ڪهاڻيونڪهاڻيون

انٽر لاڪ شوڪت لوهار

املتاس جي وڻ تي ويٺل ڪويل جي درد ڀريل دانهن سان موسم رباب بڻجي چڪي هئي، فوٽو اسٽيٽ مشين جي پاسي ۾ هڪ ننڍڙو هوٽل نما دڪان هو، جتان اسين سڀ ڪلاس جي ڪڙاڻ ۽ ليڪچرن جي هانوءَ تي ڄميل بار کي هڪ سڄي يا تيز مٺي “اڌ ڪٽ” سان ڌوئيندا هئاسين، ان سمي ڪيمپس ۾ ڏاڍو رونشو متل هو، هر ڏسا هر سمت ڏاڍي سندر ۽ دلفريب لڳي رهي هئي، هر طرف خوبصورت ڇوڪريون چنچلتا ۾ دنيا جهان کان بي نياز هيون، وڏو چهچٽو متل هو، ويتر آسمان به ڄامشوري جي هن ڪوهه ڪافي روپ تي مهربان ٿي پيو هو ۽ دل تريءَ تي کڻي هلندڙ جوانن مٿان پنهنجي قرب جي ڪارن ڪڪرن جي ڇانوَ ڪري ڇڏي هئي، ڪنهن ڪنهن سمي رکي رکي گجگوڙ ڪويل جي آواز کي جهڪو جهڪو پئي ڪيو، هوائن جي لهرن تي ڪئين حسينائن جون پوتيون اڏري رهيون هيون، جڏهن ڇاتين تان پوتيون هيٺ سرڪيون پئي ته ايئن پئي لڳو ڄڻ جيئريون پوئڪيون ڇاتين جي جاءِ تي ڦٿڪي رهيون هيون. ڄڻ کير ٿر اکيون مهٽي ننڊ مان سجاڳ ٿيو هجي..! منهنجو ڪلاس ميٽ ساحل به مون سان گڏ هو، اسين ٻئي آءِ بي اي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندا هئاسين. اڄ عشق ۽ محبت جي اظهار جو عالمي ڏينهن يعني ويلنٽائن ڊي هو. هونئن ته عاشقن کي ڪنهن ڏينهن جي کوليءَ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي، پوءِ به اڄوڪي ڏينهن جي نسبت سان هرڪو ڪجهه سرس تيار ٿي ڪيمپس پهتو هو ۽ بازار عشق ۾ اڄ ڪهڙي يوسف کي نيلام ٿيڻو هو اها خبر ڪنهن کي به نه هئي، مان ۽ منهنجو دوست ساحل شرارت کي نظر ۾ رکندي هاسٽل تان ايندي مهل گلاب جا ٻه وڏا تازا گل پٽي آيا هئاسين، ڪيمپس ۾ گهمي رهيا هئاسين، موسم جي مدهوشي ‎ڄامشوري جي مدمست هوائن ويتر ڪيتريون ئي نيريون، سايون، گلابي، ساڙهيون اوڍائي ڇڏيون هيون، حسناڪين سان ڀرپور انهن ساعتن ۾ ڪنهن جل پري جي نينڊ نهار تي دل ڪٺل ڪڪڙ جيان پئي ڦٿڪي ۽ اکيون انبور بڻجي دل ٽوٽا ڪندڙ سنڌو جيان ڊيلٽا تائين ور وڪڙ کائيندڙ جسمن سان ٻکجي پئي ويون. انهن دلفريب لمحن ۾ مون ساحل کي چيو يار هي ڪهڙا ڪم ٿو ڪرائين اسان فقيرن کان پاڻ ڪنهن کي گل آفر ڪنداسين جو پٽرايا اٿئي؟ هتي پنهنجو نه ڪو اوهي نه وارث ايئن نه ٿئي جو ڪنهن ڇوڪريءَ کان پنهنجو پٽڪو ڌوڙ ڪرائي ويهي رهون.

ڪا ڳالهه ناهي پيارا اهو عاشق ئي ڇا چئبو جيڪو سر عام رسوا نه ٿيو هجي؟ اڙي مٺڙا وري به ڪجهه ساعتون ڪنهن اپسرا جي سائي ۾ ته گذرنديون نه، ساحل شرارت جي فل موڊ ۾ هو واهه واهه معنيٰ مان پادر کاوان ۽ تون تماشو ڏسندين؟

نه نه ڪجهه ناهي

ته پوءِ

بس سائين ٻانهون ٻڌيوسين هاڻي تون گل کي ٻٽو ڪري پنهنجي هٿ ۾ رک، صفا ساهه ٿو وڃنين.

ساحل ڇوڪريون پٽائڻ جي مامري ۾ آدم سمٿ کان به ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ رکندو هو، شڪل صورت ۾ به تمام سهڻو ۽ گفتگو اهڙي ڄڻ ڪوڙڪي، اڄوڪي ڏينهن ۽ موسم جي الهڙ جواني جو اثر هو شايد جو اسٽيفن ڪووي جي واٽ تي هلندي سڀني شاگردن پڙهڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو. مون کي منهنجي ڪلاس جي هڪ مارڪ ٽيلي ٻڌايو ته سر نياز جي ڪلاس کانپوءِ ڪنهن به شاگرد وڌيڪ ڪلاس نه ورتو ۽ سڀئي نابري واريو بيٺا هئا ڄڻ ڪنهن فيڪٽري ورڪرز جي يونين پنهنجي اجرت ۾ اضافو نه ٿيڻ تائين ڪم ڪرڻ کان نابري واري هجي، هرڪو اها ڊمانڊ ڪري رهيو هو ته وارو ڪيو پوائنٽ ڪڍرايو ۽ المنظر تي هلو. انهيءَ وچ ۾ پٺيان سڏ ٿيو.

