اوهان جي عادتن جوڙڻ ۾ گهروارن ۽ دوستن جو ڪردار سنڌيڪار: فضا قريشي July 2021
1965 ۾ لاسزلو نالي هنگري جي هڪڙي شهري، هڪڙي خاتون ڪلارا کي هڪ عجيب خطن جو سلسلو لکيو.
لاسزلو سخت محنت ۾ يقين رکندڙ هو. دراصل ان ڳالھ ۾ هن جو سڀ کان پختو ايمان هو. هو فطري قابليت جو منحرف هو. هو اها دعويٰ ڪندو هو ته تمام گھڻي ورجاءُ ڪرڻ سان ۽ سٺيون عادتون جوڙڻ سان، هڪڙو ٻار ڪنهن به شعبي ۾ ماهر ٿي سگھي ٿو. هن جو منتر هو “جينيس پيدا ناهي ٿيندو، پر هن کي تعليم ۽ تربيت وسيلي ٺاهيو ويندو آهي.”
لاسزلو جو ان ڳالھ ۾ ايڏو ته پختو يقين هو جو هن ان کي پنهنجي ٻارن تي آزمائڻ چاهيو ۽ هن ڪلارا کي لکيو ته ان ڪم لاءِ کيس هڪڙي زال گھرجي جيڪا ان ڪم کي هٿ ۾ کڻي. ڪلارا هڪڙي استاد هئي ۽ جيتوڻيڪ اها ايتري اڏول نه هئي جيترو لاسزلو هو، پر هوءَ ان ڳالھ ۾ ويساھ رکندي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح هدايتون ملن ته اهو ماڻهو پنهنجن مهارتن کي بهتر بڻائي سگھي ٿو.
لاسزلو فيصلو ڪيو ته تجربي ڪرڻ لاءِ شطرنج بهتر رهندي ۽ هن هڪڙو پلان جوڙيو ته ڪيئن ٻارن کي شطرنج ۾ ماهر بڻائجي. ٻارن کي گھر ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جو رواج ان وقت هنگري ۾ گھٽ هو. گھر کي شطرنج جي ڪتابن ۽ ان وقت جي مشهور شطرنج جي کلاڙين جي تصويرن سان ڀريو ويو. ٻار هڪٻئي سان مسلسل کيڏندا هئا ۽ جيڪي به ٽورنامينٽ ۽ مقابلا ٿيندا هئا، انهن ۾ حصو وٺندا هئا. گھر وارا ان جو هڪڙو ڳوڙهو رڪارڊ رکندا هئا جنهن ۾ هر مقابلي جي هسٽري موجود هوندي هئي ته ٻارن ڪهڙي ڪهڙي کلاڙي سان کيڏيو آهي. هنن جون زندگيون ڄڻ شطرنج لاءِ وقف ٿي ويون.
لاسزلو نيٺ ڪلارا سان شادي ڪئي ۽ ڪجھ سالن اندر انهن ٻنهي سيکاريندڙ مائٽن وٽ ٽي جوان ڌيئرون هيون جن جا نالا هئا سوسن، صوفيا ۽ جوڊٽ.
سوسن سڀ کان وڏي هئي. هن چار سالن جي عمر کان شطرنج کيڏڻ شروع ڪئي. ڇهن مهينن جي اندر ئي هوءَ ان قابل ٿي وئي ته اها وڏن کي مات ڏيئي ڇڏيندي هئي.
صوفيا جيڪا ٻيون نمبر هئي ان ته ان کان به بهتر نتيجا ڏنا. جڏهن اها چوڏهن سالن جي ٿي ته اها عالمگير چئمپين بڻجي وئي ۽ ڪجھ سالن کانپوءِ هوءَ گرينڊ ماسٽر ٿي ويئي.
جوڊٽ جيڪا سڀ کان ننڍي هئي سا انهن سڀن کان گوءِ کڻي ويئي. پنجن سالن جي عمر ۾ هوءَ پنهنجي پيءُ کي مات ڏيئي ڇڏيندي هئي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هوءَ دنيا جي بهترين 100 کلاڙين جي فهرست ۾ سڀ کان ننڍي عمر جي کلاڙي طور شامل ٿي چڪي هئي. جڏهن هوءَ پندرهن سال ۽ چار مهينن جي هئي ته هوءَ دنيا جي ننڍي عمر واري گرانڊ ماسٽر بڻجي چڪي هئي، جيڪا بوبي فشر کان به ننڍي هئي، يعني هن پراڻو رڪارڊ ٽوڙيو. مسلسل 27 سالن تائين هوءَ دنيا ۾ عورتن ۾ پهريون نمبر شطرنج جي کلاڙي رهي.
