ڪهاڻيون

سامائي تان سُک ويا،ڪهاڻي

فتاح شرجيل

1954-دادو …… اسٽور ڪيپر چيو ته اڄ اوهان کي ڪرڪيٽ جو سامان نه ملندو، ڇو جو ڪافي ٽيمون اڳواٽ سامان کڻي ويون آهن. اڄ اوهان فوٽ بال سان پاڻ وندرايو. اهو ڏينهن چڱو ڪونه هو جو فوٽ بال کي هيڊ ڪرڻ واسطي، جيئن ئي مون جمپ ڪيو ته وڃي ڪنهن جي مٿي سان ٽڪرايس، چڪر اچي ويا، ٿوري هوش کانپوءِ خبر پئي ته موهن به بال کي هيڊ ڪرڻ واسطي جمپ ڪيو هو. نتيجي ۾ منهنجا اڳيان ڏند موهن جي نرڙ سان ٽڪرايا جنهن ۾ هو رتو رت ٿيو ۽ منهنجي سامهون وارن ڏندن مان ڪنهن هڪ ڏند جو ٽڪر اڏامي ويو، اها نشاني اڄ به موجود آهي. (جو اهي ڏند اڄ به پيا گهلجن) ۽ موهن جي ياد پيا ڏياريندا آهن. خبر نه آهي موهن جيئرو به هوندو الائي نه (موهن منهنجو ڪلاس ميٽ هو).

1955-دادو …….. اها ڪا رٿيل ميچ ڪانه هئي. هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي روز مره جي راند هئي. مان ڪو وڏو رانديگر نه هئس البته ڪهڙو به بال هجي، ان کي ڪنڊ پاسي ڪندي يا روڪڻ ۾ ٿوري گهڻي سمجهه رکندو هئس. ان ڪري فاسٽ فالرز ڪافي توائي ٿي ويندا هئا. ان جو فائدو منهنجو ساٿي ڇڪن ۽ چوڪن جي صورت ۾ وٺندو هو. ڪِشن اسان جي ڪلاس جو فاسٽ بالر هو، جهڙو هو بدن جو ڳرو، تهڙو ئي سندس قد ڪاٺ ڊگهو ۽ ويڪرو هو. مون ان راند ۾ ڪافي اوورس ڪڍيا هئا ڪجهه رنسون به ٺاهيون هئم ڪشن صفا ڳاڙهو ٿيل هو. جو منهنجي ساٿيءَ به سندس خوب آڌر ڀاءُ ڪيو هو. مون کي ان ڳالهه جو بلڪل به خيال نه هو ته هاڻي مون سان ڇا ٿيڻ وارو آهي! جڏهن ڪشن جو نئون اوور آيو ته مان سندس سامهون هئس. جڏهن ڪشن کي بال ڪرائڻ لاءِ پاڻ ڏانهن ڊوڙندي ڏٺم ته، ٿوري دير لاءِ بيٽ تي پڪڙ ڍري محسوس ڪيم، پر پاڻ کي سنڀاليندي بيٽ کي زور سان جهلي ٿورو زمين کان مٿي ڪيم ته بال تيزيءَ سان اچي منهنجي ساڄي پير جي مُري تي لڳو. دوستن جي چوڻ مطابق ته مان زمين تي ڪري پيو هئس. هو مون کي ٽانگي تي کڻي گهر ڇڏي آيا هئا. (منهنجو گهر اسڪول جي ڀرسان ئي هو ۽ اڄ به آهي) هفتي کن کانپوءِ سامت ۾ آيس، پير جو مُرو سڄي ويو هو. منڊڪائي هلڻ شروع ڪيم. منهنجو علاج حڪيم، مانڊا ۽ پاڙها ڪرڻ لڳا.

1958-حيدرآباد ……….. منهنجي تعليم ختم ٿي چڪي هئي. ڪنهن به ڪم ۾ دلچسپي ڪانه رهي هئي. ان وچ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ اسپتال ۾ هڪ هلڪو آپريشن ٿيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان متاثر هڏي ڪڍنداسين ته ڇوڪري جو پير هڪ هنڌ بيهي رهندو، منهنجن مائٽن انڪار ڪيو ته هڏي نه ڪڍي وڃي (هنن کي ڪهڙي خبر ته تِر جي گُٿي سئو چوٽون کائڻ واري آهي). پوءِ ڊاڪٽرن ان هڏيءَ کي صاف ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه علاج تجويز ڪيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ زخم ساڳي جاءِ تان کلي پيو، وري پينسلين انجيڪشن لڳڻ شروع ٿيون، منهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجهه برداشت کان ٻاهر هو. نيٺ منهنجن مائٽن کي زهر جو ڍڪ پيئڻو پيو جو منهنجي ٽنگ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وئي. هنن منهنجي زندگي بچائڻ واسطي ٽنگ جي آپريشن جو فيصلو ڪيو. اهو آپريشن عباسي اسپتال (خانگي) راحت سئنيما واري گهٽيءَ جي ڪنڊ تي هئي ان ۾ ٿيو (شايد اڄ به آهي) ان جي سامهون اڄڪلهه ڪمند جو رس ڪڍڻ وارو ٺيلهو لڳل آهي، ان آپريشن ۾ ٽنگ کي گوڏي کان ڪجهه هيٺ ڪري ڪٽيو ويو. اهو ٽنگ جو ٽڪرو منهنجي ڀاءُ رسول بخش آسپاس جي ڪنهن قبرستان ۾ پورايو هو. ايئن لڳو هئم ڄڻ مان اڌ مري چڪو آهيان، پر اها ڳالهه اتي ختم ڪانه ٿي هئي جو ان ڊيڄاريندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ ڀوت (جراثيمن) جو اڃان به گوڏي ۾ واسو هو!.