هيملٽن ناڪي: ڏکڻ آفريڪا جي ڪاري رنگ وارو انوکو مالهي، جيڪو سرجن بڻجي، هزارين ڊاڪٽرن جو استاد ٿي ويو! جوکيو جسارت الياس سنڌي
دنيا ۾ ڪجھ اھڙا انسان به ھوندا آھن، جيڪي رواجي طور تي، ڪنھن به اداري مان تعليم ۽ تربيت حاصل ناھن ڪندا، پر ان باوجود اھي پڙھيل لکيل ۽ تربيت يافته ماڻھن کان به گھڻو اڳتي نڪري ويندا آھن. ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ايسٽرن ڪيپ جي ھاڻوڪي ضلعي اميٿولAmathole ۾، اينجي سنگوانا نالي ھڪ ڏتڙيل بستيءَ ۾ ھڪ غريب جي گھر ۾ 26 جون 1926ع تي پيدا ٿيندڙ، ھيملٽن ناڪي به اھڙن عظيم انسانن ۾ شامل آھي، جنھن مالھي کان سرجن ۽ ھزارين ڊاڪٽرن جي استاد ٿيڻ تائين وڏي محنت ڪئي ۽ اڻ پڙھيل ٿي ڪري به ماھر سرجن طور ڄاتو وڃي ٿو.
ان زماني ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ”ڪاري رنگ“ وارن انسانن سان وڏا ظلم ٿيندا ھئا ۽ کين قانون، اڳتي پڙھڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ھو. صرف پرائمري جا ڇھ درجا پڙھيل ناڪيءَ جي مائٽن کيس پورھيو ڪرڻ جو چيو ته ھي صرف 14 سالن جي عمر ۾ ملڪ جي راڄڌاني ڪيپ ٽاؤن ۾ يونيورسٽي آف ڪئپ ٽاؤن جي ميڊيڪل اسڪول (جتي اسپتال به گڏ ھئي) ۾ مالھي ٿي پيٽ گذر ڪرڻ لڳو. ٻھراڙيءَ جو قدآور ۽ قدرتي طور طاقتور شخص ھيملٽن ناڪي، جڏھن باغ ۾ گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو ھو ته سڀني جي نظرن جو مرڪز ھوندو ھو. ڇو ته کيس ٻڪريءَ جي کل مان تيار ڪيل، چتيون لڳل، ميرا ۽ پراڻا وڳا پاتل ھوندا ھئا. سندس شوق ۽ وقت جي پابندي کي ڏسي، کيس مالھيءَ جي بدران، يونيورسٽي جي تجربيگاھ ۾ رکيل، جانورن جي خدمت تي رکيو ويو، جتي ھو جانورن کي کاڌو پاڻي ڏيندو ھو، پر ڪنھن ٿي ڄاتو ته اھوئي مالھي اڳتي ھلي سوين مريضن جا آپريشنز ڪندو ۽ ميڊيڪل سائنس جي ماھر سرجن طور، سڄي دنيا ۾ ڪنھن رواجي پروفيسر کان به گھڻو مشھور ٿيندو؟
ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنس جي عالمي تحقيقي ”دي جرنل آف ھارٽ اينڊ لنگ ٽرانسپلانٽيشن“ (جيڪو ”انٽرنيشنل سوسائٽي فار ھارٽ اينڊ لنگ ٽرانپلانٽيشن“ طرفان آن لائين ڇپجندو آھي) جي واليم 36، نمبر 12، ڊسمبر 2017ع ۾ دنيا جي مڃيل دل جي بيمارين جي ماھرن جھڙوڪ؛ پروفيسر ڊاڪٽر ليسل زولڪي،PhD (ٻارن جي دل جي بيمارين جي برک سرجن) ۽ ڊاڪٽر بونگاني ايم. مائيوسي،PhD (دل جي ماھر سرجن ۽ ڊين، فيڪلٽي آف ھيلٿ سائنسز، يونيورسٽي آف ڪئپ ٽائون)، ھڪ مقالو ڇپرائي، دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جنھن