6 ڪلاڪن ۾ گهر تيار
اٽلي جي ڪمپني اهڙي ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي جنهن سان سڄو گهر صرف 6 ڪلاڪن جي عرصي ۾ ٺاهي سگهجي ٿو اهو گهر زلزلي پروف به آهي. جنهن جي قيمت پاڪستاني رپين ۾ 35 لک آهي. هن جو نالو .M.D.I.A هوم رکيو ويو آهي. ان گهر کي هڪ کان ٻي جاءِ تي منتقل به ڪري سگهجي ٿو. ڪمپنيءَ مطابق ڪاٺ ۽ پلاسٽڪ سان ٺهيل هن قسم جي گهر ۾ موسم جي شدت برداشت ڪرڻ جي صلاحيت به آهي. مطلب ته هي گهر گرمي ۽ سردي ٻنهي موسمن ۾ محفوظ رهندو. اهو گهر پنهنجي بجلي پاڻ تيار ڪندو، هي گهر هڪ ننڍي خاندان جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو.

