پروفائل : منفرد آواز جو مالڪ اداڪار: اي. آر بلوچ : طالب ڀنڀرو
جادوئي منفرد آواز جي مالڪ اداڪار، صداڪار، اي. آر بلوچ 15 مارچ 1923ع تي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ اميد علي شاهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جو اصل نالو عبدالرسول شاهاڻي هو، لکڻ پڙهڻ ۽ اداڪاري جو بيحد شوق هئس، هو ننڍپڻ ۾ پنهنجن هم عمر دوستن سان ڪاٺي جو ٽڪر سگريٽ وانگر هٿ جي ٻڪي ۾ جهلي اداڪاري ڪندي کلائيندو هو، اهڙيءَ طرح فني زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪيائين. ڪيترائي ڊراما ڪيا، جنهن دوران هن جو نالو اي. آر بلوچ رکيو ويو، هن اڳتي وڌي پي. ٽي. وي تي آغا رفيق جو لکيل ڊرامو خوف جو سورج ۾ سڀ کان پهرين 1970ع ۾ يادگار ڪم ڪيو. هن ڊرامي جو هدايتڪار عبدالڪريم بلوچ هو، اي. آر بلوچ هن ڊرامي ۾ پروفيسر جو ڪردار ادا ڪيو. ان بعد هن سڀ کان پهرين فلم ليليٰ مجنون ۾ شاندار اداڪاري ڪري سنڌ واسين جي سڃاڻپ بڻجي ويو. ان بعد فلم بادل برسات، رت ۽ اجرڪ ۽ ٻين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. جيڪي زندگيءَ ۾ يادگار ڊراما ڪيا، انهن ۾ ديوارين، جنگل، هٿين گل ميندي، دنگيءَ منجهه درياهه، بخت خان ۽ ٻيا شامل آهن. پي. ٽي. وي تان سندس آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو، هن سان اڪثر جن اداڪارن ڪم ڪيو، انهن ۾ نور محمد لاشاري، روشن عطا، يعقوب ذڪريا، وسيم، مشتاق چنگيزي، شهباز دراني، شهزادي، طلعت حسين، منصور بلوچ، فريد نواز بلوچ، سڪينه سمون جهڙا مايا ناز اداڪار شامل آهن. هن جو منفرد آواز تمام وزن وارو هو، هن جو هر هڪ ڊائلاگ يادگار هو، مون کي ياد آهي، هن جي فلم رت، اجرڪ ۽ بادل آئون پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان شڪارپور جي ناز ٽاڪيز سئنيما ۾ بار بار ڏسڻ ويندو هئس. جڏهن حيدرآباد اچڻ ٿيو ته هن سان اڪثر پريس ڪلب حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٻاهران ملاقات ٿيندي هئي، هو اڪثر ڪري بخاري هوٽل، حبيب هوٽل، فردوس هوٽل حيدر چوڪ هوٽل تي مختلف دوستن سان اچي ويهندو هو. هو به محمد حسين قادري جيان تمام سٺو انسان سٺو اداڪار هو، جيڪو فلمي دنيا کان الڳ عام و خاص دوستن سان قرب سڪ سان ملندو هو. هن جو عام ڳالهائڻ ۾ به اداڪاري جو عنصر موجود هو. هن جو چهرو رعبدار شهپر چهري تي تمام رونق بخشيندا هئا. هن جي آواز ۾ عجيب قسم جو جادو هو، هن جي دل ۾ قربن جا ڪوٽ ڀريل هوندا هئا. اي. آر جي نالي سان ٻه شخصيتون اداڪاري جي دنيا ۾ موجود هيون، هڪ اي آر ڀنڀرو، ٻيو اي آر بلوچ، علم ادب جي اسٽيج کان ڊرامي تائين هنن جو مثالي ڪم رهيو آهي. ايئن ڏسندي ڏسندي هي مصري جهڙو مٺو ماڻهو اداڪار، صداڪار اي. آر بلوچ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ 82 ورهين جي عمر ۾ پهرين جولاءِ 2005 تي سنڌ واسين کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو. هن جو ڪم ڊراما فلم اسٽيج اسان کي هن جي ياد ڏياريندا رهندا.