هنن پولگر ڀينرن جو ننڍپڻ عام رواجي نه هو ۽ ها جيڪڏهن اوهان انهن کان ان بابت پڇندو ته اهي اها دعويٰ ڪنديون ته سندن زندگي گذارڻ جو طريقو انتهائي شاندار ۽ پرلطف هو. انٽرويوئن ۾ هنن ڀينرن پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ جڏهن ڳالهايو ته ان کي ڪٿي به غمزده نه ڄاڻايو، بلڪه ان کي مزيدار ڪري ڀانيو. شطرنج کيڏڻ ۾ سدائين هنن کي مزو آيو. ڪڏهن به هنن جي ان مان دل ڪانه ڀرجي. هڪڙي ڀيري لاسزلو ڏٺو ته صوفيا آڌي رات جو غسل خاني ۾ شطرنج پئي کيڏي. جڏهن پڻس کيس چيو ته “راڻي هنن گھوڙن کي في الحال اڪيلو ڇڏي ڏي” ته هن وراڻيو ته “بابا ڇا ڪريان هي منهنجي جند نٿا ڇڏين.”
هي رانديگر ڀينرون اهڙي ماحول ۾ پليون نپنيون جتي شطرنج ٻي هر شيءِ کان مٿڀرو هئي، جتي هنن کي ان لاءِ ساراهيو ويندو هو ۽ ان ڪم تي انعام ڏنو ويندو هو. هنن جي دنيا ۾ شطرنج سان جنون جي حد تائين لڳاءُ نارمل هو ۽ جيئن ته اسان ڏسي سگھون ٿا ته جيڪي اسان جي روايتن ۾ نارمل عادتون آهن اهي ئي اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ پرڪشش رويا هوندا آهن.
سماجي ريتن رسمن جي جڪڙ ۽ ڪشش:
انسان جٿن جي صورت ۾ رهندڙ جانور آهي. اسين پنهنجي گروھ ۾ فٽ ٿيڻ چاهيندا آهيون، انهن سان گڏجي هلڻ چاهيندا آهيون ۽ پاڻ سان گڏ رهندڙن ۾ عزت ۽ احترام جو مقام حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيون. اهڙي گھرج اسان جي بقا لاءِ اهم آهي. اسان جي ارتقا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان جا وڏا قبيلن جي صورت ۾ رهيا. قبيلي کان ڌار ٿيڻ يا ذات کان ٻاهر نڪرڻ موت جي سزا جي برابر هو. “اڪيلو لومڙ مري ويندو آهي، پر جٿو چڙهي ويندو آهي.”
جيڪي ٻين سان پنهنجو لڳ لاڳاپو ڳنڍين ٿا ۽ شراڪت داري ڪن ٿا انهن کي بهتر حفاظت، اڳتي وڌڻ جا موقعا ۽ وسيلن تائين پهچ حاصل ٿئي ٿي. جيئن چارلس ڊارون نوٽ ڪيو ته “انسان ذات جي ڊگھي تاريخ ۾ جن به هڪٻئي سان سهڪار ڪيو، اشتراڪ ڪيو اهي موثر طريقي سان ڪامياب ٿيا.” نتيجي ۾ لڳ لاڳاپو قائم ڪرڻ انسان جي شديد خواهش رهي آهي ۽ اها صدين پراڻي ترجيح اسان جي جديد رويي تي انتهائي اهم اثر ڇڏي ٿي.
