خاص

فضل الرحمان گرفتار ٿيو ته اسان جي تحريڪ حڪومت کي کيس رها ڪرڻ تي مجبور ڪندي

جمعيت علماءِ اسلام (ف) بلوچستان جي صوبائي امير ۽ رڪن قومي اسيمبلي مولانا عبدالواسع چيو ته جيڪڏهن نيب جمعيت جي رهنما مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪيو ته جمعيت جا ڪارڪن اهڙي تحريڪ هلائيندا جو حڪومت مولانا کي خود رها ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي. ڪوئيٽا ۾ جي يو آءِ (ف) جي صوبائي دفتر ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالواسع چيو ته اي پي سي جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم تشڪيل ڏني وئي آهي، اي سي پي جي ڪاميابي کانپوءِ جمعيت جي رهنما مولانا فضل الرحمان جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. هن جو چوڻ هو ته ميڊيا کان خبر پئي آهي ته پهرين آڪٽوبر تي مولانا فضل الرحمان کي نيب طلب ڪيو آهي، اسان جون پس پرده انڪوائريون پهرين کان ئي ٿي چڪيون آهن، اسان جي جماعت جي ڪنهن به رڪن بجي خلاف ڪو ڪيس ناهي. جي يو آءِ ايف جي مرڪزي رهنما چيو ته جيڪڏهن نيب مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪيو ته جمعيت جا ڪارڪن اهڙي تحريڪ هلائيندا جو حڪومت کيس خود رها ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي.