ڇا هڪ جهڙو قومي نصاب هڪ جهڙو تعليمي نظام تيار ڪري سگهندو؟ : شوڪت لوهار
اسان کي جڏهن شروع کان ئي اِهي سبق پڙهايا ويندا ته فلاڻي ماڻهو کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق هو، ٻيا ٻار پيا راند روند ڪندا هئا ۽ هو ويٺو پڙهندو هو. اڳتي هلي ان کي ”سر“ جو خطاب ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان ڪيئن مليو ۽ سائين سنڌ ۾ پنهنجي گادي ڪيئن پختي ڪئي ۽ ان کي ڪارپوريٽ ڪيئن بڻايو اهو سڀ ڪجهه پڇڻ ۽ ڪڇڻ جي اوهان ۾ جرئت ئي ڪانهي يا ان جي ماڳهين ڪٿي وضاحت ڪونه آهي.
اها وقت جي ستم ظريفي چئجي يا حالتن جو قهر آهي، جنهن زندگيءَ جي سفيني کي ڌڪي ۽ ڇڪي انهيءَ هنڌ آڻي بيهاريو آهي، جتي اڳيان باهه آهي ۽ پٺيان پاڻي. اتهاس جي ساک سچي ۽ سيبتي ٿي ڀاسجي ۽ ڪن قومن جو شاندار ماضي ڪيئن اجاڙ کنڊر بڻيو ۽ سڀ سچ ٿو نظر اچي. ڪرپشن جي شاندار رعايتي سيل مان فائدو وٺندڙ اسان اهڙي هنڌ تي اچي پهتا آهيون جتان واپسي ناممڪن آهي، ڪوبه سڻائو واءُ ناهي، هر طرف گهگهه اونداهه انڌوڪار لڳي پئي آهي. جيون بند گلي ۾ بيٺل هڪ هيسيل هرڻي ٿو ڀاسجي. جهنگل جا سمورا جانور حضرت انسان جي هن الميئي تي محو حيرت آهن. شڪر ٿيو جو اسين انسان ڪونه ٿياسون.
واچوڙن جي ڀنور ۾ ڦاٿل آهي ڪوبه اهڙو مسيحائي هٿ ناهي، جيڪو آٿت بڻجي هن اوجهڙ ٻيڙ مان سندس جند آجي ڪرائي. طبقاتي سرشتي ۽ اڏوهيءَ جي ور چڙهيل تعليمي نظام مان ڪهڙن مهمان هستين ۽ شخصيتن جو اُڀار ٿي سگهندو؟
اهي سماج ئي ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهندا آهن جن وٽ علم، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي اولين ترجيح ڏني ويندي آهي. يورپ نشاط ثانيه کان پهرين اونداهين جي ور چڙهيل هو، هر طرف انڌوڪار هئي، ماڻهن جي ذهنن کان وٺي مال مڏي تي ڪيٿولڪ چرچ/مسيحت جو قبضو هو سڀ کان گهڻي بنياد پرستي انگلينڊ ۾ هئي ۽ روشن خيالي جو دور سڀ کان آخر ۾ اتي پهتو. عام خلق ٻهراڙي وغيره ۾ رهندڙ ماڻهو انگريزي ڳالهائيندا هئا، سرڪاري ٻولي فرانسيسي ۽ لاطيني هئي، هر طرف، هر ڏسان، عيسائي پادرين جو قبضو هو، جيڪڏهن ڪو سائنسدان ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪندو هو ته ان جي ايجاد کي مان ڏيڻ بجاءِ ان جي ايجاد ڪندڙ کي سخت ۽ ڪٺن سزائون ڏيندا هئا، جن جا مثال اسان کي برونو، گليلو ۽ جان وائڪلف جي حياتين جي تجزئي ڪرڻ مان ملي وڃن ٿا.
برطانيه ۾ اهڙين حالتن تي تنقيد ڪندي انگريزي ٻوليءَ جي پهرين شاعر چاسر پنهنجي نظماڻي ڪتاب ڪينٽربري جون آکاڻيونCanterbury Tales ۾ لکيو آهي.
If the gold rusts, what shall the iron do?
“جيڪڏن سون کي زنگ لڳي ته لوهه ويچارو ڪيڏانهن وڃي!“
يورپ روشن خيالي جون تڪڙيون وکون کڻندو اچي، آرٽيفشل انٽيليجنس/هٿراڌو ذهانت ۽ ايجادن جي هڪ ترقي يافته جهان ۾ پهتو آهي. جاگيرداري ۽ جهالت کي جهڙو يورپ ڀوڳيو اهڙو ڪنهن به نه ڀوڳيو هوندو. انگلينڊ ۽ فرانس جي وچ ۾ سئو سالن تائين به هڪ جنگ لڳي چڪي هئي، عيسائي مذهبي پيشوائن جي چوڻ جي ڪري عام خلق سالن جا سال ڪونه وهنجندي هئي، جنهن ڪري طاعون ۽ بليڪ ڊيٿBlack Death جهڙين بڇڙين بيمارين منهن ڪڍيو. نتيجي ۾ لکين ماڻهو بيمارين وگهي مري ويا. اڄ جيئن ڪورونا جي ڪري هر طرف وبال متل آهي ۽ مس مس وڃي سائنسدانن هڪ اميد ڏياري آهي ۽ ڪورونا جو زور جهڪو ٿيڻ شروع ٿيو آهي. اهو صرف ۽ صرف سائنس ۽ سائنسي سوچ جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي. اهڙن مهذب معاشرن ۾ تعليم کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو وڃي ٿو، پر اسان وٽ قصو مختلف آهي، اسين اڃان تائين اونداهين جي دور مان گذري رهيا آهيون. اسان ته اڃان تائين جاگيرداريFeudalism کان به جان آجي نه ڪرائي سگهيا آهيون. اسان وٽ ڪجهه وڏن شهرن ۾ صنعتن جي قيام کانسواءِ اڃان تائين جديد صنعتي دور جو آغاز پڻ پوري طرح نه ٿي سگهيو آهي. مٿان وري ٽيڪنالاجي جي ڀرمار آهي ۽ اسان پنهنجي شناخت جي ڳولها ۾ ڀٽڪندا ئي رهون پيا. اسان جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟
What is our identity?
اسان کي ان جون حدون ۽ نشانيون متعين ڪرڻ گهرجن، جيڪي اڄ سوڌو ڪري نه سگهيا آهيون. مسلمان ملڪن ۾ ملائيشيا، ترڪي، الجزائر ۽ مراڪش اهڙا ملڪ آهن، جيڪي پنهنجي مسلمان هجڻ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اورچائي حاصل ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اسين آهيون ڪڏهن چين جي ماڊل کي فالو ڪريون ٿا، ڪڏهن آمريڪا ۽ ڪڏهن سعودي عرب، اڃان تائين اسين طئي ڪونه ڪري سگهيا آهيون ته اسان جي پنهنجي مشرقيOriental سڃاڻپ آهي، جنهن تي اسان کي فخر آهي. ڏيهه ۾ هڪ دفعو ٻيهر تعليمي نصاب تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. ملڪ ۾ هڪڙو نصابSingle Curriculum بابت بحث مباحثا ٿي رهيا آهن. نصاب تعليم جو اهم جُز آهي. نصاب خود هڪ لڱا هڪ تعليم به آهي.
مون سميت سڀني کي خبر آهي ته تعليم اسان جي حڪمرانن جي اوليتن ۾ ڪڏهن به شامل نه رهي آهي. اسان وٽ تعليم کي بس هڪ اسم طور ڳڻيو ضرور وڃي ٿو، پر ان تي بجيٽ جو تمام ٿورڙو حصو مختص ڪيو وڃي ٿو ۽ ان مان به گهڻو تڻو ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ لکين ٻارڙا اڄ سوڌو اسڪولن کان ٻاهر آهن.
رياضي ۽ سائنس جي ميدان ۾ مسلمان سائنسدانن جيڪي معرڪا فتح ڪيا، انهن جيڪي عالمي سطح جا ڪم سرانجام ڏنا انهن جي عملي ڪم بجاءِ خالي انهن جي سوانح لکڻ ۽ ٻڌائڻ سان شاگرد جي اندر ۾ ڪهڙي سلهاڙپ ۽ لڳاءُ پيدا ٿيندو. ستين صدي عيسوي کان يارهين صدي عيسوي تائين مسلمانن جي عروج جا ڍڪ ته ڀريا وڃن ٿا، پر امام غزالي (11-11-58: 10) کانپوءِ زوالي دور جو ذڪر ڪٿي آهي، ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ انهيءَ سڄي سونهري دور ۾ مسلمان سائنسدان جن اذيت مان گذريا جن پيڙائن کي منهن ڏنو جيڪي جهير ۽ سختيون سٺيون انهن بابت نصاب ۾ ڪٿي جاءِ آهي؟
سرڪاري تعليم جو حال ڪنهن فقير جي چتيون لڳل ليڙون ليڙون ٿيل ڪپڙن جهڙو آهي، هاڻ ته حالت اها آهي جو ڪو مزدور به پنهنجي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ تيار نه آهي.
فري مارڪيٽ جي زور پڪڙڻ جي ڪري سرمائيدارن کي ته موقعو ملي ويو ۽ انهن تعليم کي واپار بڻائي ڇڏيو ۽ تعليم جي نالي تي تعليمي بزنس شروع ڪيو جيڪو اڄ سوڌو جاري آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي ويجهي رهيو آهي. رنگ برنگي اسڪول ۽ يونيفارم آهن ٻن ڪمرن جو گهر مسواڙ تي وٺو هڪ بورڊ ٽنگيو ۽ ٻن بيروزگار پڙهيل عورتن کي بيهاريو اوهان وٽ انگريزي ميڊيم اسڪول تيار آهي. انهيءَ اسڪول کان وٺي وڏي شاپنگ پلازه تائين اسڪولن جي هڪ وڏي فهرست آهي. جنهن ۾ تعليم گهٽ مائٽن لاءِ پريشاني وڌيڪ وڪرو ڪئي وڃي ٿي. پنج سئو کان پنجاهه هزار مهيني جي فيسن وارا اسڪول آهن، هاڻ جيڪڏهن تعليمي نصاب هڪجهڙو ٿي به ويو ته ڇا ٿيندو؟ ڇا اسان جي ڏيهه جي تعليم به هڪ جهڙي ٿي ويندي؟ ڇا بصرن جي ڇلڪن وانگر ورهايل تعليمي نظام ۾ برابري جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
سينگاپور ۾ ٽئين درجي تائين ڪوبه گريڊ ٻارڙن کي نه ڏنو ويندو آهي. جاپان ۾ اسڪول جي صفائي اسڪول ۾ پڙهندڙ سڀ غريب توڙي امير ٻار گڏجي ڪندا آهن. چين ۾ اٺين ڪلاس تائين هر مضمون جي تعليم چيني ٻوليءَ ۾ ڏيڻ لازمي آهي. فن لينڊ ۾ سڄو ڏينهن اسڪول هوندو آهي، ٻار اسڪول وڃڻ لاءِ مائٽن سان وڙهندا آهن. جرمني ۾ اسڪول جي ويجهو ڪابه وڏي گاڏي ڪنهن اسڪولي ٻار کي کڻي نٿي اچي سگهي جو ٻين ٻارڙن ۾ احساس محرومي نه پيدا ٿئي. اسان وٽ بيٺڪيت جي سوچ اڃان تائين زنده آهي. اسان وٽ ميڪائولي جا سئوٽ ماسات طاقت جو ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. اسان جي ذهني غلامي هاڻ ذهني معذوري بڻجي چڪي آهي. اڃان تائين اهو فيصلو به نه ٿي سگهيو آهي ته پرائمري تعليم جو ميڊيم ڪهڙي ٻولي هجڻ گهرجي. اصلوڪين ٻولين جي اناد ۽ حسد ۾ اسين نه ئي قومي ٻولي اردو صحيح سکي سگهيا آهيون ۽ نه ئي انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪري سگهيا آهيون. بس هڪ عجيب حال آهي اسان جي تعليمي نظام جو، جيڪا روسي سلاد بڻجي ويئي آهي.
سرڪاري نصاب ۾ صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا، اڌ پن سڄو پن.
آئون هڪ مزدور آهيان، منهنجو ڪم آهي مزدوري ڪرڻ، روزانو 9 وڳي گهگهو وڄي ته ڪم تي چڙهون ۽ شام جو پنجين وڳي ڪم تان لهون، ريڊيو جا معجزا.
مغل بادشاهه ٽوپيون ٺاهي گذارو ڪندا هئا وغيره وغيره.
خانگي نصاب برطانيه جا بيٺڪيتي ادارا تيار ڪن ٿا.
Humpty Dumpty Sat on a wall هاڻ هي تفاوت ڪيئن ختم ٿيندو؟ جيڪڏهن نصاب هڪ جهڙو ٿي به ويو ته ان سان ڪوبه فرق پوڻو ڪونهي، معاشرتي اوچ نيچ ايتري آهي جو جنهن سان هڪ غريب مسڪين جو ٻار هڪ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي واپاري جي ٻار سان ڪهڙي ريت مقابلو ڪري سگهندو؟ اسان وٽ سڀني سياستدانن، واپارين ۽ سرمائيدارن جا ٻار وڏن وڏن ڪنگ سائيز اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن سان ڀلا ڪيئن ڪنهن جو مقابلو ٿي ٿو سگهي؟
اسان وٽ هر دفعي، هر تعليمي پاليسي ۾ هر حڪمران پنهنجي پنهنجي نوعيت جي شموليت ڪري نصاب کي نصاب گهٽ، پر سياستدانن جو قصيدو وڌيڪ بڻائي ڇڏيندو آهي. اسان جي موجوده نصاب ۾ شاگردن، ٻارڙن جي ذهنن اندر تنقيدي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. اسان جو نصاب پڙهڻ کانپوءِ اسان جو شاگرد تنقيدي ڇيد ۽ تخليقي قوت کان محروم ٿي رهي ٿو. سڄو نصاب صرف چند ڪٿائن ۽ ڪوڙين دعوائن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. اشرافيه وٽ تعليم جو پنهنجو طريقيڪار آهي. ان کي انهيءَ سان ڪوبه فرق نٿو پوي ته نصاب تبديل ٿئي ٿو، يڪسان ٿئي ٿو يا ان ۾ رد و بدل ٿئي ٿو.
ذريعن مان معلوم ٿيو ته هن يڪسان نصاب ذريعي پي ٽي آءِ حڪومت اهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي ماضي جون حڪومتون حاصل ڪرڻ کان رهجي ويون هيون، ويجهڙائي ۾ پنجاب ۾ ڪتابن تي لڳندڙ پابندين ۽ اظهار جي آزادي کي ڪچلڻ جا اهڙا ڪارناما آهن جيڪي هن موجوده حڪومت جا اعمال نامه آهن.
اسين سڀ به چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ نه صرف هڪ جهڙو نصاب هجي، پر هڪ جهڙو تعليمي نظام به هجي. غريب ۽ شاهوڪار جو ٻار هڪ جهڙي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي، ان کان وڌ ٻيو ڇا گهرجي؟ يڪسان نصاب ته ٿي ويندو، پر يڪسان تعليمي نظام به ٿي پئي اهو اڃان تائين ديواني جو خواب ئي لڳي ٿو.