“Excuse Me”

”قمر”

منهنجي دل جي وائلن تيز وڄڻ لڳي،

“جي” مون پٺيان مڙي ڏٺو امبر بيٺي هئي، کيس پيلي رنگ جو گج پاتل هو، اکين جا ٻئي ڪٽورا نيڻ ڪجل جي سنهڙين ڌارائن سان ايئن لڳي رهيا هئا ڄڻ ڪنهن لوهار ٻه ترارون هينئر هينئر سراڻ تان لاٿيون هجن. هن جي جسم جي خوشبو بلو ليڊي ۽ ڊينل ڊزائر کان گهڻو اڳتي نڪري وئي هئي، هن جي مٿئين چپ تي تر هو، جيڪو ڪنهن کي به موهڻ لاءِ ڪافي آهي امبر منهنجي يعني اسان جي ڪلاس فيلو هئي، ڪلاس فيلو ڇا ڪلاس جي سونهن راڻي ئي ته هئي، ڏاڍي سنجيده، ڪمپوزڊ، ٿوري ٿوري چالاڪ، قد ڪاٺ، هاٺي، بت ۾ هڪ اپسرا جو ڏيک ڏيندي هئي. هڪ ٻه دفعا اڳ ۾ منهنجي دل هن سان ڳالهائڻ ۽ وچڙڻ لاءِ ڏاڍو تڙپي هئي، پوءِ پنهنجي دل کي ڊيل ڪارنيگي جا ڪوڙا سچا دليل ڏئي چپ ڪرايو هئم ته پٽ! چپ ڪري هل ايئن نه ٿئي جو وتين هاسٽل کان ڪيمپس تائين پنا ميڙيندو.

“ڪيڏانهن پيا وڃون” هن پنهنجي واتان هي جملو ڇا اڪليو ڄڻ ڏاڙهون چيرجي ڇڻي پيو، “ڪيڏانهن به نه” مون پاڻ کي مڪمل شرافت جي ڪمبل ۾ ويڙهي ڇڏيو. اڄ شايد باقي ڪلاس ڪونه ٿيندا سو روم تي واپس وينداسين، “۽ هي گلاب جو گل” امبر گلاب جي گل ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو. هي بس ايئن ئي وا… واس وٺڻ لاءِ هاسٽل تان منهنجي دوست ساحل پٽيو هو، سو مون کي ڏيئي ڇڏيائين. مان لڄارو ٿيڻ لڳس. “ڪنهن کي ڏيندئو؟” هن ٻيو سوال اڇليو “مار پويس ساحل الائي ڪيڏانهن مري ويو هاڻي مان ٿيان ٿو بيعزتو” مون دل ۾ چيو. منهنجي دل بيقرار ٿيڻ لڳي مون کي امبر جي اڄوڪي ويجهڙائپ ڪهڻ لڳي ۽ من مندر ۾ گهنڊ وڄڻ شروع ٿي ويا، موقعي جو فائدو وٺندي پنهنجي سموري عزت هڪ ئي چال ۾ داءُ تي لڳائڻ جو فيصلو ڪيم، ڌڙڪندڙ دل سان چيم “جي قبول پوي ته هي گلاب توهان لاءِ آهي” مون ڏڪندڙ هٿن ۽ ڌڙڪندڙ دل سان گلاب جو گل امبر جي نازڪ پشميني هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو. “امبر پارت هجيو” مون ڦاهي چڙهندڙ قيدي جيان پنهنجي آخري خواهش بيان ڪئي، امبر مرڪيو ۽Its Okay  چيائين مون اکيون جهڪايون ۽ ساحل کي ٻڌائڻ کانسواءِ ئي هاسٽل تي هليو آيس. بقايا ڏينهن عجيب ڪيفيت جي وات جو گرهه ٿي گذاريم، سڄي رات هورا کورا ۾ پاسا ورائيندي گذري، ساحل ڪهڙي مهل آيو مون کي ڪابه خبر نه هئي، مون کي ملڪ جهان جي ڇا ان مهل پنهنجي به خبر ڪونه هئي ته هي مون ۾ ڪهڙيون عجيب ڪيفيتون برپا ٿي رهيون آهن؟ هي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ پنهنجي روم جي هر ڪنڊ ۾ هر ڏسا ۾ امبر کي پاتم، هن جي هٿ ۾ گلاب هو ۽ هوءَ مهڪي رهي هئي. ڪيئي دفعا ڪتاب کوليم پڙهڻ جو بهانو ڪيم، پر هر جملي هر لفظ هر نقطي ۾ امبر جي وجود کي نروار ٿيندي ڏٺم. عجيب مرگهه ترشنا جي واچوڙن ۾ وڪوڙيل رهيس، پتڪڙا پتڪڙا درد، مٺا مٺا سور هئا پيار جا. ٻئي ڏينهن تيار ٿي ڊپارٽمينٽ پهتس سامهون امبر بيٺي هئي، مون کي ڏسي مون ڏانهن وڌي آئي ۽ مون کي چيائين، سينٽرل لائيبريري هلون؟ مون کي اتان ڪجهه ڪتاب گهربل آهن، “انڌو گهري ڌنڌلي ديد، جي راهون ئي روشن ٿي پون ته ٻيو ڇا کپي” رستي ۾ هلندي هن مون کان منهنجو نمبر ورتو ۽ مون کي چيائين “ڏسو قمر مون توهان جي شرافت ۽ سادگي کي ڏٺو آهي، اوهان سڀني کان مختلف آهيو، پڙهڻ لکڻ سان چاهه رکندڙ ۽ ٻين جيان ڇيڳرا ۽ دل ڦينڪ ناهيو، پر جي توهان ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهايو ته پوءِ مون سان ڪڏهن به نه ڳالهائجو” محبت جي ٽريولنگ گائيڊ تان ڪجهه اصولن جون ٻيڙيون پيرن ۾ پارايون ويون، مون هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ها جڏهن مان فون ڪيان يا مسڊ ڪال ڏيان تڏهن مون کي فون ڪجو خبردار جو ايئن نمبر ڊائل ڪيو اٿَوَ. منهنجي فيملي سخت آهي مون کان موبائيل ڦرجي ويندو. “جي جي” اوهان فڪر نه ڪريو جيئن چاهينديون ايئن ئي ٿيندو، مون اڇي پني تي ڄڻ سائين ڪري ڏني ته اڄ کانپوءِ منهنجي هر شيءِ جي مالڪ تون ئي آهين. ڪتاب ورتائين ڪتاب وٺڻ کانپوءِ امبر سلائيس پيتي ۽ مان چانهه.. ايئن ئي ڏسندي ڏسندي اوهان، توهان، تون مون کي جنم ڏئي ڇڏيو، آسمانن جي قد جيڏا واعدا ڪياسين، سمنڊن جي گهرائين جيڏا قسم کنياسين. امبر جي اکين ۾ پاڻ لاءِ ايترو پيار ڏسي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي پنهنجي قسمت تي رشڪ ٿيندو هو ۽ حيرتن جا ڪيئي ڪاڪ محل لتاڙي ويندو هئس، امبر جنهن جي نيڻ ڪٽورن جو مڌ پيئڻ لاءِ هر نوجوان صرف اشارن جو محتاج هو، هن جو مون کي انتخاب ڪرڻ مون لاءِ ڄڻ ڪو وڏو اعزاز هو، لاٽري ئي ته نڪري پئي هئي منهنجي، امبر جي محبت جي صورت ۾، ڪلاس ۾ جهجو تعداد هو ڇوڪرين جو پر امبر حسن ۽ پنهنجيBehave  جي ڪري سڀني کان مختلف هئي.

“پيارا تون ته وئين هاڻ ڪم کان اسان توکي هاڻ پنهنجي لسٽ مان خارج ٿا ڪريون” رات جو ساحل مون کي سينٽرل ڪينٽين تي ماني کارائيندي چرچو هنيو.

“نه نه مٺڙا اهڙي ڳالهه ناهي”

ٺهيو ٺهيو مجنون صاحب هاڻ گهڻو سيريس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، ساحل ٽوڪيو. نه يار مان امبر کي پنهنجي دل جي گهراين سان چاهيان ٿو، هوءَ منهنجي زندگي آهي، هوءَ منهنجي جياپي جو ڪارڻ آهي، هن مون سان ۽ مان ان سان جيئڻ مرڻ جا قسم کنيا آهن، پڙهائي پوري ٿيندي ئي اسين ٻئي هڪ ٿي وينداسين، مون ساحل کي وضاحت ڪئي. “يار تنهنجي مرضي تون ته الائي ڪهڙي زماني جون ڳالهيون پيو ڪرين، هي ڏاڍو فاسٽ پيرڊ آهي ان ۾ تو جهڙا سلو عاشق ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ‎سمجهه ۾ ڪونه ٿا اچن” ساحل برياني کائيندي چيو. “هوءَ مون سان انتهائي سچي آهي، هوءَ مون کي تمام گهڻو چاهي ٿي” مون هن کي چيو:

يار اسين ته آهيون ڀونئرا هڪ گل تي ويهڻ پنهنجي فطرت جي ئي خلاف آهي، جيستائين مختلف گلن جو واس نه وٺون نشا ئي نه ٿين، ڇوڪرين کي به ڪپڙن جيان مٽائڻ گهرجي، سڄو وقت هڪ ماڻهو سان گهٽ ۾ گهٽ مون کان ته افورڊ ڪونه ٿيندو ڊيئر. ساحل پنهنجي دل ڦينڪ طبيعت بابت ٻڌايو، هو هڪ ڪاموري جو پٽ هو ۽ يونيورسٽي لائين کي صرف ۽ صرف انجوائمينٽ تائين محدود رکندو هو، آخري ڏينهن ۾ الائي ڪهڙي طرح استادن کان پاسنگ مارڪس وٺي ايندو هو، مون کي رات جو امبرText  ڪيو ته سڀاڻي پنهنجو پهريون ڪلاس دير سان آهي سو آئون سنڌيالاجي وٽ لهنديس ۽ تون اتي اچجانءِ مون دل ئي دل ۾ الله جا ٿورا مڃيا جو منهنجون دعائون اگهجي رهيون هيون، سڄي رات پاسا ورائيندي گذري، ڪڏهن ڪهڙا خيال ته ڪڏهن ڪهڙا خيال، بس خيالن جي هڪ نيري ندي هئي جنهن ۾ آئون پنهنجي ٻيڙي هلائي رهيو هئس، دل ۾ هڪ عجيب سڪون ۽ مٺڙي درد جي ڪيفيت هئي. صبح ٿي آئون تيار ٿي بليو جينز ۽ ريڊ ٽي شرٽ پهري ڪينٽين تان ناشتو ڪري سينٽرل لائيبريري تان ٿيندو سنڌيالاجي ڏانهن وڌڻ لڳس، لورز پوائنٽ وٽ هڪ جوڙي کي ڏٺم ۽ دل ئي دل ۾ دعا ڪيم ته شال خوش هجن، اڳتي وڌي علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تان دعا گهرندو سنڌيالاجي وڃي پهتس مون کان اڳ ۾ امبر هڪ املتاس جي وڻ  هيٺان ٺهيل بئنچ تي ويٺي هئي مون کي ايئن لڳو ڄڻ يوناني ديوي ايفروڊائيٽ ٻيو جنم ورتو هجي، طوطائي رنگ جي وڳي ۾ ملبوس امبر مون کي ان وقت ڏاڍي وڻي رهي هئي، هن جي وشال چهري تي ڦهليل مرڪ سان مٿئين چَپ مٿان ڪارو تِرُ بس غضب ڪري رهيو هو، امبر جي مدمست جواني ڏسي مون کي سمجهه ۾ آيو ته خدا هيءَ ڪائنات ڪيتري نه حسين ٺاهي آهي، گل، ٻوٽا، هوائون، پر جيڪڏهن انسان جهڙي مخلوق نه خلقي ها ته هي سڀ ڪجهه تڇ هو، انسان ۾ عورت جي تخليق واقعي خدا جي خدائي تي يقين لاءِ هڪ اڻ مٽ ثبوت ئي ته هئي. “ڇو ايڏي دير!!!؟ آئون هتي اڪيلي ويٺي آهيان” امبر شڪايت جو دفتر کوليو.Sorry  مٺي رستي ۾ هڪ دوست ملي ويو هو ان جو مائٽ ڪو لمس ۾ زير علاج آهي ان کي رت گهربل هو سو وري هڪ ٻئي دوست کي ان جيArrangement  لاءِ فون ڪيم ان ڪري ٿورڙي دير ٿي وئي، “ٺهيو ٺهيو هاڻي! هي وٺ کاءُ” امبر پاڻ سان آندل ننڍڙو ٽفن باڪس وڌايو هن ۾ ڇا آهي؟ “هن ۾ اسپيگيٽي آهي” هي کاءُ خاص تو لاءِ ٺاهي آهي، هاسٽل جي جيل جهڙي مينيو واري ماني کائي کائي صفا ڪانگ ٿي ويو آهين. “مان ته ناشتو ڪري آيو آهيان” مون چيو “ها خبر آهي تنهنجي ناشتي جي اڌ ڪٽ ۽ هڪ ڪيڪ!” امبر جي پنهنجي لاءِ سڪ ۽ اڪير ڏسي حيران ٿي ويس، مٺڙي هتي ڪي ڪي اهڙا شاگرد به آهن جيڪي قاهو ڪٽ ۽ ڪيڪ به افورڊ نٿا ڪري سگهن، پوءِ به هو پڙهن ٿا، انهن جي همت کي سلام آهي، مون امبر کان اسپيگيٽي وٺندي چيو، ها ائين ته آهي پنج ئي آڱريون برابر ڪونهن، ڪو غريب آهي ته ڪو امير، مون اسپيگيٽي کاڌي ۽ ٻه ڪولڊ ڊرنڪس گهرايون، “تون مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين قمر!” امبر سوال ڪيو، منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، نه مٺڙي ايئن ڪيئن ٿيندو، هاڻ جيئڻ مرڻ بس توسان آهي، آئون توکي ڇڏيان ته ڪافر ٿي مران! مون امبر کي يقين ڏياريو، جهٽ گهڙي ماٺ وچ ۾ اچي ويهي رهي، امبر اکيون مٿي کنيون سندس اکيون ڀريل هيون “ڇو مٺي! ڇا ٿيو، مون پڇيو”

I love u Qamar

I love u too

امبر پنهنجا نرم هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا مون اڀ ۾ نهاري هن جو هٿ زور سان پنهنجي هٿ ۾ جهليو. هاڻ هي هٿ قيامت تائين قابو آهي. امبر جي ويجهڙائپ ۽ ان جي جسم مان ايندڙ مارڪوئس اسپري جي خوشبو مون کي هڪ رنگين دنيا ۾ موڪلي ڇڏيو، خوشبوئن جي درياءُ ۾ ترندي واپس ان وقت ٿيس جڏهن اوچتو امبر مون کيKiss  ڪري هٿ سان چهنڊڙي هنئي، امبر اڄ مون کي موکيءَ جيان پروڪو پياري مدهوش ڪري ڇڏيو، پريان وڻن تي ويٺل پکين جي ٻولڻ ۾ تيزي اچي وئي. آئون امبر جو سڊول جسم ۽ مخروطي هٿ، ويڻي جي بناوٽ ڏسي دنگ رهجي ويس امبر هڪ ڀيرو وري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي منهنجي هٿ کي چمي ڏني.

“قمر”

“جي”

آئون اڪيلائي ۾ توسان ملڻ چاهيان ٿي، توکي پنهنجو ڪرڻ چاهيان ٿي، تو لاءِ سانڍيل پيار توکي ڏيڻ چاهيان ٿي، امبر جي مڌ مست اکين ۾ مون کي سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر آيو “تون ڪيڏوCute  آهين نه” وقت کي پر لڳي ويا پوائنٽ جو ٽائيم ٿي ويو، خبر ئي نه پئي، مٺي ضرور اڪيلائي ۾ به ملي وٺبو، آئون پاڻ ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ آهيان، موقعو ملي ته گهر وارن سان تو بابت ڳالهايان. مون امبر جي تڙپ کي محسوس ڪندي چيو، ها اهو ته ٺيڪ آهي، پر مان شادي کان اڳ ۾ به توسان ملڻ چاهيان ٿي، توکي ۽ تنهنجي پيار کي دريافت ڪرڻ چاهيان ٿي، ٻڌو اٿم ته شادي کانپوءِ ماڻهو ۾ تبديلي اچي ويندي آهي، آن لاءِ آئون في الحال ته شادي جي حق ۾ به ناهيان.

“اوڪي”Don’t Worry

”ملي ٿا وٺون، ڪٿي ٻاهر ريسٽورينٽ ۾” “يار تون به” امبر ڦڪائپ جو اظهار ڪيو، صورت جو ڪيڏو سهڻو آهين، پر جذبن جي آڳ جي ذرو به سيڪ ڪونه اٿئي، امبر دل ئي دل ۾ پاڻ سان ڳالهايو، ٺيڪ آهي سڀاڻي ڪيمپس ۾ ۽ ها هي ٽفن ضرور کڻي اچجانءِ، نه ته وري ٻي واري ڪجهه نه ملندئي.

ها ها ها

Okay Bye

هٿ هوا ۾ لڏندا امبر ۽ منهنجي وقتي جدائي جو اعلان ڪرڻ لڳا، واپس اچي مون کي امبر جي پيار ۽ پريت جي خوبصورت خيالن ورايو، مون امبر سان گهاريل هنن مڌر ساعتن ۾ پاڻ کي هوائن ۾ اڏرندڙ اڇن ڪڪرن جيان ڀانئيو، ان وقت ڄامشوري کي ٿڌڙين هوائن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو، بوگن ويلا جي مهڪار ۽ املتاس تي ڪويلن جي ٻولي دل جي دري تي امبر جي يادن جا ديپ روشن ڪري ڇڏيا هئا، سينٽرل لائبريري جي ريفرنس سيڪشن مان هڪ ڪتاب جي ڪجهه چيپٽرز کي فوٽو ڪاپي ڪرائڻو هو، اوڏانهن هليو ويس.

“قمر!” “جي”

 ادا آئون نازش آهيان،

نازش سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي، مان ۽ ساحل. “اوه ها ياد آيو” مون فوٽو ڪاپي واري کان پنا وٺندي چيو ڇا حال آهن؟ ڪيئن آهيو اوهان، ٺيڪ ته آهيو نه اوهان ڇو ايڏا پريشان ٿا ڏسجو؟ خير ته آهي، مون يڪ ساهي سڀ سوال پڇي ورتا، “نه ڀاءُ هونئن ته سڀ ٺيڪ آهي” “ساحل….”

“ڇا ٿيو ساحل کي” ساحل جو نمبر بند پيو وڃي هن مون کي اڄ ٽائيم ڏنو هو، آئون ان کي اڄ شام پنهنجي مائٽن سان ملائڻ واري هئس، پر خبر ناهي ته هو ڪٿي رهجي ويو آهي؟ اوهان جو روم ميٽ آهي اوهان کي ڪا خبر چار؟Please  “منهنجي مدد ڪيو” نازش جي ساحل لاءِ پريشاني مون کي پريشان ڪري ڇڏيو، گهٻرايو نه ملي ويندو ڪٿي ڪو ڪم ٿي پيو هوندس، ان وقت آنڌارو آهستي آهستي ڪنهن ڪٺل پکي جيان ڪينٽين جي سائي ڇٻر جي شام تي بولاٽيون کائي رهيو هو، سامهون ڪيترائي شاگرد بحث مباحثي، ڪچهري، ڀوڳ ٺڪاءَ ۾ رڌل هئا، “يار ڪٿي هئين تون” مون ساحل کان پڇيو اتي ئي بابا اسين آهيون من موجي سو جتي موڊ ٿيو اتي پڙاءُ وڃي هڻندا آهيون.

“پوءِ به” اڄڪلهه هڪ نئين اسائنمينٽ تي ڪم پيو ڪريان ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي؟ يار پهرين پراڻين اسائنمينٽ کي ته منهن ڏي مون چيو “ڇا ٿيو” يار هوءَ نازش ملي هئي تو لاءِ ڏاڍو ٿي پڇيائين، ڏاڍي پريشان ٿي ڏٺي.

ها ها ها ساحل چانهه پيئندي وڏا ٽهڪ ڏنا، يار هوءَ چري آهي، هوءَ به تو وانگر مون سان دل اڙائي ويٺي آهي، چئي ٿي مون سان محبت ٿي وئي اٿس ها ها ها محبت! “يار تون ته جان آهين تو سان ڪهڙو لڪ لڪاءُ يار نازش ته هاڻ ڳچي ۾ پئجي وئي آهي، چئي ٿي ته مائٽن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ مون کي انهن سان ملائڻ چاهي ٿي، شادي جا خواب پئي ڏسي ها ها ها” ساحل جي مڪاري ٽهڪن جي تيزاب ۾ مون کي نازش جهڙي معصوم ڇوڪري ڳرندي نظر آئي، مون کي ان وقت شيڪسپيئر جي ڳالهه ياد آئيSmile smile and be villian  کلو کلو ۽ مرون بڻجي وڃو. يار هڪ ٻه دفعا ٽيسٽ ڪيو اٿمانس ٽيسٽ ايڏو سٺو ڪونه اٿس، ڦڪي آهي، او بلڪل هن چانهه جيان “ها ها ها”، ساحل جي ٽهڪن ۾ الاهي طنز هئي، يار هي آهي ته تنهنجو ذاتي معاملو، پر هڪ دوست جي حيثيت ۾ مان ايترو چوندس ته ڪنهن جي زندگي تباهه ڪرڻ سٺي ڳالهه ڪانهي، نازش سٺي ڇوڪري آهي، تون ان سان شادي ڪري ڇڏ هوءَ توکي کوڙ سارو پيار ڏيندي، جيڪڏهن تون ان کي ڇڏي ڏيندين ته باقي ان وٽ ڇا بچندو، يار انهن ڇوڪرين وٽ سواءِ عزت جي ٻيو هوندو ئي ڇا آهي؟ اسان جي سماج ۾ هونئن به عورت ڪهڙي حالت ۾ آهي پاڻ انهيءَ کان چڱي ريت واقف آهين، مون چانهه پيئندي کيس سمجهايو، “اڙي يار مجنون! تون آهين نه، سڀني ڇوڪرين جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ کڻي نازش جا به اگهجانءِ، آئون هاڻ ان مان هونئن به تنگ آهيان، روئڻي آهي، مون ته سندس باب بند ڪري ڇڏيو” اڙي ميان زندگي چار دن ڪي چاندني هي، گهم ڦر عيش ڪر ماما. شادي جهڙين ڪوڙڪين ۾ ڦاسڻ جون ڳالهيون ڇڏ، ڇوڪريون آهن رس ملايون، ٽيسٽ وٺ ۽ اڳتي هل “ساحل مون تي طنز ڪئي، ساحل جي ڇوڪرين بابت سوچ تي مون کي حيرانگي نه ٿي، جو اسان وٽ ڪجهه قصور نازش جهڙين ڇوڪرين جو به آهي، ساحل ته انهن کي جڳهه جڳهه تي ملندا رهندا، انهن کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجي، ها پر يار دل جي ڪاروبار ۾ ڪهڙو فائدو ڪهڙو نقصان اهو ڪنهن ڄاتو آهي؟ هي ته بس هجڻ نه هجڻ جي هڪڙي مٺي اذيت آهي، منهنجي دل ڀڻڪيو. ڳوٺ مان فون آئي ته وڏو ادا آيو آهي دبئي مان، مان سومر تي وڃي ڳوٺ پهتس، منهنجي پڙهائي ۽ گهر جي ضرورتن کي ادا وڏي پورو پئي ڪيو، هو اسان لاءِ ڇپر ڇانو هو، هو اسان سڀني لاءِ هڪ اتساهه هو، ٻاهر رهڻ جي ڪري روشن خيال ۽ هر نئين ڳالهه کي پسند ڪندڙ، سوچيو هئم ته امبر جي باري ۾ ادا سان ڳالهائيندس، پر پوءِ همت نه ساري سگهيس ۽ موقعي جو انتظار ڪيم، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ادا ڪراچي ۾ ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپني کي جوائن ڪري ورتو، هو هڪ سٺو آرڪيٽيڪٽ هو، انهيءَ وچ ۾ ادا حيدرآباد ۾ هڪ فليٽ به وٺي ڇڏيو، مان پنهنجو سامان کڻي فليٽ منتقل ٿي ويس، ادا وڏي جا مهيني ۾ هڪ ٻه ڪراچي جا چڪر لڳندا هئا، جنهن لاءِ هو ڳوٺ مان ايندي يا ويندي فليٽ تي قيام ڪندو هو ۽ مون کي به خرچي پاڻي ڪرائي ڇڏيندو هو، آئون ڪڏهن فليٽ تي ته ڪڏهن هاسٽل تي بس امبر جي من موهيندڙ مورت کي اکين ۾ سمويو جي رهيو هئس، ڪيمپس جا ڏينهڙا ايئن گذري رهيا هئا جيئن اس تي رکيل برف ڳرندي آهي، اصل خبر تڏهن پئي جو آخري سيمسٽر ۾ اچي پهتاسين، ايم بي اي جي ڊگري کانپوءِ ادا جو خيال هو ته هو مون کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ٻاهر موڪليندو. انهن ئي ڏينهن ۾ امبر مون سان ضد ڪيو هو ته مان ساڻس اڪيلائي ۾ ملان، گهڻائي ٽال مٽول ڪيا هئم، پر منهنجي امبر جي اڳيان هڪ به نه هلي هئي، نيٺ هڪ ڏينهن امبر جي سونهن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئم، هن کي فليٽ تي وٺي آيو هئس، امبر جي ڀريل ڇاتين ۽ ڪٽورين اکين منهنجي اصولن ۽ پابندين کي سونامي بڻجي ٻوڙي ڇڏيو هو، شام تائين امبر سان پيار ڪيو هئم، آسمان تي وڄ ڪڙڪي هئي، آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو هو، منهنجا هٿ امبر جي نرم نرم هٿن ۾ هئا، ڪيتري دير تائين اسان جي چپن ۽ زبان ساڪر راند کيڏي هئي، ٻيڙي جا ٻئي چپو منهنجي هٿن ۾ هئا، ٻيڙي جيڪا ٿڌي هوا جي جهوٽن ۽ ميرانجهڙي پاڻي تي لڏي ۽ لمي رهي هئي، ٻيڙي…..، اسان ٻنهي جي جسمن جي ٻيڙي. شام جو هوش آيو هو، هر شيءِ ڪمري ۾ وکري پئي هئي، اسان جي ڪپڙن سان گڏ اسان جو شرم ۽ حياءُ پڻ. امبر وهنجي آئي هئي هن جي چهري تي هڪ عجيب رونق ڇانيل هئي، هن جي اکين ۾ هڪ نشو هو، هن جي چال ۾ تبديلي اچي وئي هئي، امبر مون کي هڪ آخري چمي ڏيئي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي وئي هئي نه ڄاڻ، ڪيتري دير پنڊ پهڻ ٿيو ويٺو هئس، اندر ۾ هڪ عجيب احساس ٿي رهيو هو “ڇوڪرين وٽ باقي هوندو ئي ڇاهي سواءِ…. ساحل کي چيل منهنجا لفظ مون کي ئي چُڀي رهيا هئا، فليٽ هڪ عجيب موسيقي جي ساز ۾ تبديل ٿي رهيو هو، هر طرف کان بانسرين ۽ هارمونيم جا آواز اچي رهيا هئا گهڻن ئي ڏينهن تائين آئون امبر سان اکيون ملائي نه سگهيو هئس، هڪ ڏينهن هوءَ مون کي ڪيميسٽري جي لان ۾ وٺي وئي هئي، جتي ويهاري ان پاڻ سان آندل اسپيگيٽي کارائي هئي”

“امبر مون کي معاف ڪجانءِ يار”

“ڇو ڇا ٿيو؟”

“مٺي! ان ڏينهن فليٽ تي….”

“ڇڏ نه هاڻي بور ڇو ٿو ڪرين”

“نه يار واقعي” مون کي خبر ناهي ڇو اندران ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ اڏوهي منهنجي اندر کي کائي رهي هجي، منهنجي جان! تون مون کي سٺو لڳين ٿو آئون توکي وڻان ٿي ڳالهه ختم، آئون ته توکان اهو پڇان ٿي ته وري ڪڏهن ملون؟ “نه مٺي! هاڻ پاڻ ايئن نه ملنداسين شادي ڪنداسين”

“ڇا؟”

اسپيگيٽي کائيندي هن جو هٿ رڪجي ويو، وري ڪجهه سوچي ها يار اها به ڪري وٺنداسين ڪهڙي تڪڙ آهي، هونئن به منهنجو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪير؟ امبر ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. امبر پنهنجي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ۽ چيائين اڙي يار قمر مون کي سيمينار لائيبريري کي ڪتاب واپس ڪرڻا آهن، هل نه ته لائيبريري بند ٿي ويندي، وري هي بار ڪير کڻندو. “جانا ڪتابن کي بار نه سمجهندي ڪر” ڪتاب ماڻهن جي زندگين جي ولوڙ هوندا آهن، اڙي يار جڏهن ايڊم سمٿ جون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه آيون ته اهي فلسفيانه ڳالهيون ڪنهن جهاز جيان منهنجي مٿان گذري وينديون” “اٿ نه پليز” امبر جي پنهنجائپ ڏسي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي ۽ ايئن ٻئي آءِ بي ڊپارٽمينٽ طرف وڌڻ لڳاسين، گهڻن ڏينهن کانپوءِ سوچيم ته ڳوٺان چڪر لڳائي اچان، ساحل کي چيم ته يار دل چئي ٿي ته ڳوٺ مان ٿي اچان! ها ڀلي. “يار ساحل هي منهنجي فليٽ جي هڪ چاٻي تون پاڻ وٽ رک جيستائين آئون نه اچان فليٽ تي رهجانءِ، جو اتي منهنجو پي سي ۽ ادا وڏي جو ڪجهه قيمتي سامان پيل آهي”

اوڪي بابا سائين.

ٻيو ڪو حڪم

ساحل ڪرسي تي ويٺي پنهنجي ٽچ اسڪرين موبائيل ۾ ڪيApps  پئي ڏٺا، آئون جيئن ئي واپس ايندس ته توکي اطلاع ڪندس “حاضر مٺا” ساحل بنا ڏسڻ جي هائوڪار ڪئي، مون امبر کي ٻڌايو ته آئو سڀاڻي واري ڪوچ ۾ ڳوٺ ويندس، جنهن تي هن گهڻو ئي احتجاج ڪيو ته في الحال نه وڃ، امتحان کانپوءِ وڃجانءِ پر مون کيس چيو ته آئون هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندس ۽ پوءِ امتحان جي تياري ڪري وٺنداسين، هوءَ به ڪنونس ٿي وئي، آئون صبح جو تيار ٿي ڪوچ اڏي تي پهتس بڪنگ ڪرايم گاڏي ۾ ڪجهه دير هئي، پنهنجي پسنديده اخبار ڊان ورتم، پاڻي جي بوتل ۽ هڪ ماري بسڪيٽن جو دٻو، ڪجهه ئي دير ۾ ڪوچ اچي وئي، پنهنجي مقرر سيٽ تي وڃي ويٺس، ڪوچ ۾ ڪاViolent  مووي هلي رهي هئي، ڊرائيور کي آواز گهٽائڻ لاءِ چيم ۽ اخبار پڙهڻ ۾ محو ٿي ويس، ٿوري دير کانپوءِ امبر جو مئسيج آيو ڪٿي آهين؟ ڪوچ ۾ ويٺو آهيان، بس ٿوري دير ۾ هلڻ واري آهي، جواب ڏنم، جهٽ رکي وري امبر جي ڪال آئي، “ڪٿي آهين” اڙي مٺي ٻڌايم ته ڪوچ ۾ آهيان بس هاڻ نڪرڻ تي آهي، ڇو ٿي مون لاءِ ايتري پريشان ٿين، دلجاءِ ڪر آئون خيريت سان آهيان، گهر پهچي پوءِ ٻڌائيندس، “قمر الائي ڇو اڄ تنهنجي ياد پئي اچي، اڙي يار آئون اچي ويندس، تون مون کي گهڻو ياد نه ڪر نوٽس ٺاهي وٺ ها ها ها” “پڳلي ايترو پريشان ٿبو آهي ڇا؟ چڱو هاڻ بند ٿو ڪريان بس ڪوچ نڪري ٿي.” “اوڪي باءِ” “آءِ لو يو” “آءِ لو يو ٽو” ڪال ڊسڪنيڪٽ مس ڪيم ته مٿان ادا وڏي جي ڪال اچي وئي “ڪٿي ڪامريڊ” ادا پيار مان ڪامريڊ سڏيندو هو “ڪوچ ۾ ويٺو آهيان ڳوٺ پيو وڃان” مون جواب ڏنو، مان ڪراچي مان ٿوري دير ۾ نڪران ٿو، پوءِ حيدرآباد اچي فليٽ تي آرام ڪندس ۽ ‎شام گڏ هلنداسين. پنهنجي گاڏي تي، “پر ادا آئون ته ٽڪيٽ به” “اڙي ڪامريڊ ڪڏهن اسان جي به ٻڌندا ڪريو” “‎ٺيڪ آهي” “اوڪي ملون ٿا ٿوري دير ۾” ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي، نه چاهيندي به ڪوچ تان لهڻو پيو، جو ادا جو حڪم هو، رڪشا ڪرائي پلازا وٽ پهتس، ڀاڄي وارن جا هوڪا، ماڻهن جي پيهه پيهان ننڍڙو بيگ کڻي پلازا جي وڏي عمارت کي ڏسي ان جي ڏاڪڻين تي چڙهڻ شروع ڪيم، ڏاڪڻيون هيون جو ختم ئي نه ٿي رهيون هيون، اٺين فلور تي فليٽ هو، موڊ آف هو، پر ادا وڏو هو ان ڪري ان جي هر ڳالهه حرف آخر ڪري مڃي ويس، پنجين فلور تي پهچي پاڻ سان ورتل پاڻي جي بوتل کولي پاڻي پيتم وري هلڻ شروع ڪيم، چاٻي انٽر لاڪ ۾ هڻين جيئن ئي دروازو کوليم ته پاڻ تي، پنهنجي وجود تي، هن ڪائنات کي زريون زريون ٿيندي هوا ۾ اڏندي ڀانيم، اکيون ٻاهر نڪري آيون جسم کي ڪنهن گرم سگري تي رجندي ڀانيم، آسمان ڦاٽي پيو هو، ڌرتي ڄڻ ڪيڏانهن اڏامي هلي وئي هئي، منهنجي مٿي ۾ ڄڻ ڪنهن زور سان اسٽيل جو ڪوڪو ٺوڪيو هو، منهنجي نڪ ۾ خبر ناهي ڪٿان ڪنهن زور سان مترڪي جو ڌڪ هنيو هو، اکين اڳيان سڀ منظر ڪنهن فلم جيان ريورس ٿيڻ لڳا هئا، يونيورسٽي، هاسٽل، ڪيمپس، املتاس جا وڏا وڻ، سنڌيالاجي ميوزيم جا سڀئي بوتا، سينٽرل لائيبريري جون ڏاڪڻيون، ڪيميسٽري لان، اهي سڀئي شيون ٽوٽا ٽوٽا ٿي هوا ۾ اڏامي رهيون هيون، سامهون امبر بنا ڪپڙن جي اها راند پئي ڪئي جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ مون سان ساڳي جاءِ تي ڪئي هئائين، پر هن دفعي رانديگر تبديل هو، منهنجي جاءِ تي منهنجو دوست، منهنجو روم ميٽ ساحل سندس ڀاڪرن ۾ ڀريل هو.

shoukatmuet@gmail.com

***