اي ٽي ايم مشين مان پئسا چورائڻ وارو هيڪر گرفتار
اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي پاران اي ٽي ايم فراڊ ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايف آءِ اي چيف شڪيل دراني پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ثاقب الله نالي جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جا ٻين ملڪن ۾ به هيڪرز سان رابطا آهن. شڪيل دراني ٻڌايو ته ملزم جي قبضي مان 20 خالي ڪارڊ، اسڪمنگ ڊوائيس، ليپ ٽاپ، ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ موبائل فون مليا آهن. جنهن جي ذريعي هو اهڙيون ڪارروايون ڪندو هو. ثاقب اهو به ٻڌايو ته هن جو رابطو هڪ پرڏيهي هيڪر سان هو جيڪو هن کي اهڙيون اسڪمنگ مشينون موڪليندو هو. ايف آءِ اي ثاقب کي 11 ڏينهن جي رمانڊ تي ڪسٽڊي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڏوهي اهو به اعتراف ڪيو آهي ته هن ڪجهه عورتن کي بليڪ ميل به ڪيو آهي.

