اسان جو سياستدان اڃا به نه سمجهندو!
پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي 75 سالا تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته افسوس ۽ ڏک کانسواءِ ڪا بهتري نظر نٿي اچي. صرف 25 سالن جي عرصي ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو. ان جو قصوروار ڪير آهي. هڪ ته ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو. ٻيو عوام جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي. شايد ان ڪري ته عوامي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو. صرف هڪ سِٽ لکئون ٿا ته ان وقت جا سياستدان عقل جو مظاهرو ڪن ها جمهوري حق کي تسليم ڪندي، ساڃاهه وند فيصلو ڪن ها ته شايد ملڪ ٻه ٽڪر نه ٿئي ها.
هاڻي هن پنهنجي ملڪ کي انهن ئي سياستدانن اهڙيءَ حالت تائين پهچايو آهي، جو هر ماڻهو چوي ٿو ته ڇا ملڪ ۾ ڪو وري 1971 وارو سانحو ٿيڻ ته نه پيو وڃي؟ اها ننڍي ڳالهه آهي يا وڏي ڳالهه آهي، جيڪا اسانجي سياسي اڪابرن جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. 1971 ۾ به جيڪڏهن سياستدان هڪ ٽيبل تي گڏجي ويهن ها ته مسئلي جو حل نڪري پوي ها. نه ويٺا جنهن جو نتيجو اڄ سڀني جي اڳيان آهي. اڄ 2023 ۾ سياستدان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. 1971 کان 1977 پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت ۾ ٻن اسيمبلين کي نه مڃيو ويو، بلوچستان اسيمبلي ۽ هِن وقت ڪي پي ڪي ۽ اُن وقت سرحد اسيمبلي جي ميمبرن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. مخالفت برداشت نه ڪئي وئي. پوري دنيا ۾ مخالفت جمهوريت جو حسن هوندي آهي، پر جيڪو مخالف هو، اهو غدار هو، ان کي جيل ۾ وجهڻو هو. نتيجو ڪهڙو نڪتو ان وقت جو تمام گهڻو مقبول ليڊر استعماري قوتن هٿان شڪست کائي پنهنجي جان وڃائي ويٺو. 1977 کان 1988 تائين سڌي آمريت، 1988 ۾ جمهوري حڪومت پر سياستدانن جو پاڻ ۾ جهيڙو، فائدو غير جمهوري قوتن جو ٿيو، 11 سالن کانپوءِ ٺهيل جمهوري حڪومت کي 58-2B جي تلوار سان ڪٺو ويو. اسلامي جمهوري اتحاد شادمانه وڄايا. 1990 واري نواز شريف جي حڪومت، 1993 ۾ ان تي به 58-2B جي تلوار سان حملو ڪيو ويو. 1996 ۾ محترمه تي هڪ دفعو ٻيهر 58-2B جي تلوار. نواز شريف سرهو ٿيو. 1999 ۾ مشرف واري سڌي آمريت. پيپلز پارٽي مٺايون ورهايون. هڪ ٻن سالن کانپوءِ سياستدانن کي ڪجهه عقل آيو ۽ هنن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون. ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان شامل نه ڪين. باقي لڳ ڀڳ سڀئي پارٽيون انهيءَ ڳالهه تي بيٺيون ته سياست ڪرڻ سياستدانن جو حق آهي، هو پاڻ ۾ وڙهي ڪڏهن به غير جمهوري قوتن کي موقعو نه ڏيندا، جن ملڪ کي انهيءَ دڳ تي پهچايو آهي. پوءِ به هنن کي 7 سال لڳا ۽ 2007 ۾ مشرف مجبور ٿي چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي وردي لاٿي. بدقسمتيءَ سان محترمه جي شهادت ٿي وئي. زرداري صاحب پيپلز پارٽي جو اڳواڻ بڻجي ويو. هن جي ڪيترن ئي گناهن کي جيڪڏهن هڪ پاسي رکجي، هن جو سياسي رويو ٻين پارٽين سان انتهائي بهتر رهيو آهي، شروع شروع ۾ ته هن پيپلز پارٽي کي نون ليگ سان گڏائي گڏيل حڪومت ٺاهي. ڇو ته ان وقت پيپلز پارٽي اڪثريتي پارٽي هئي، پوءِ به نون ليگ سان هن جا تعلقات بهتر رهيا. انهي ئي سياسي ساڃاهه جي ڪري مشرف کي صدارت تان لاٿو ويو ۽ 18هين ترميم منظور ڪرائي وئي، جنهن 58-2B جي تلوار کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. صوبن کي ڪيترائي حق مليا. 18هين ترميم اڄوڪي غير جمهوري قوتن کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چُڀي رهي آهي، پر ميان صاحب زرداري صاحب سان نه رهايو، جڏهن چوڌري افتخار صاحب پيپلز پارٽي جي حڪومت جي مٿان لٺ کڻي بيهي رهيو ته زرداري جي خلاف سوئس بينڪ ڏانهن ليٽر موڪليو ۽ ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي پارٽي ليڊر جي لاءِ خط لکڻ کان نابري واري. ان وقت ميان صاحب وڪيلن وارو ڪارو ڪورٽ پائي زرداري صاحب جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پهچي ويو. ان کان شايد ميثاقِ جمهوريت وسري ويو. 2013 ۾ سندس حڪومت ٺهي ۽ 2014 ۾ عمران خان ڌرڻو شروع ڪيو. ان وقت پيپلز پارٽي جو ڪردار شانائتو رهيو. اڄ به ان وقت جي ليڊر آف اپوزيشن خورشيد شاهه جون قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرون جمهوريت جي بقاءَ جو بهترين مثال آهن. پيپلز پارٽي پارليامينٽ سان گڏ بيهي رهي ۽ اڻ سڌي طرح نون ليگ جي حڪومت کي بچائي وئي. اها جس زرداري صاحب لهي، پر پوءِ به غير جمهوري قوتن ميان صاحب کي سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ڏنو ۽ کيس پاناما ڪيس ۾ ڦاسايو ويو ۽ اڳتي هلي ان کي اقاما ڪيس ۾ بدلائي نااهل ڪيو ويو ۽ سندس حڪومت ڊاٺي وئي. ان وقت به زرداري صاحب هنن کي پنهنجو ڪلهو پيش ڪيو. 2018 ۾ جنهن به نموني، جنهن جي به طاقت سان عمران خان وزيراعظم ٿيو ته نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻنهي اسيمبلي جي فلور تي کيس آفر ڪئي ته جيڪو ٿيو آهي، ان کي وساريون ٿا اوهان اليڪشن ڪيئن کٽي آهي، ان کي به هڪڙي پاسي رکون ٿا، اچو ته گڏجي ويهي پاڻ ۾ ميثاقِ جمهوريت ڪريون ته جيئن ملڪ ۽ عوام بهتر پوزيشن ۾ اچن. اسان کي ياد آهي جڏهن ڊالر 80 رپئي جو هو، پيٽرول 65 رپين جو هو، کائڻ وارو آئل 150 رپين جو هو ته ISPR اچي ٽي وي تي چيو ته معيشت خطري ۾ آهي، اسان کي گهڻي اڻ تڻ آهي. 2018 کان 2022 تائين جيڪو ملڪ سان ٿيو سياستدانن هڪ ٻئي جا پٽڪا لاٿا، خاص طور تي PTI پنهنجي گارگند برگيڊ کي ايڪٽو ڪيو، سوشل ميڊيا تي ڪنهن جي به عزت محفوظ نه رهي ۽ سياست ۾ به بدتميزيءَ جو نئون رجحان داخل ٿيو، جيڪو 1999 کانپوءِ 19 سالن کان بعد ۾ آيو. نوجوان نسل کي صرف گارين جي تربيت ڏني وئي هئي. جيڪي واعدا ڪيا ويا، نوڪرين جا، گهرن جا، انهن نوجوان کي ڪُڪڙين ۽ گابن جي چڪر ۾ قابو ڪيو ويو. مليو ڪنهن کي ڪجهه به نه. ملڪ جي صورتحال روز بروز خراب ٿيندي وئي. پهرين اسانجي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان چيو ته IMF وٽ وڃڻ کان بهتر آهي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏيان، پر پوءِ هن کي ان کان وڌيڪ سخت شرطن تي IMF وٽ وڃڻو پيو، پر