بلاگ

آءِ ايم ايف جون پاليسيون ۽ مهانگائي وارو طوفان…! عالمي ۽ ملڪي سياسي منظر ناموRasheed Abro

اڄ جنهن صورتحال مان گذري رهيا آهيون، اها ڪا غير معمولي ناهي، افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دنيا هڪ ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي ته انهن کي مڃي يا نه. بهرحال ان تي به مختلف ملڪن جا مختلف موقف آهن، ڪي کين موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڪي وري نه. تازو روس، چين ۽ پاڪستان جي سربراهي ۾ افغان صورتحال بابت ٿيل اجلاس ۾ لٺ بردار آمريڪا لاجسٽڪ جو سبب ڄاڻائي شرڪت نه ڪئي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اها ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ٿئي ته جيئن واپار کي هٿي وٺرائي خطي ۾ خوشحالي جا نوان در کولجن، پر آمريڪا جو موڊ مختلف آهي. افغان صورتحال بابت خاص ايلچي زلمي خليل زاد کي هٽائي نئون ايلچي مقرر ڪيو ويو آهي. وڏين طاقتن جي آمهون سامهون اچڻ بعد عالمي منظر نامي ۽ پاڪستان جي سياسي منظر نامي ۾ ڪافي تبديليون نظر اچي رهيون آهن ۽ طاقت جو توازن ورهائجي رهيو آهي. 

هتي ملڪي سياست ۾ هلچل مچي وئي آهي، اپوزيشن ۽ پابندي مڙهيل تنظيم پاران پي ٽي آءِ حڪومت خلاف روڊن تي اچڻ واري اعلانِ جنگ بعد ملڪي سياسي گرمي پد ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي ويو آهي. معاملا مهانگائي، حڪومتي ڪارڪردگي ۽ نيب آرڊيننس ۽ فرانس سان لاڳاپا  آهن. اپوزيشن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي ۽ موجوده پاليسيون ٻرندڙ مسئلا آهن. ڇاڪاڻ ته عوام پي ٽي آءِ سرڪار جي دور ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي جي طوفان ۽ حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نظر نه اچي رهيو آهي. ڪابينا ڪچن ۾ به حال ناهي رهيو. مهانگائي امير طبقي کان وٺي عام ماڻهو جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. ماڻهن جي  وات مان ماني گرهه به کسيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ڪوبه ماڻهو خوش ناهي، هر ڪو پنهنجا سُور پٽي رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڊرائيور جڏو هوندو ته اهو ايڪسيڊنٽ ئي ڪري سگهي ٿو. هڪ اهم مقرري تي پيدا ٿيل خدشن ان وقت دم ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن حڪومت پاران ان جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تنظيم پاران اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪري روڊ بند ڪرڻ ۽ پوليس سان ٽڪراءُ کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي چيف، وفاقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ گهرو وزير شيخ رشيد صرف 10 منٽن جي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت جي رٽ ڪنهن کي به چئلينج ڪرڻ نه ڏني ويندي. ان حوالي سان پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهين جو امڪان آهي. گهرو وزير جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم هڪ مئل گهوڙو آهي، سندس ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي چوڻ تي رڳو ڦڙڪيون پيو هڻي، پر پردي پويان ڳالهيون به ڪري پيو. ن ليگ ٽڪرا ٿي، م ليگ ۽ ش ليگ بڻجي وئي آهي. پيپلز پارٽي وارن مان حڪومت کي ڪوبه خطرو ناهي، پيپلز پارٽي سنڌ جو اقتدار نه ڇڏيندي. پي ٽي آءِ سرڪار 5 سال پورا ڪندي. اپوزيشن احتجاج جو شوق ڀلي پورو ڪري، اهو سندن حق آهي، پر قانون ڪنهن کي به هٿ ۾ کڻڻ نه ڏبو.

الميو اهو رهيو آهي ته حڪومت جون پنهنجون پاليسيون ناهن رهيون، رڳو آءِ ايم ايف جي پاليسين تي عمل ٿي رهيوآهي، جنهن کي عوام گهڻو ڀوڳيو آهي. ان باوجود به موجوده سرڪار آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي قرض وٺي ڪار وهنوار هلائڻ جي موڊ ۾ آهي. ٻيو اهو ته ملڪ ۾ معاشي ماهرن جي کوٽ رهي آهي يا وري جيڪي ماهر آهن، انهن کي قابل نه سمجهي موقعو به نٿو ڏنو وڃي ته اهي معيشت جي سڌاري لاءِ ڪي مشورا ڏين يا ڪم ڪن. حڪومتن هميشه ٻاهران معاشي ماهرن کي امپورٽ ڪري ڊالرن ۾ پيڪيج ڏئي، آءِ سي يو ۾ پيل معيشت کي آڪسيجن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بهرحال اهي تجربا گهڻي قدر ڪامياب ٿيڻ بدران ناڪام ئي رهيا آهن. هاڻي حڪومتي ڪارڪردگي ۽ معيشت جي بحالي، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۽ سياسي ڇڪتاڻ وارا معاملا حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن. اسٽيبلشمينٽ به پريشان آهي ته جن کي اقتدار ۾ آندو، اهي مهرا به ڪم جا نه نڪتا، موجوده حڪومت ۽ ان جي وزيرن کي بس هلايو پيو وڃي، رڳو ڳالهين جي حد تائين عوام جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. فلاحي رياست بڻائڻ وارو خواب اڃان ساڀيان نه ٿي سگهيو آهي، جيڪي اميدون موجوده حڪومت مان رکيون پئي ويون، اهي هاڻي دم ٽوڙي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت پنهنجي زميني حقيقتن کي سامهون رکندي، ڪي به اهڙيون پاليسيون نه جوڙي سگهي آهي، جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ تبديلي يا ڪا خوشحالي اچي سگهي. رڳو ڳالهيون ڪرڻ سان ته تبديلي يا خوشحالي نٿي اچي سگهي، ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. تازو آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي رهيون هيون، پر ان جو ڪو نتيجو سامهون نه اچي سگهيو ۽ ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ آيل آهي. خزاني واري شوڪت ترين کي به مشير بڻايو ويو آهي، جنهن کي وري سينيٽر چونڊرائي وزير بڻايو ويندو. آءِ ايم ايف به ملڪ جي معيشت درست رخ ڏانهن هلڻ جا رڳو اينڊيڪيٽرز ڏنا آهن. قرض ڪهڙن شرطن تي ورتا وڃن ٿا، اڃان تائين واڳ ڌڻين کانسواءِ ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ خزاني وارو وزير رهيو، سندس دور ۾ به آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ وارا ايندا رهيا ۽ قرض ورتو ويو، ان جا شرط ۽ تفصيل به سامهون نه آيا. ان دور کان وٺي مهانگائي جي طوفان زور ورتو آهي ته ڪٿي بيهڻ جو نالو وٺڻ بدران تيز ترين ٿيندو پيو وڃي ۽ عام واهپي جي شين جي خريداري عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي. اهو ته پنهنجي جاءِ تي پر کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي چڙهيل آهن. پاليسيون ساڳيون ۽ لاٽون ۽ چُگهه به ساڳيا آهن، پر موصوف پاڻ سبڪدوش ٿي ويا. وزارت حماد اظهر جي حوالي ڪئي وئي، پر ان ڪنن ۾ هٿ وجهي توبهه ڪري جان ڇڏائي ۽ توانائي واري وزارت سنڀالي آهي. ٻئي پاسي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن. آءِ ايم ايف جو اسرار آهي ته سندن پاليسين تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته پوءِ قرض ملندو. تازو ان کي خوش ڪرڻ لاءِ بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي. جيڪڏهن اهڙي ريت آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو رهيو ته صورتحال بد کان بد ترين ٿي سگهي ٿي.

بهرحال حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، اهڙن قرضن سان ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو. موجوده حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙي، جنهن سان مهانگائي جي طوفان تي ضابطو اچي. نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملن، پئسو ڪجهه هٿن بدران عام ماڻهو جي هٿن ۾ اچي، پئسي کي سرڪيوليٽ ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن عوام جي حالتن کي بهتر بڻائي سگهجي. تازو وزيراعظم عمران خان ان خوشخبري جو اعلان ڪيو هو ته مهانگائي تي جلد ضابطو اچي ويندو. سي پيڪ تي ڪم تيزي سان شروع ٿيڻ سان بيروزگاري ۽ مهانگائي گهٽ ٿي ويندي، پر تازو بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان اها خوشخبري عوام لاءِ بري خبر بڻجي وئي آهي. ان اعلان مان اهو تاثر مليو ته حڪمران ڳالهيون ڪجهه ڪن ٿا ۽ عمل ٻيو ڪجهه ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عوام جو حڪمرانن تان اعتماد گهٽجي ويو آهي. تازو Pulse Consultant جي آيل سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيا ويا آهن ته معاشي پاليسين تي ماڻهن جو ڀروسو گهٽ ٿي ويو آهي. حڪومتي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، ان جو سبب ڪرپشن آهي. انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جو معاشي پاليسين تي اعتبار ناهي رهيو. موجوده حڪومت جا معيشت جي بهتري وارا انگ اکر به درست ناهن.

ڪو شڪ ناهي ته جيڪي ترقي يافته ملڪ آهن جيڪڏهن اتي ناڻي جي پکيڙ ۾ اضافو ٿئي ٿو ته اتي جي ماڻهن جي حالتن تي ڪو خاص فرق يا اثر نٿو پوي. اتي جي حڪومتن پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ مضبوط پاليسيون جوڙي رکيون آهن، روزگار جا وسيلا آهن، جنهن سبب عام ماڻهو جي زندگي آسان بڻيل آهي. اسان ته 100 سال پٺتي قوم آهيون ۽ مهانگائي سبب عام ماڻهن جي زندگين تي ڪافي اثر پوي ٿو. اسان وٽ مهانگائي جو سبب پرڏيهه ۾ قيمتن ۾ واڌ ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه حڪومت پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ڪري ٿي ۽ سراسر غلط بياني آهي. جيڪي به خزاني جا وزير  آيا، انهن جي حڪمت عملين سبب اڄ عوام ڀوڳي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي زميني حقيقتن ۽ عام ماڻهو جي حالتن جي ڄاڻ ۽ خبر چار به نه هئي. انهن اهڙيون پاليسيون جوڙي ڇڏيون آهن، جو هاڻي ته مهانگائي وارو جن بوتل ۾ واپس وڃڻ جو نالو نه پيو وٺي. اهو اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم آهي ته اها مهانگائي تي ضابطو آڻي، پر ان جو ڪوبه ڪردار نظر نه اچي رهيو آهي. صورتحال اها رهي ته ملڪ مان غربت جي خاتمي کان اڳ غريب جو خاتمو اچي ويندو. پوءِ نه رهندو بانس نه وڄندي بانسري. اپوزيشن به ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي احتجاج جي شروعات راولپندي کان ڪري رهي آهي، جيڪا پنهنجا مطالبا مڃرائي سگهي ٿي ۽ اقتدار جي ايوانن کي لوڏي به سگهي ٿي. هاڻي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي ۽ سياسي گرمي پد ڪٿي ٿو بيهي؟