جو موضوع ئي ”دي لائف اينڊ ليجسي آف ھيملٽن ناڪي: ايڪسپيريمينٽل ھارٽ ٽرانسپلانٽ سرجن اينڊ ٽيچر“ آھي. ريسرچ گيٽ تي موجود ان، ڇپيل تحقيق کي، دنيا تسليم ڪندي ھيملٽن ناڪيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو، جنھن ۾ کيس بنا تعليم جي، صرف تجربي جي آڌار تي، عظيم سرجن ۽ ڊاڪٽرن جي استاد طور پيش ڪيو ويو آھي. ان ئي مقالي ۾ سندس زندگيءَ بابت لکيل آھي ته ھيملٽن کي دنيا جي عظيم دل جي ماھر جرمن پروفيسر رابرٽ گوز، جانورن جي نظرداريءَ دوران آزمايو ۽ کيس قدآور ۽ طاقتور ڏسي، پنھنجي ليبارٽريءَ ۾، 1950ع ۾ ھڪ زراف جي آپريشن دوران ان جون طاقتور ٽنگون ۽ ڪنڌ جھلي بيھڻ لاءِ گھرايو ته ناڪيءَ جي طاقت کيس موھي وڌو. جنھن کانپوءِ کيس انسانن جي آپريشن لاءِ به گھرايو ويو ته اتي به ناڪيءَ جڏھن انسانن کي جنھن ھنرمند ۽ سھڻي نموني، ھٿ سان ٽانڪا لڳايا ته پروفيسر گوز کي ھو وڻي ويو ۽ ايئن ھو کيس، ھر آپريشن جي ٽيم ۾ شامل ڪندو ويو. ان تحقيق کان اڳ، دل بابت عالمي تحقيق ڪندڙ ڪيرولين رچمونڊ جي ھڪ تحقيق پڻ ھيملٽن ناڪيءَ بابت ساڳيون ئي ڳالھيون 2005ع ۾ لکيون ته ھيملٽن ناڪيءَ 1967ع ۾ ھڪ 26 سالا نينگري ڊينس ڊارول جي دل کي، آپريشن ذريعي ٻاھر ڪڍي، پروفيسر ڪرسچن جي ھٿ ۾ ڏني، جنھن ان ناريءَ ۾ 57 سالن جي لوئيس وشڪنسڪائي جي دل لڳائي. ھيملٽن کي تڏھن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ڇو ته ھو رنگ جو ”ڪارو“ ھو ۽ نينگري رنگ جي ”گوري“ ھئي، پر سندس دوستن مدد ڪئي ۽ نسلي متڀيد جي ڪري کيس وري ڪڏھن به ڪنھن آپريشن ۾ ظاھر ڪونه ڪيائون. اھڙيءَ ريت دل جي بيمارين جي علم ڪارڊيالاجي جي ھڪ ٻئي وڏي نالي پروفيسر برنارڊ پنھنجي وفات کان ٿورو اڳ 2001ع ۾ ئي، ھڪ انٽرويو ۾ ان ڳالھ جو انڪشاف ڪيو ته ھيملٽن ناڪي دل جي مريضن کي آپريشنن کانپوءِ وڏي مھارت ۽ خوبصورتيءَ سان ٽانڪا ھڻندو ھو ۽ ان وانگر، اڄ عالمي سطح جا سرجن به اھڙا ٽانڪا نٿا ھڻي سگھن. ھيملٽن ناڪيءَ جي مھارت ۽ ھنر کي ڏسي، پروفيسر ڪرسچن برنارڊ کيس ھڪ مڪمل سرجن بڻايو ۽ الڳ سان مريض ڏيئي، آپريشن ڪرڻ جي اجازت ڏني. جنھن کانپوءِ ھيملٽن ناڪيءَ سوين مريضن جا ڪامياب آپريشن ڪيا. نه صرف ايترو پر کيس ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ استاد ڪري، سکيا لاءِ ايندڙ ڊاڪٽرن جي مٿان رکيو ته ھن ان فرض کي به خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ 3 ھزار کان وڌيڪ نوجوان ڊاڪٽرن کي آپريشن ڪرڻ سيکاريائين.
