آئين ۽ قانون کان مٿانهن اختيارن جو استعمال May 2021
Urbanization (شهرن جي واڌ ويجهه ۽ ننڍن ڳوٺن کان ماڻهن جو وڏن شهرن ڏانهن لڏڻ) جيترو انساني سماج پراڻو آهي، ايتري ئي پراڻي آهي. شهرن جي واڌ ويجهه ۾ ترقي ٿيندي آهي ته روزگار جا ذريعا وڌندا آهن اتي امير ۽ غريب کي پنهنجي وس آهر ذريعا ميسر ٿيندا آهن. رياستن جي وجود ۾ اچڻ جو مقصد به اهوئي هو ته ان رياست جي عوام کي بهتر ۽ محفوظ زندگي ميسر ٿي سگهي. ملڪ جي خوشحاليءَ مان هرهڪ ملڪ واسي فائدو حاصل ڪري سگهي. ان جي لاءِ قانون جوڙيا ويا ته جيئن سماجي سرشتي ۾ ڪير به ڪنهن جي حق کي ناحق نه ڳڙڪائي سگهي. سياسي سرشتا وجود ۾ آيا ۽ مختلف رياستن پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ مختلف سياسي سرشتن جي چونڊ ڪئي ته جيئن اهي ايڏي وڏي نظام کي هلائي سگهن. وقت سان گڏ ڪنهن رياست جمهوريت جي چونڊ ڪئي ته ڪنهن بادشاهت جي ته ڪنهن ڪميونزم کي چونڊيو ته ڪنهن وري سوشلزم جي چونڊ ڪئي.
1947ع ۾ جڏهن هندستان انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ٿيو ته عوام جي طاقت سان هندستان جو اڌ ڪري پاڪستان جوڙيو ويو جتي جمهوريت کي راڄ ڪرڻو هو، پر پاڪستان ۾ جمهوريت جو ٻج اهڙي ته غلط موسم ۽ ماحول ۾ لڳايو ويو جو اهو اڄ ڏينهن تائين زمين مان ڦٽي ناهي نڪري سگهيو. ان ڪري جمهوريت جي نالي تي هڪ مصنوعي جمهوري نظام رائج آهي. اليڪشن ۾ چونڊجي ايندڙ صوبائي توڙي مرڪزي حڪومتون جن کي جيڪو مينڊيٽ ڏئي اسيمبلين تائين پهچايو ٿو وڃي، اهي حڪومتون انهن ئي ماڻهن جي مٿان جبر ۽ تشدد ڪندي انهن جا قانوني ۽ آئيني حق انهن کان ڦرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون جن حقن جي تحفظ لاءِ هنن پنهنجا نمائندا چونڊي اسيمبلين تائين پهچايا هئا ۽ اهي ئي نمائندا انهن جا حق ڦرين ٿا ۽ ان تي شرمنده به نٿا ٿين ۽ وري انهن ئي ماڻهن وٽ ٻيهر ووٽ وٺڻ لاءِ هٿ به ٽنگين ٿا. اسان جي عوام کي خاص ترڪيب ۽ ترتيب سان اهڙو ته غافل ۽ اٻوجهه ٺاهيو ويو آهي جو پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو اصل ذميدار ڪرپٽ سياستدانن کي ڄاڻائڻ جي ساڃاهه ئي نٿو رکي. اها صورتحال هونئن ته لڳ ڀڳ سڄي ملڪ جي آهي، پر سنڌ صوبو ان جو تمام گهڻو شڪار ٿيو آهي، قيام پاڪستان کانپوءِ پڙهيل لکيل سنڌين کي مذهب جي آڙ وٺي منصوبا بنديءَ سان هتان زوري زبردستي لڏايو ويو ۽ ان وقت مسلم سنڌي آبادي خاموش رهي ته شايد هي ملڪ اسان مسلمانن جي لاءِ جوڙيو ويو آهي ۽ اسان جا ايندڙ نسل هتي سک سان وڌندا ۽ ويجهندا، پر وقت اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هاڻي اها سنڌي مسلمان جن جو هن ڌرتيءَ سان اڻ ڄاڻ مدت کان ناتو آهي به انهن طاقتور ڌرين کان برداشت نه ٿي رهيا آهن، اسان جي ماڻهن کي انهن جي سوين سال پراڻن ڳوٺن ۽ ماڳن تان زوريءَ زبردستي بي دخل ڪرڻ لاءِ بحريا جي مالڪ، ملڪ رياض کي اڳڀرو ڪري بحريا ٽائون جي آڙ ۾ سنڌي وسندين کي تاراج ڪري انهن جي تاريخي حيثيت کي زمين تان ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن اتي اهڙيون وسنديون قائم ڪيون وڃن جتي سنڌي آباديءَ جي تناسب کي بگاڙيو وڃي ۽ اڳتي هلي سنڌين کي فلسطينين وانگر ڪنهن غزه جي پٽيءَ جهڙي علائقي تائين محدود ڪيو وڃي. اهڙي افسوسناڪ صورتحال ته سنڌ صرف ان وقت ڀوڳي هوندي جڏهن سنڌ تي ڌارين حملا ڪري سنڌ جي زمين تي قبضا ڪيا. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان جا قومپرست رهنما جيڪي ننڍن ننڍن مسئلن تي عوام کي روڊن ۽ رستن تي گهلي اچن ٿا، سماج جي ڀلائيءَ لاءِ اربين رپين جا پراجيڪٽ حاصل ڪندڙ خير خواهه ايڪٽيوسٽ الائي ته هن وقت ڪٿي لڪل آهن. سنڌي ميڊيا پنهنجي وس آهر ان مسئلي کي اجاڳر ڪري رهي آهي، پر ان لاءِ سڄي سماج کي گڏجي بيهڻو پوندو. هيءَ رياست هڪ وفاقي رياست آهي جنهن ۾ صوبن پنهنجي وجود تان ڪڏهن به هٿ ناهي کنيو ۽ پنهنجن وسيلن جي مالڪي آئين جي ڏنل حقن اندر گهري آهي، پر پ پ حڪومت پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي حقن کي گروي رکيو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي سنڌين جي پيرن هيٺان تيزيءَ سان کسڪي رهي آهي. ان ظلم ۽ ڏاڍ تي اسان جي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين خاموشي ڇانيل آهي، ڪوبه اهڙو چيف جسٽس نظر نٿو اچي جيڪو هن صورتحال تي سوئو موٽو وٺي، بلڪه سپريم ڪورٽ ته ملڪ رياض تي هلندڙ ڪيس تي مٿس ڏنڊ وجهي کيس اهو اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي ته هاڻي هن کي سنڌ جي مختلف ڳوٺن کي تاراج ڪرڻ لاءِ کلي ڇوٽ مليل آهي. اسان جي سنڌ بار ڪائونسل جا وڪيل به ڪنهن گهري ننڊ ۾ ستل آهن.
اڄ اهي سڀ سنڌي جيڪي هندن جي وڃڻ تي به خاموش رهيا هن ظلم تي به چپ آهن. انهن کي اهو يقين هجڻ گهرجي ته جلد ئي سندن وارو به ايندو ۽ کين به ڪنهن نه ڪنهن حيلي يا وسيلي پنهنجن گهرن کان بي گهر ڪري ڪجهه نين قومن کي آباد ڪرڻ جي سازش ڪئي ويندي. بهتر اهو ٿيندو ته ان عمل کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار عوام جي مالڪي ڪري انهن جي حقن جي حفاظت ڪري جي ايئن نه ڪيو ويو ته اڳتي هلي سڀني کي نقصان سهڻو پوندو ۽ پ پ به ان نقصان جي پوري ڀاڱي ڀائيوار هوندي.

