ڪورٽ ڪمند جي آبادگارن کي تڪليف ۾ رهڻ نه ڏيندي: چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪمند جي آبادگارن کي تڪليف ۾ رهڻ نه ڏيندي. اربع ڏينهن سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ ملڪ اندر ڪمند جي وڏي واپاري جهانگير ترين کي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي پڇيو آهي ته اهو ٻڌائي ته هو ڪهڙي طريقي هيٺ پنهنجي علائقي جو سڄو ڪمند 180 رپين في مڻ جي ريٽ تي خريد ڪندو. ٻي صورت ۾ ڪورٽ ڪمند جي آبادگارن کي حڪم جاري ڪندي ته اهي ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪن. ان کان اڳ ۾ ڪورٽ ٽن شگر ملز جي مالڪن کي حڪم جاري ڪيو هو ته اهي پنهنجون شگر ملون بهاول پور کان هٽائي ڪنهن نئين جاءِ تي وڃي ملون لڳائين، ان جي جواب ۾ مل مالڪن جواب داخل ڪرايو هو ته اهڙي صورت ۾ مل مالڪن کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو جيڪو ساڳي وقت اهو مل جي ملازمن لاءِ به نقصان ڪار ٿيندو. ان ڏس ۾ ڪورٽ جو اهو به چوڻ هو ته هن وقت قانون ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته ڏکڻ پنجاب ۾ وڌيڪ شگر ملون لڳايون وڃن. جهانگير ترين جي وڪيل چوڌري اعتزاز احسن ڪورٽ کي ٻڌايو ته جهانگير ترين پاڻ به هڪ آبادگار آهي ۽ هو ٻين آبادگارن کي مشڪل ۾ نٿو ڏسي سگهي. ان جي جواب ۾ ڪورٽ پڇيو ته ڇا جهانگير ترين پنهنجو زرعي ٽيڪس ادا ڪري ڇڏيو آهي هن موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي ڪورٽ چيو ته سڄي ڪمند جي خريد تي صرف 500 ڪروڙ يا هڪ ارب روپيا ئي خرچ ايندو جيڪو جهانگير ترين لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. ان کان علاوه ڪورٽ اهو به سوال ڪيو ته جيڪڏهن ملون هڪ سال کان بند پيون آهن ته پوءِ اخبارن ۾ ملن جي طرفان اپيلون ڇو اچي رهيون آهن.