دي سوسائٽي آف ٿوريسڪ سرجنز پاران 2000ع ۾ اينلس ٿوريسڪ سرجري نالي مئگزين جي واليم 69 اندر صفحن 1966 کان 1972 تي، دنيا جي پھرين دل جي باءِ پاس آپريشن ڪندڙ سرجن رابرٽ ايڇ گوز جي زندگيءَ بابت، ڊاڪٽر اگنار ڪونسٽئن ٽينو تفصيل ڏنو آھي. جنھن ۾ ساڳئي زراف سان گڏ ٻين سڀني شين جو ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي ھيملٽن ناڪيءَ بابت پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون. ڏکڻ آفريڪا جي ميڊيڪل سائنس تي ڪم ڪندڙ محقق سرجن ڊاڪٽر انوار سليمان مال، 2007ع ۾ ڇپيل، ھڪ مقالي ۾، دنيا جي ماھر جگر جي ٽرانسپلانٽ سرجن پروفيسر روزميري ھڪمئن سان روبرو ڪيل احوال لکندي، اھو ٻڌايو ته ھيملٽن ناڪيءَ سان گڏ روزميري ھڪمئن، ٽي سال گڏ ڪم ڪيو، جنھن خود تعجب جي انتھا ڏيکاري ته ھيملٽن ناڪي، آپريشن ٿيٽر ۾، ماھرن سان گڏ ڪم ڪار ڪندي، جڏھن ھڪ ڀيرو به ڪو انگريزي، لاطيني، يوناني يا وري فرانسيسي ٻوليءَ مان اخذ ڪيل، ميڊيڪل سائنس جو اصطلاح ٻڌندو ھو ته اھو ھميشه لاءِ ياد رکي ڇڏيندو ھو. انھن ماھرن کي سندس ياداشت مٿان وڏو تعجب ٿيو. ان کانپوءِ کيس آھستي آھستي اعزاز ۽ انعام مليا. دي واشنگٽن پوسٽ مطابق، ھيملٽن ناڪيءَ کي 2002ع ۾ سائوٿ آفريڪا جي صدر ٿابو ميڪي، ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز(The Order of Mapungubwe) ڏنو. ان کانپوءِ 2003ع جي شروع ۾ ئي، سندس ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي بدلي ۾ کيس پھريان ملڪ ۾ ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ جڏھن مڃتا ملي ته ان ئي ساڳي يونيورسٽي آف ڪئپ ٽاؤن جي وائيس چانسلر گريسا ميڪل ۽ خود نيلسن منڊيلا جي گھرواريءَ جي ھٿان کيس 21 جون 2003ع تي ميڊيڪل سائنس جي شعبي جي وڏي ۾ وڏي سندMD يعني ”ماسٽر آف ميڊيسن“ جي اعزازي ڊگري به ڏني وئي (دي واشنگٽن پوسٽ 13 جون 2005ع). اڄ به ميڊيڪل جي دنيا جا محقق ۽ جڳ مشھور ماھر کيس ”ماھر سرجن ۽ پروفيسر“ ڪري مڃين ٿا، جيڪا ڳالھ ناقابل يقين آھي. ڇو ته حقيقت ۾ ھو پھريان، ھڪ مالھي ھو!
REFERENCES (For Editor Only to Check If Needed):
PHOTO COURTESY MENTIONED IN CAPTIONS
1.Liesl Zuhlke and Bongani M Mayosi. October 2017. The Life and the Legacy of Hamilton Naki : Experimental Heart Transplant Surgeon and Teacher. The Journal of Heart and Lung Transplantation 36(12). DOI: 10.1016/j.healun.2017.10.006
Link: https://www.researchgate.net/publication/320545537_The_Life_and_the_Legacy_of_Hamilton_Naki_Experimental_Heart_Transplant_Surgeon_and_Teacher
2.Caroline Richmond. Hamilton Naki. BMJ. 2005 Jun 25; 330(7506): 1511. https://www.ncbi.nlm.nih.gov/pmc/articles/PMC558471/
3.The Washington Post; 13-06-2005:
https://www.washingtonpost.com/archive/local/2005/06/13/hamilton-naki/d4abf8a8-7b86-4cfa-b5ac-fdc4d18ce20f/
- Michael Cotton Rosemary Hickman and Anwar Suleman Mall. 2014. H. Hamilton Naki, His
Life, and His Role In The First Heart Transplant. Ann R Coll Surg Engl (Suppl)
2014; 96: 224–227. Link:
https://publishing.rcseng.ac.uk/doi/pdf/10.1308/003588414X13814021679915
- Igor E. Konstantinov, MD. 2000. Robert H. Goetz: The Surgeon Who Performed the
First Successful Clinical Coronary Artery Bypass. Operation © 2000 by The Society of Thoracic Surgeons Published by Elsevier Science Inc. Ann Thorac Surg, 2000;69:1966–72.
Link: https://www.annalsthoracicsurgery.org/article/S0003-4975(00)01264-9/pdf
6.New York Times; 11-06-2005:
7.T.E Madiba et. al. 2012. “The Hamilton Naki Clinical Scholarship, 2007 – 2011”. January 2012 South African medical journal Link: https://www.researchgate.net/
پي ايڇ ڊي اسڪالر،
يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو

