نئون

پاڪستان پوسٽ ۾ 20 ارب رپين جي  خساري جو انڪشاف

پاڪستان پوسٽ ۾ گذريل ٽن سالن کان وٺي 20 ارب 40 ڪروڙ ۽ 85 لک رپين جي خساري جو انڪشاف ظاهرٿي ويو. وزارت پاران رپورٽ وزيراعظم هائوس ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. اداري کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ ڪروڙين رپين جا پروگرامز پيش ڪري ڇڏيا آهن. خبر مطابق وزارت پاران اهڙي رپورٽ وزيراعظم هائوس موڪلي وئي آهي. تنهن هوندي به وزيراعظم پاران ڪيترائي اهڙا پروگرام شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان وڌيڪ ڪروڙن جو نقصان ٿي ويندو. سال 14-2013 ۾ خسارو 6 ارب کان وڌيڪ، سال 16-2015 ۾ خسارو ست ارب رپيا رهيو. پاڪستان پوسٽ پاران اداري کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ نوان پروگرام ڏنا ويا آهن جنهن جي ڪري هو پنهنجي ڪاروهنوار کي برقرار رکي سگهي ٿو.