اسين پنهنجون شروعاتي عادتون چونڊي ڪونه کڻندا آهيون، بلڪه انهن جو نقل ڪندا آهيون. اسين انهيءَ اسڪرپٽ جي پوئيواري پيا ڪندا آهيون جيڪو اسان کي پنهنجن دوستن يا مائٽن وٽان ملندو آهي، اسان جون عبادت گاهون يا اسڪول ڏيندا آهن، اسان جا لوڪل ماڻهو ۽ سموري سوسائٽي سيکاريندي آهي. انهن مان هرهڪ جون پنهنجون پنهنجون روايتون، ڪلچر ۽ توقعات هونديون آهن. مثال طور: ڪڏهن شادي ڪرڻ گھرجي، شادي ڪرڻ به گھرجي يا نه، گھڻا ٻار هجڻ گھرجن، ڪهڙا ڏهاڙا ملهائڻ گھرجن، پنهنجي ٻار جي سالگره تي ڪيترو خرچ ڪرڻ گھرجي وغيره وغيره. گھڻين جاين تي ته اهي روايتون ۽ اصول بنھ اڻ چٽا هوندا آهن، جيڪي اوهان جي روز مره جي رويي کي تربيت پيا ڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي اوهان جي شعور تي ايئن ڇانيل ناهن هوندا، پر اوهان هميشه انهن کي ذهن ۾ رکندا آهيو. اڪثر اوهان پنهنجي بنا سوچڻ سمجهڻ جي، بنا سوال اٿارڻ جي پنهنجي سماجي ريتن رسمن ۽ رواجن تحت پيا عمل ڪندا آهيو. جيئن فرينچ فلاسفر مائيڪل ڊي مونٽيگني لکيو ته “زندگي جا عمل ۽ روايتون اسان کي پاڻ سان گڏ گھلي وٺي ويندا آهن.”
اڪثر گروھ سان گڏ وڃڻ بار ناهي لڳندو. ڇاڪاڻ جو هر ڪو ٻئي سان ڳنڍيل رهڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن اوهان اهڙي فيملي ۾ وڏا ٿيو ٿا جيڪا شطرنج جي مهارتن حاصل ڪرڻ تي انعام ڏيئي ٿي ته اتي شطرنج کيڏڻ اوهان جي لاءِ ڏاڍي پرڪشش شيءِ هوندي. جيڪڏهن اوهان اهڙي جاءِ تي ڪم ڪيو ٿا جتي هر ڪو قيمتي ڪپڙا پائي ٿو ته اوهان جو رجحان به ان طرف ويندو. جيڪڏهن اوهان جا سمورا دوست پنهنجي نجي زندگي جا چرچا ڀوڳ هڪٻئي سان ونڊين ٿا ته توهان پڻ ايئن ڪرڻ چاهيندو ته جيئن اهي سمجهن ته اوهان انهن سان گڏ آهيو ۽ انهن جي ڳالھ سمجهو ٿا. رويا ان ڪري به پرڪشش هوندا آهن جو اهي اسان کي ان سموري لقاءُ ۾ ضم ٿيڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
اسين اڪثر هيٺين ٽن گروهن جي عادتن کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون:
- ويجها ماڻهو
- گھڻا ماڻهو
- بااثر ۽ طاقتور ماڻهو
هر گروھ، روين جي تبديلي جي ٻئين قانون کي اپنائڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي ۽ اسان جي عادتن کي وڌيڪ پرڪشش بڻائيندو آهي.
- ويجهن ماڻهن جو نقل ڪرڻ:
قربت جو اسان جي روين تي تمام گھڻو اثر پوي ٿو. اها ڳالھ نه فقط اسان جي طبعي ماحول جي حقيقت تي ٻڌل آهي، جيئن اسان باب ڇهين ۾ ان جو ذڪر ڪيو، پر اها ڳالھ اسان جي سماجي ماحول سان به ٺهڪي اچي ٿي.
اسين انهن ماڻهن جون عادتون اپنايون ٿا جيڪي اسان جي ارد گرد رهن ٿا. اسين ڳالهائڻ ۾ پنهنجي والدين جو نقل ڪريون ٿا، دوستيون ٺاهڻ ۾ پنهنجي هم عمرن جيان ڪريون ٿا ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ پاڻ سان گڏ نوڪري يا ڪم ڪندڙن وانگي ڪرڻ چاهيون ٿا. جڏهن اوهان جا دوست شيشو پيئن ٿا ته اوهان به ان کي هڪڙو ڀيرو آزمائڻ ۽ ان مان لطف وٺڻ ضرور چاهيندو. جيڪڏهن اوهان جي زال جي اها عادت آهي ته اها سمهڻ کان پهرين ٻه ڀيرا دروازي جي تالي کي جاچيندي آهي ته اها عادت اوهان پڻ اپنائيندو.
مون اڪثر اهو ڏٺو آهي ته بنا نوٽيس وٺڻ جي آئون ايئن پيو ڪندو آهيان جيئن منهنجي ارد گرد ٿي رهيو هوندو آهي. ڳالھ ٻولھ ۾ آئون خود ساخته ٻئي ماڻهو جي جسماني بيهڪ جو اندازو پيو لڳائيندو آهيان. جڏهن آئون ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته آئون پنهنجي انهن دوستن وانگر ڳالهائيندو هئس جيڪي هڪ ئي ڪمري ۾ مون سان گڏ رهندا هئا. جڏهن آئون ٻين ملڪن ۾ سفر ڪريان ٿو ته آئون خود ساخته ٻين لهجن ۾ ڳالهائڻ لڳندو آهيان. ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي ايئن ڪرڻ کان روڪيو اٿم ته به بار بار ايئن ڪري ويهندو آهيان.
اهو هڪڙو عام اصول آهي ته اسين جنهن سان جيترو ويجهو هونداسين، اوترو ان وانگر ڪنداسين. سڀ ڪجھ ان جيان نه ڪريون ته ڪجھ نه ڪجھ ضرور ڪنداسين.
- گھڻائي کي نقل ڪرڻ:
1950 ڌاري هڪڙي نفسيات جي ماهر سولمن ايسش تجربن جي هڪڙي سيريز ڪئي جيڪا هاڻي هر سال انڊر گريڊ شاگردن کي پڙهائي ويندي آهي. تجربي جي شروعات ان عمل سان ٿي پئي ته جنهن ماڻهو تي تجربو ڪيو پئي ويو ان کي پهرئين هڪڙي اجنبي سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيڻو هو. دراصل ان ڳالھ جي ان ماڻهو کي خبر ڪانه ڏني وئي جنهن تي اهو تجربو ٿيو پئي ته ان سان گڏ جيڪو اجنبي داخل ٿيو پئي اهو ان محقق جو مقرر ڪيل اداڪار هو، جن کي ڪجھ مخصوص سوالن لاءِ اڳواٽ جواب تيار ڪرايا ويا هئا ته انهن کي اهي ئي جواب ڏيڻا هئا.
تجربو هر ڀيري ساڳي ريت شروع ٿيو ٿي. پهرين، ڪجھ آسان ڪم ڏنا ويا جنهن ۾ هرڪو صحيح لڪير تي متفق ٿيو پئي. ڪجھ رائونڊن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن کي هڪڙي ٽيسٽ ڏني پئي ويئي جيڪا بظاهر اڳ ۾ ٿيل پرچي وانگر هئي سواءِ ان ڳالھ جي ته مقرر اداڪارن کي ان جو ڄاڻي ٻجهي غلط جواب ڏيڻو هو. مثال طور: جيئن تصوير 10 ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انهن جواب ڏنو “اي”. انهن جي تقليد ڪندي سڀن جواب ڏنو ته اهي لائنون هڪ جهڙيون آهن جڏهن ته انهن ۾ واضح فرق آهي.
سولمن ايسش جي تجربي تي ٻڌل هي ٻه ڪارڊ آهن. اهو ظاهر پيو آهي ته کاٻي پاسي ڏنل ڪارڊ ۾ ڏنل ليڪ جي ڊيگھ، ٻئي ڪارڊ ۾ ڏنل لائين سي جي برابر آهي، پر جڏهن تحقيق ۾ شامل ڪجھ ماڻهن چيو ته اها مختلف آهي ته جن ماڻهن پهرئين صحيح جواب ڏنو تن به انهن جي تقليد ڪندي غلط جواب ڏنو. ان مان اهو ثابت ٿيو ته پنهنجي اکين ۽ دماغ تي ڀاڙڻ ۽ يقين ڪرڻ بجاءِ ماڻهو گھڻائي جي تقليد ڪن ٿا.
جڏهن به اسان کي ڪنهن به مامري ۾ غير يقيني واري صورتحال هوندي آهي ته اسين مجموعي ڏانهن نهارڻ شروع ڪندا آهيون. اسين مسلسل پنهنجي ماحول کي جاچيندا رهندا آهيون ۽ ڳوليندا رهندا آهيون ته “ٻيا ماڻهو ڇا پيا ڪن؟” اسين اميزون، يلپ يا ٽرپ ايڊوائزر تي رويوو پيا پڙهندا آهيون. ڇاڪاڻ جو اسين پنهنجي بهترين شيءِ جي خريداري ۾ کاڌي پيتي ۾ ۽ سفري عادتن ۾ “نقل” ڪرڻ چاهيندا آهيون. اها دراصل سمارٽ حڪمت عملي آهي. نمبرن ۾ ثبوت هوندو آهي، پر ان جو ابتڙ پاسو به آهي.
انساني ذهن کي خبر آهي ته ٻين سان گڏجي ڪيئن هلجي. هو ٻين سان گڏجي هلڻ چاهيندو آهي. اهو اسان جي قدرتي عمل ڪرڻ جو طريقو آهي. اوهان ان جي برعڪس ڪري سگھو ٿا، اوهان گروهه کي نظرانداز ڪري سگھو ٿا يا ان ڳالھ جي پرواهه نه ڪري سگھو ٿا ته اهي ڇا ٿا سوچن، پر ان لاءِ محنت کپي. پنهنجي روايتن جي برعڪس وڃڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي.
جڏهن اوهان پنهنجون عادتون تبديل ڪريو ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اوهان پنهنجي قبيلي کي چئلينج ڪريو ٿا ۽ اهڙي ريت اها تبديلي پرڪشش نٿي رهي. جڏهن پنهنجون عادتون تبديل ڪريو ته اهڙي ريت سڀن کي ساڻ ڪريو جو لڳي ته اوهان سان سارو ڪڙم گڏ آهي ته جيئن اها پرڪشش بڻجي پوي.
- با اثر ۽ طاقتور ماڻهن کي نقل ڪرڻ:
جتي ڪٿي انسان طاقت، عزت، مان ۽ رتبي جي پويان هلي ٿو. اسين پنهنجي جيڪٽ تي چاهيندا آهيون ته اعزازي ٻلا لڳل هجن. اسان لاءِ خوشي ۽ اعزاز جي ڳالھ هوندي آهي ته اسان جي نالي سان گڏ صدر يا نائب صدر جهڙا القاب لڳل هجن. اسين چاهيندا آهيون ته اسان کي ساراهيو وڃي، اسان جي مڃتا ٿئي ۽ تعريف ٿئي. اهو رجحان بظاهر بيڪار لڳي ٿو، پر اها هڪڙي تيز ترار حڪمت عملي آهي. تاريخي طور تي جنهن ماڻهو وٽ عظيم طاقت رهي آهي اهوئي وسيلن تي قابض رهيو آهي، ان کي پنهنجي بقا جي جنگ گھٽ جوٽڻي پئي آهي ۽ اهو وڌيڪ پرڪشش ساٿي پئي رهيو آهي.
اسين انهن روين ڏانهن مائل هوندا آهيون جيڪي اسان کي عزت، قبوليت، ساراھ ۽ رتبي سان نوازين. اسين جم ۾ اهي ٿيڻ چاهيندا آهيون جيڪو پنهنجا ڏورا ٺاهي ڏيکاري، موسيقي جي ڪلاس ۾ جيڪو زبردست آلو وڄائي يا اهڙا والدين ٿيڻ چاهيندا آهيون جن جا ٻار ڪامياب ۽ صالح هجن. ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهيون اسان کي هجوم کان منفرد ڪري بيهارين ٿيون. هڪڙو ڀيرو جڏهن اسان ان گروهه ۾ شامل ٿي وڃون ٿا ته پوءِ اسان ڪوشش ڪريون ٿا منفرد ٿيڻ جي.
اهوئي سبب آهي جو اسين سڀ کان وڌيڪ پُر اثر ماڻهن جي عادتن جي تقليد ڪندا آهيون. اسين ڪامياب ماڻهن جي روين کي اپنائڻ چاهيندا آهيون. ڇاڪاڻ جو اسين خود به ڪامياب ٿيڻ چاهيندا آهيون. اسان جون روز مره جون عادتون دراصل انهن ماڻهن جو نقل هونديون آهن جن کي اسين ساراهيندا آهيون. اسين پنهنجي صنعت ۾ انهن مارڪيٽنگ جي حڪمت عملين کي لاڳو ڪندا آهيون جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ادارن جون هونديون آهن. اوهان پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پسنديده نانوائي جي ترڪيب ٺاهيندا آهيو. اوهان آکاڻين ٻڌائڻ ۾ پنهنجي پسنديده ليکڪ جي نقش قدم تي هلندا آهيو. اوهان پنهنجي باس وانگر ڪميونيڪيشن ۽ رابطا ڪاري ڪندا آهيو. اسين انهن ماڻهن جي نقل ڪندا آهيون جن کان اسين حسد ڪندا آهيون.
عظيم رتبي جي مالڪن وٽ ٻين جي قبوليت، عزت ۽ ساراهه هوندي آهي ۽ ان جو مطلب اهو آهي ته اهو رويو جيڪو اسان کي قبوليت، عزت ۽ ساراهه حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي اهو اسان لاءِ پرڪشش هوندو.
ان سان گڏوگڏ اسين انهن روين کي نظر انداز ڪندا آهيون جيڪي اسان جي مان مرتبي کي گھٽائن. اسين پنهنجي گھر جي باغيچي ۾ ڦٽل گاھ کي ڪٽرائيندا آهيون ۽ وڌي آيل جهاڙين کي ڇانگرائيندا آهيون ڇاڪاڻ جو اسين ڪونه چاهيندا آهيون ته ان جي ڪري اسان جو پاڙيسرين سان واسطو خراب ٿئي. جڏهن اسان جي ماءُ اسان وٽ گھمڻ ايندي آهي ته اسين گھر جي بهتر صفائي ڪندا آهيون ڇاڪاڻ جو اسين ڪونه چاهيندا آهيون ته امان اسان جي ڪوتاهين کان واقف ٿئي. اسين مسلسل ان جاکوڙ ۾ هوندا آهيون ته “ٻيا اسان جي لاءِ ڇا ٿا سوچين؟” ۽ انهي بنياد تي اسين پنهنجي روين کي تبديل ڪندا آهيون.
پولگر ڀينرون، جنهن جو ذڪر هن باب جي شروعات ۾ ڪيو ويو، هڪڙو واضح ثبوت آهن ان ڳالھ جو ته اسان جي روين تي ڪيئن انتهائي گھرا ۽ ڊگھا سماجي اثر پون ٿا. اهي ڀينرون ڏينهن جا ڪيئي ڪلاڪ شطرنج کيڏنديون هيون ۽ اهو ڪم انهن ڪيترن ڏهاڪن تائين جاري رکيو، پر انهن عادتن ۽ روين انهن جي ڪشش کي برقرار رکيو ڇاڪاڻ جو کين سندن ڪلچر ۾ ان لاءِ مڃتا حاصل ٿي. مختلف رتبن جهڙوڪ: گرينڊ ماسٽر ٿيڻ جو رتبو حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجي والدين جي تعريف سان گڏوگڏٻيا به ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا.
باب جو خلاصو:
جنهن ڪلچر ۾ اسين رهون ٿا اهو ان ڳالھ کي طئي ڪري ٿو ته ڪهڙو رويو وڌيڪ پرڪشش آهي.
اسين انهن عادتن کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جن جي تعريف ٿئي ۽ جنهن جي اسان جي ڪلچر ۾ قبوليت هجي ڇاڪاڻ جو اسان جي اها گھري خواهش هوندي آهي ته اسين پنهنجي ڪڙم قبيلي سان گڏ هجون ۽ گڏ ليکيا وڃون.
اسين ٽن سماجي گروهن جي عادتن جو نقل ڪندا آهيون: ويجهن ماڻهن جو (فيملي ۽ دوست)، گھڻائي جو (پنهنجي قبيلي جا ماڻهو) ۽ طاقتور جو (اهي ماڻهو جن وٽ رتبو ۽ مان آهي).
بهتر عادتن جوڙن جو هڪڙو پراثر طريقو اهو آهي ته اوهان اهڙو ماحول يا ڪلچر اپنايو جتي 1. اوهان جو گھربل رويو نارمل رويو ليکيو وڃي 2. اوهان ۾ انهيءَ گروپ سان ڪا نه ڪا مماثلت هجي.
قبيلي جو عام رويو اڪثر فردن جي گھربل رويي جي تشڪيل ڪندو آهي ۽ ان تي اثر ڇڏيندو آهي. اڪثر اسين پاڻ صحيح هوندا آهيون، پر گھڻائي ۽ پنهنجي قبيلي سان گڏ غلط ڪم پيا ڪندا آهيون.
جيڪڏهن اسان جو رويو اسان کي قبوليت، عزت ۽ ساراھ بخشي ٿو ته اهو اسان لاءِ پرڪشش ٿئي ٿو.
…(هلندڙ)….

