چمچاگيري جو شارٽ ڪورس! شوڪت لوهار July 2021
جهڙي نموني آمريڪا پنهنجي پاليسين کي قائم رکڻ ۽ انهن جو دفاع ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاءِ ٿنڪ ٽئنڪون رکندي آهي ساڳي طرح اسان وٽ به ڪجهه اهڙا خاص ماڻهو رکيا ويندا آهن، جن کي چمچاگير چئبو آهي.
چمچاگيري هڪ وڏو محنت طلب ڪم آهي ۽ اهو ڪم ڄڻي وڻي جي وس جي ڳالهه نه آهي. چمچاگيري ڪرڻ لاءِ باقائده هڪڙي ڏکي ڪمانڊو جهڙي تربيت مان گذرڻو پوي ٿو ۽ انهيءَ ٽريننگ دوران ڪيترائي سيکڙاٽ چمچاگير، چمچاگيري جون ڏکيون مشقون ڪندي گهڻو رهڙجي وڃن ٿا ۽ پوءِ هن عظيم ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته چمچاگيري جي تربيت پوري نه ڪرڻ وارن ماڻهن کي سڄي زندگي ڪا ڍنگ جي نوڪري يا روزگار نه ملي سگهندو آهي. هو سڄي زندگي ڏکن ڏوجهرن ۽ ٿورن ۾ گذاريندا آهن ۽ انهن جي پڇاڙي سنڌي فنڪار پرو چانڊئي جهڙي وڃي ٿيندي آهي يا ان کان ٿورو فرق سان اسان جي ڳوٺ جي شاعر ڏونگر اداسي جهڙي ٿيندي آهي. جنهن جو سرڪاري خرچ تي علاج ته نه ٿي سگهندو آهي، پر ان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ وارو ڪوڙو چيڪ ضرور سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويندو آهي.
دنيا جي تحريڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ميلي، شهر واهڻ، وستي ۾ جتي ڪٿي چمچاگير عام جام ملي وڃن ٿا. جهڙي طرح اوهان کي هر هنڌ پٽاٽا، ٽماٽا، بصر ملي وڃن ٿا ساڳئي طرح چمچاگير ملڻ به ايترو آسان ٿي پيو آهي. منهنجي پنهنجي سروي رپورٽ مطابق سنڌ جو هر ماڻهو چمچاگير آهي ۽ اها سندس خوبي آهي، اها سندس لياقت آهي، اها سندس قابليت آهي، اها سندس سَنَدَ آهي. ڇاڪاڻ ته پوري دنيا ۾ چمچاگيرن جو جهجهو تعداد سنڌ ۾ هجڻ به هڪ ڀاڳ آهي. چمچاگير ٿيڻ لاءِ اول شرط اهو آهي ته اوهان سدائين کلندا، مسڪرائيندا هُجو، دنيا ۾ ڀلي ڇا به ٿيندو هجي، پر چمچاگير ماڻهو کي ڪڏهن به اداس ناهي ٿيڻو. ڇاڪاڻ ته مايوسي گناهه آهي ۽ چمچاگير ماڻهو ڪڏهن به گناهه ڪرڻ جي جرئت نٿو ساري سگهي. ڀلي فلسطين ۾ خون جي هولي کيڏي ويندي هجي ۽ اسرائيلي فوجي مسڪين فلسطينين کي مڇر ۽ مکيون سمجهي ماريندا هجن، پر چمچاگير ماڻهو کي عرب ليگ جهڙو ئي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ڀلي آمريڪا ۾ اسڪول ۾ هڪ مٿي ڦريل ماڻهو بندوق کڻي ڏهه ماڻهو ماري ڇڏي ۽ ان ۾ هڪ معصوم پاڪستاني نياڻي ربيڪا شيخ ان جي گولي جو نشانو بڻجي، پر هڪ چمچاگير ماڻهو تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو آمريڪي صدر ٽرمپ جهڙو ئي رويو اختيار ڪري ۽ پنهنجي منهن تي هڪ مُرڪ جو اسٽيڪر چنبڙائي هلي. چمچاگيري جي ڪا حد نه ٿيندي آهي، جيئن سمنڊ جو ڪو ڇيڙو نه آهي ايئن چمچاگيري جي به ڪا حد نه آهي. چمچاگيري لاحد ٿئي ٿي. چمچاگيري به هڪ قسم جي مزدوري آهي بلڪه مزدوري کان به ڏکيو ڪم آهي. چمچاگيري جي علم کي علم ۾ چمچاگيرالاجيSpoonlogy چئبو آهي. اهو علم به ايئن ئي حاصل ڪيو ويندو آهي جيئن اسين ڊاڪٽر انجنيئر ايم. بي. اي پاس سي. او ٿي ڪري ڪندا آهيون. چمچاگيري ڪرڻ لاءِ ڪنهن به رنگ ۽ نسل، ذات پات جي فرق کي وچ ۾ ڪونه ڦاسايو ويندو آهي. چمچاگيري ۾ جنسي متڀيد به ڪونه ڏٺو ويندو آهي ۽ ان ۾ هر عورت ۽ مرد کي پورو پورو حق آهي ته هو چمچاگيري جي هنر مان فيضياب ٿي پوءِ پوري سماج کي فيضياب ڪري.
اڻ پڙهيل چمچاگير کي اسين ڪمدار، ڪاراؤ چوندا آهيون، جڏهن ته پڙهيل لکيل چمچاگير کي اوهان ڪجهه به چئي سگهو ٿا، ذاتي سيڪريٽري يا اوهان جي عهدي جي حساب سان ان جو ڪهڙو به نالو رکي سگهو ٿا. چمچاگيري جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري وطن عزيز ۾ حرام گوشت کي حلال ڪري کائڻ ۽ کپائڻ جي تاريخ پراڻي آهي. جي خبر پئجي وئي ته چئبو ويجهڙ ۾ حرام جانورن جو گوشت فلاڻي هوٽل تي هٿيڪو ڪيو ويو، جيڪڏهن خبر نه پئجي سگهي ته اهو تاريخ جو حصو ٿي ويندي ۽ تاريخ ڪڏهن ڪنهن کي معاف نه ڪندي آهي. پراڻي زماني ۾ بادشاهه، شهنشاهن وٽ به چمچاگير سندن درٻار ۾ رکيل هوندا هئا ۽ انهن جا وڏا وڏا عهدا ۽ وظيفا مقرر ٿيل هوندا هئا. انهن چمچاگيرن ۽ درٻارين جي ڪري بادشاهتون ۽ سلطنتون وڏي ترقي ڪنديون هيون ۽ ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪرڻي آهي يا ڪو ملڪ ڪاهه ڪري آيو آهي ته ان کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي. اهو سڀ ڪجهه چمچاگيرن ۽ درٻارين جي تجرباتي مشورن ۾ ٻڌل ڳالهين سان ڪيو ويندو هو. بادشاهي دورن ۾ چمچاگيرن کي درٻاري چوندا هئا ۽ انهن لاءِ خاص قسم جا لقب ۽ القاب مقرر هوندا هئا. بادشاهن، شهنشاهن چمچاگيرن درٻارين جي چوڻ تي عمل ڪري دنيا کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو، منهنجو مطلب آهي دنيا کي پٽي ڪٿي کڻي ڪونه ويا، پر انهن دنيا جو سُک ڦٽائڻ ۽ دنيا کي بارود سان ڀرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. هي دنيا جيڪا اڄ آهي اها ايئن بلڪل نه هجي ها جيڪڏهن ان ۾ چمچاگير نه هجن ها. دنيا جو نقشو ڪجهه ٻيو هجي ها جي چمچاگير نه هجن ها!
چمچاگير ۽ درٻاري وقت جي بادشاهن، شهنشاهن، راڻن، راڻين کي اهڙا ته مشورا ڏيندا هئا جن سان سندن ٻيڙي ٻڏي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي زندگي سان گڏوگڏ پنهنجي رعايا جي زندگي ۾ به زهر ڀري ڇڏيندا هئا. وقت ۽ وير ڪنهن جو اوسيئڙو نٿا ڪن، هي وقت گلوبلائيزيشن جو آهي. هي دنيا انٽرنيٽ جي دنيا آهي، هي دنيا سوشل ميڊيا جي دنيا آهي، تنهنڪري هاڻ چمچاگيري جو طريقيڪار ۽ انهن جو ڪاروهنوار به بدلجي چڪو آهي، باقي ان جو خيال ساڳيو ئي آهي.
سنڌ ۾ بيروزگاري وڌڻ جي ڪري اسان جا کوڙ ماڻهو آهن، جيڪي گهر ويٺي چمچاگيري ڪري تمام گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن ۽ اها سٺي ڳالهه به آهي. ڇاڪاڻ ته واندي ماڻهو جو ذهن شيطان جو دڪان ٿئي ٿو. تنهنڪري بهتر آهي ته واندي ويهڻ بجاءِ ماڻهو چمچاگيري ڪري وٺي.
اوهان هر عمر ۾ چمچاگيري ڪري سگهو ٿا، هي اها نوڪري آهي جتان ماڻهو ڪڏهن به رٽائرڊ ڪونه ٿو ٿئي.
سنڌ ۾ ننڍا وڏا لکين هزارين وڏيرا، ننڍيرا، خان، نواب، سردار، سردار زاده، نوابزاده موجود آهن. انهن جو تعداد ڏسي اهو معلوم ٿيندو آهي ڄڻ سنڌ ڪو برطانوي شاهي خاندان هجي، ان جو تاريخي سبب اهو به ٿي سگهي ٿو جو انگريز سرڪار هتي سئو سالن تائين حڪومت ڪندي رهي آهي. ايترن وڏيرن، سردارن کي ڏسي اوهان اسان آساني سان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سنڌ ۾ چمچاگيرن جو ڪيترو تعداد ٿي سگهي ٿو؟ اهي ته اهي ماڻهو آهن جيڪي سنڌ جا چونڊيل نمائنده آهن، انهن وٽ پنهنجا پنهنجا ڪيئي چمچاگير، ڪفگير ۽ ڏويون هجن ٿيون، ٻيا اهي آهن جيڪي پڙهيل ۽ ڊگري يافته سرڪاري عهدن مٿان ڪنهن هاٿي جيئان وارد ٿيل آهن، انهن جا ڪجهه سرڪاري طور سَنَدِ يافته چمچاگير آهن ۽ ڪجهه پاڻ ئي رضاڪاراڻي طور تي چمچاگيري جي فرض کي تمام خوبصورتي سان سرانجام ڏيئي رهيا آهن. اها ئي وجهه آهي جو انهن جي اعليٰ قسم جي چمچاگيري جي ڪري اڄ سنڌ خوشحالي جون سڀئي حدون پار ڪري ويئي آهي. سنڌ ترقي، خوشحالي ۾ سڀئي رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا آهن. جتي سنڌ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن سنڌ ۾ ڪاري رات هجڻ جي باوجود ڏينهن رات ڪوشش ڪري ۽ پنهنجن واٺن، چمچاگيرن کي ميدان تي لاهي سنڌ کي آسٽريليا بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي تعليم، سنڌ جي صحت، سنڌ جي ٽرانسپورٽ، سنڌ جي آبپاشي، سنڌ جي خوشحالي ۾ چمچاگيرن جي محنت ۽ پگهر سمايل آهي! چمچاگير ماڻهو چوويهه ڪلاڪ پنهنجي بالا آفيسر، وڏيري، سائين لاءِ ايئن الرٽ هوندو آهي جيئن رات جو ٽيٽهر هڪ ٽنگ مٿي ڪري سمهندو آهي ته متان کيس ننڊ کڻي وڃي ۽ آسمان نه ڪري پوي!
چمچاگيري ڪرڻ هڪ وڏي ڏکي سائنس آهي. چمچاگيري ڪرڻ جو ڪم ناسا ۾ نوڪري ڪرڻ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. ناسا ۾ نوڪري اوهان وڌ ۾ وڌ ويران چنڊ ۽ مريخ تان ٿي ايندا، پر چمچاگيري دوران اوهان کي خيال رکڻو پوي ٿو ته صاحب جو موڊ ڇا آهي؟ صاحب کي ڇا ٻڌائڻو آهي؟ صاحب جو پيٽ جيڪو پراڊو جي لوڏن تي ڪنهن مئل ڪمي جيئان لڏي ٿو ان کي ڪيئن مور جي چال سان ڀيٽڻو آهي. صاحب جي رشوت ۽ ڪرپشن کي ڪيئن حلال جي ڪمائي جو ڊيٽول هڻڻو آهي. صاحب جي نااهليت کي سندس فلسفياڻي سوچ طور ڪيئن مشهور ڪرڻو آهي، سڄو ڏينهن صاحب سان گڏ رهي رهي ڪيئن نه صاحب کان پاڻ لاءِ پنهنجي مائٽن لاءِ ڪي مراعتون وٺڻيون آهن. اوهان ڀل ڪنهن ڏکئي علم ۾ علام هجو پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر هجو، پر جيستائين اوهان چمچاگيري ۾ ڊپلومه يا ڪو ڪورس نٿا ڪريو ته اوهان جون سڀئي ڊگريون ڪاغذ جي ٽڪرن کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونه آهن. سنڌ ۾ چاپلوسي ۽ چمچاگيري ٻه اهڙا شعبا آهن جن ۾ اسان تمام گهڻي ترقي ڪري سگهون ٿا. چمچاگيري ڪرڻ هڪ عظيم ڪم آهي، جيڪو ڄڻي وڻي جي وس جي ڳالهه نه آهي. چڱا ڀلا محقق به چمچاگيري جي علم کانسواءِ مشهوري ماڻي ڪونه سگهندا آهن. اوهان کي جيڪڏهن سنڌ کي خوشحال سرسبز سکيو ستابو ڏسڻو آهي، جيڪو ضرور ڏسڻو آهي ته ان لاءِ اوهان سڀ چمچاگيري ڪريو، جيترو ٿي سگهي وڏيرن ۽ ڪامورن جي درن تي ڪريا پيا هجو. انهن جون پوسٽون لائيڪ ڪريو، انهن جي فلسفي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو.
خوامخواهه ۾ سُقراط، افلاطون ۽ ارسطو فلسفي جا ابا مڃيا وڃن ٿا. هرو ڀرو شيڪسپيئر، ٽئگور ۽ لطيف رومي مشهور آهن. اصل ۾ فلسفو ته سنڌ ۾ موجود چونڊيل نمائندن جو آهي ۽ انهن جا چمچاگير وڏا دانشور آهن اصل صفا پڪا نوم چومسڪي لڳا پيا آهن. سنڌ ۾ جيڪڏهن سرنهن ڦلار ۽ امن امان ڏسڻو آهي ته دير نه ڪريو ۽ سڀئي چمچاگير بڻجي وڃو. هن وقت سيٽون محدود آهن، وارو ڪريو بعد ۾ پرڏيهه مان خاص طور چين مان وڏي کيپ اچي ٿي اوهان اهو عهدو ماڻيو نه ته چمچاگيري ڪرڻ لاءِ دنيا بي چين آهي.

