمجهو ته اوهان موسيقار آهيو.

* هر ڀيري جڏهن اوهان ورزش ڪريو ٿا ته سمجهو ته اوهان رانديگر آهيو.

* هر ڀيري جڏهن اوهان پنهنجي ملازمن کي همٿايو ٿا ته سمجهو ته اوهان اڳواڻ آهيو.

هر عادت رڳو نتيجا نه پر توهان کي ڪجهه وڌيڪ اهم ڳالھ پڻ سيکاري ٿي: پنهنجو پاڻ تي اعتماد.

توهان يقين ڪرڻ شروع ڪيو، توهان اصل ۾ اهي شيون مڪمل ڪري ويندو. جڏهن ووٽ وڌندا آهن ۽ ثبوت تبديل ٿيڻ لڳندا آهن، توهان جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهيو اها پڻ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.

يقينن، اهو پڻ برعڪس ڪم ڪري ٿو. هر وقت جڏهن توهان خراب عادت انجام ڏيڻ جو انتخاب ڪندا آهيو، انهيءَ جو ووٽ ان جي سڃاڻپ آهي. سٺي خبر اها آهي ته توهان کي پرفيڪٽ يا مڪمل صحيح ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ڪنهن به اليڪشن ۾، ٻنهي طرفن لاءِ ووٽ حاصل ٿيندا آهن. توهان کي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ مڙني ووٽن جي ضرورت ناهي بلڪه توهان کي اڪثريت جي ضرورت آهي. انهيءَ سان ڪوبه فرق نٿو پوي جيڪڏهن توهان ڪجهه ووٽ خراب ورتاءُ يا بي پرواهه عادت لاءِ اڇلائي ڇڏيا. توهان جو مقصد بس وقت جي اڪثريت کي پنهنجي بهتر عادتن جوڙڻ لاءِ حاصل ڪرڻو آهي.

نئين شناختن کي نون ثبوتن جي ضرورت آهي. جيڪڏھن توھان ساڳيو ئي ووٽ ڪاسٽ ڪندا رھو جيڪو توھان هميشه ڪيو آھي، توھان اھي ئي نتيجا حاصل ڪرڻ وارا آھيو جيڪي توھان هميشه ڪيا آھن. جيڪڏهن اڳي ڪجهه به تبديل ناهي ٿيو ته سمجهڻ گھرجي ته ساڳين شين کي دهرائڻ سان ڪجهه به تبديل ٿيڻ وارو ناهي.

اهو هڪڙو سادو ٻن مرحلن تي مشتمل عمل آهي:

  1. اهو فيصلو ڪريو ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو ٿيڻ چاهيو ٿا.
  2. ننڍين ننڍين فتحن ذريعي پنهنجو پاڻ تي اهو ثابت ڪريو.

سڀ کان پهرين اهو فيصلو ڪريو ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو ٿيڻ چاهيو ٿا. اهو اصول هر سطح تي لاڳو ٿئي ٿو: هڪ فرد جي طور، ٽيم جي شڪل ۾، قبيلي ۽ ڪميونٽي جي شڪل ۾ ۽ هڪ پوري قوم جي صورت ۾. اوهان ڪهڙي شيءِ سان بيهڻ چاهيو ٿا؟ اوهان جا اصول ۽ قدر ڇا آهن؟ اوهان ڇا ٿيڻ چاهيو ٿا؟

اهي وڏا سوال آهن ۽ ڪيترن ماڻهن کي ته خبر ئي ناهي هوندي ته ڪٿان شروع ڪرڻو آهي، پر انهن کي اها ضرور خبر هوندي آهي ته ڪهڙا نتيجا حاصل ڪرڻا آهن: پيٽ جا ڇهه وڪڙ ٺاهڻ يا گهٽ پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ محسوس ڪرڻ يا پنهنجي معاش کي ٻيڻو ڪرڻ. اهو به ٺيڪ آهي. اتان کان شروع ڪجي ۽ پوءِ ان کان پٺتي ڪم ڪرڻ گهرجي يعني اتان کان شروع ڪجي ته اوهان خود کي ڪهڙي قسم جو ماڻهو ڏسڻ ٿا چاهيو. پنهنجي پاڻ کان پڇو، “اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو اهي نتيجا حاصل ڪري سگهي، جيڪي آئون چاهيان ٿو؟ اهو ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو چاليهه پائونڊ وزن گهٽائي سگهي؟ ڪهڙي قسم جو ماڻهو نئين ٻولي سکي سگھي ٿو؟ ڪير آهي اهو شخص جيڪو ڪامياب ڪاروبار هلائي سگهي؟ مثال طور: ڪهڙي قسم جو ماڻهو ڪتاب لکي سگهي ٿو؟ شايد اهو اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو اعتبار جوڳو ۽ چيڙهو هجي. هاڻ توهان جو ڌيان ڪتاب لکڻ (نتيجن جي بنياد تي) کان منتقل ٿي هڪ اهڙي شخص ڏانهن وڃي ٿو جيڪو مستقل مزاج ۽ قابل اعتماد (شناخت تي ٻڌل) آهي.

اهو عمل شناخت تي ٻڌل يقين طرف وٺي ويندو آهي جھڙوڪ:

* آئون ان قسم جو استاد آهيان جيڪو پنهنجي شاگردن جي ڀلائي لاءِ هميشه اڳتي هوندو آهي.

* آئون ان قسم جو ڊاڪٽر آهيان جيڪو پنهنجي هر مريض کي ٽائيم ڏيندو آهي ۽ انهن سان هر قسم جي همدردي ڏيکاريندو آهي.

* آئون ان قسم جو مئنيجر آهيان جيڪو پنهنجي عملي جي وڪالت ڪندو آهي ۽ انهن جي حقن جي ڳالھ ڪندو آهي.

هڪ دفعو توهان “جنهن قسم جو ماڻهو” ٿيڻ چاهيو ٿا ان ڪم جي شروعات ڪري ڇڏيو ته پوءِ توهان ان گهربل شناخت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ننڍڙا قدم کڻڻ شروع ڪري سگهو ٿا.

منهنجي هڪ دوست آهي جنهن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندي 100 پائونڊ وزن گھٽائي ڇڏيو. هوءَ پاڻ کان هدايت جي طور تي اهو سوال ڪندي هئي ته “هڪڙو صحتمند ماڻهو ڇا ڪري ها.” مثال: ڇا ڪو صحتمند ماڻهو پنڌ ڪندو يا ٽيڪسي وٺندو؟ ڇا ھڪڙو صحتمند ماڻھو بوريوٽ آرڊر ڪندو يا سلاد؟ هن ڪافي وقت اڳي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ هڪڙي صحتمند انسان وانگر باقي زندگي گذاريندي ۽ آخرڪار هوءَ اهڙو ماڻهو بڻجي ويئي، هوءَ صحيح هئي.

شناخت جي بنياد تي عادتن جو هي تصور اسان جي هن ڪتاب ۾ هڪ ٻي اهم موضوع ڏانهن تعارف آهي: جوابي راءِ يا موٽ جون ڳنڍڻيون. توهان جون عادتون توهان جي سڃاڻپ ۽ توهان جي سڃاڻپ توهان جي عادتن کي شڪل ڏين ٿيون. اھو ٻه طرفو رستو آھي. سڀني عادتن جي بناوت هڪ جوابي راءِ جي ڳنڍڻي يا لُوپ آهي (هڪ تصور جيڪو اسان ايندڙ باب ۾ گہرائي سان بحث هيٺ آڻينداسين)، پر اهو ضروري آهي ته توهان جي قدرن، اصولن ۽ شناخت کي، توهان جي نتيجن جي بدران ان ڳنڍڻي يا لوپ کي هلائڻ ڏيو. توهان جو ڌيان هميشه ان قسم جي ماڻهو ٿيڻ تي هجڻ گهرجي نه ڪنهن خاص نتيجي حاصل ڪرڻ تي.

عادتن جي فيصلا ڪن هجڻ جو اصل سبب:

سڃاڻپ جي تبديلي عادت جي تبديلي جو قطب تارو آهي. هن ڪتاب جو باقي حصو، توهان کي قدم کڻڻ جي هدايت فراهم ڪندو ته پاڻ ۾ پنهنجي گهروارن، پنهنجي ٽيم، پنهنجي سنگت ۽ ڪنهن به ٻي جاءِ تي بهتر عادتون ڪيئن ٺاهيو، پر سچ پچ ته سوال اهو آهي: ڇا توهان هن قسم جا ماڻهو بڻجي رهيا آهيو جيڪي توهان ٿيڻ چاهيو ٿا؟ پهريون قدم نڪي “ڇا” آهي ۽ نڪي “ڪيئن” آهي، پر بنيادي سوال “ڪير” آهي. توهان کي ڄاڻڻ گهرجي ته توهان “ڪير” ٿيڻ چاهيو ٿا. ٻي صورت ۾ توهان جي تبديليءَ جي ڳولا سڙهه کانسواءِ ٻيڙي وانگر آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان هتي ان بنيادي سوال جي شروعات ڪري رهيا آهيون.

توهان يقين ڪريو ته توهان ۾ اها طاقت آهي ته توهان پنهنجي باري ۾ تصور کي بدلائي سگهو ٿا. هن وقت جيڪا اوهان جي سڃاڻپ آهي سا ڪا پٿر تي ليڪ ناهي. توهان هر پل ۾ هڪڙو انتخاب ڪري سگھو ٿا. توهان پنهنجي سڃاڻپ جي چونڊيل عادتن سان اها جيڪا شناخت توهان مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿا، چونڊي سگهو ٿا ۽ اهائي ڳالھ اسان کي هن ڪتاب جي گہري مقصد ۽ عادتن جي فيصلا ڪن هجڻ جي اصل سبب ڏانهن وٺي ويندي.

بهتر عادتون ٺاهڻ جو هرگز اهو مطلب ناهي ته پنهنجي ڏينهن کي مختلف اٽڪلن جي نظر ڪري ڇڏجي ۽ ان ۾ ئي ڦاٿل رهجي. اهو هر رات جو هڪ ڏند کي ڌاڳي سان صاف ڪرڻ يا هر ڏينهن ٿڌي شاور وٺڻ يا روز ساڳيو لباس پائڻ جي ڳالهه ناهي. اهو وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جهڙوڪ وڌيڪ پئسا ڪمائڻ، وزن گهٽائڻ يا ذهني دٻاءُ گهٽائڻ جي خارجي قدمن بابت به نه آهي. عادتون توهان کي اهي سڀ شيون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون، پر بنيادي طور تي اهي “ڪجهه هجڻ” بابت ناهن. اھي “ڪجھ ٿيڻ” بابت آھن.

بل آخر توهان جون عادتون اهميت رکن ٿيون ڇو ته اهي توهان کي توهان جي قسم جو ماڻهو بڻجڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. اهي چينل آهن جنهن ذريعي توهان پنهنجي باري ۾ تمام يقين کي تقويت ڏيئي سگھو ٿا. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اوهان پنهنجي عادت بڻجي پوندا آهيو.

باب جو تت:

* تبديلي جون ٽي سطحون آهن: نتيجن کي تبديل ڪرڻ، مروج نظام جي تبديلي ۽ شناخت تبديل ڪرڻ.

* پنهنجين عادتن کي تبديل ڪرڻ جو موثر طريقو اهو آهي ته ان ڳالھ تي زور نه ڏيو ته اوهان ڇا ٿا حاصل ڪرڻ چاهيو بلڪه ان ڳالھ تي فوڪس رهو ته اوهان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو.

* اوهان جي شناخت اوهان جي عادتن مان ڦٽي نڪري ٿي. اوهان جو هر عمل ان ڳالھ جو ووٽ آهي ته اوهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو ٿيڻ چاهيو ٿا.

* اوهان جي ذات جي بهترين ڇاپي لاءِ اوهان کي پنهنجي خيالن ۽ تصورن جي مسلسل ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي، انهن کي وقت سان گڏ بهتر بنائڻو پوندو ۽ پنهنجي شناخت کي وسيع تر ڪرڻو پوندو.

* عادتن جي فيصلا ڪن اهميت آهي ان ڪري نه ته اهي اوهان کي بهتر نتيجا ڏيئي سگھن (جڏهن ته اهي ڏينديون به آهن) پر ان ڪري ته اهي اوهان جي اوهان بابت خيالن کي تبديل ڪري سگھن ٿيون.

 …(هلندڙ)…

fizaqureshi044@gmail.com

***