وقت گذري چڪو هو. پيٽرول ڊالر کي پر لڳي ويا، ملڪ ۾ 3 وزير خزانا آندا ويا، پر ”مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي جاتي رهي“ وارو قصو ٿيو. ڊالر کي پر لڳي ويا، پيٽرول 160 تائين پهچي ويو، رهيل ڪسر عوام جي ڪورونا ڪڍي ڇڏي، ماڻهو نيستا ٿي ويا. پي ڊي ايم کي الاءِ ڪٿان اشارو ملي ويو. توهان به اشارن ۾ سمجهي وڃجو. مهانگائي مارچ شروع ڪيو ويو ۽ مهانگائي مارچ جو نعرو هڪ ئي هو، عمران خان حڪومت ڇڏي نئين اليڪشن ڪرائي. عمران خان حڪومت نه ڇڏي ۽ بقول سندس جيڪا عدم اعتماد جي تحريڪ هئي، اها وڏي بين الااقوامي سازش هئي ۽ پوءِ هن ڇا ڇا نه چيو اهو سڀني جي سامهون هو، خير سندس حڪومت گهر ڀيڙي ٿي ۽ پي ڊي ايم حڪومت جي پڳ پاتي. پي ڊي ايم کان مهانگائي وسري وئي، اليڪشن به وسري وئي. پي ڊي ايم جي حڪومت کي آئي 9 مهينا ٿي چڪا آهن، مئل ماڻهن کي جيئن هنن ماريو آهي، دنيا جي تاريخ ۾ گهٽ نظر ٿو اچي. عوام جيڪو بُک مري پيو. ان کي اٽو 150 رپيا ڪلو ملي پيو. کائڻ جو آئل 600 رپيا ليٽر، گيس مهانگي، بجلي مهانگي، نوڪريون اڻ لڀ امن امان نالي ماتر. پنهنجي ڪابينا 80 ماڻهن جي، پاڻ گهمن ته جهاز چارٽر ڪن. ماڻهن موٽرسائيڪلون ڇڏي پنڌ هلڻ شروع ڪيو. پيٽرول 240 تائين پهتو هو، جنهن کي ڪجهه گهٽايو ويو، پر خبرون اچن پيون ته IMF شرط رکيو آهي ته هن کي 250 کان مٿي کڻي وڃو، ڊالر جيڪو عمران خان جي حڪومت ۾ 185 تائين پهتو هو اهو اوپن مارڪيٽ ۾ 270 تي هلي پيو ۽ جيڏي مهل هي سِٽون لکجن پيون ته انٽر بينڪ ۾ ريٽ 262 رپيا آهي. پر اڃا به IMF جا شرط مهانگا ٿيندا پيا وڃن. خلقِ خدا مانيءَ جي ڊڳڙيءَ جي لاءِ پريشان آهي. سياستدان وري به هڪ ٻئي جي پٽڪن لاهڻ ۾ پورا آهن. انهيءَ ڪري جو انهن کي بورچيخاني جو ڪو اونو ڪونهي. انهن جو بورچيخانو عوام جي رت سان هلي رهيو آهي. حڪمرانن کي خدا جو خوف ته آهي به ڪونه، سسٽم کي هنن پنهنجي ڪنٽرول ۾ آندو آهي ۽ عوام کي سسٽم مان ڪڍي ڇڏيو آهي، چوڻ جو مطلب ته عوام جي ذريعي حڪومت جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ هڪ ديواني جو خواب آهي. انهيءَ ڪري عوام به اليڪشنن کان پري ٿي ويو آهي ۽ عوام سمجهي ٿو ته حڪومت ان جي ووٽ سان نه ٺهي ٿي، نه ڊهي ٿي، جيڪي طاقتور ڌريون آهن انهن جي مرضي آهي ته جنهن جي مٿي تي پڳ رکن. اليڪشن کان پري هجڻ جو مثال 15 جنوري تي مڪاني چونڊن ۾ نظر آيو. جڏهن سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو ٿيو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پوري ڪوشش ٺپا هڻڻ جي باوجود به ووٽن جو ٽرن آئوٽ مشڪل سان 20 پرسنٽ ٿيو. جيڪو بلڪل ڪوڙ هو، ايڪچوئل ٽرن آئوٽ 10 پرسنٽ کان به گهٽ هو، ڪجهه مثال اهي آهن، ڪورنگي مان جماعت اسلامي جو ڪائونسلر 54 ووٽ کڻي وارڊ کٽيو ۽ ڪائونسلر بڻيو. ان وارڊ ۾ ووٽرن جو انگ 10 هزار کان مٿي هو، پر اها ماڻهن جي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ واري روش به طاقتور ڌرين کي فائدو ڏئي ٿي ۽ هو پنهنجا من پسند نتيجا ظاهر ڪن ٿا. مطلب عوام کي حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ کان اڻ سڌي طرح پري رکيو ٿو وڃي، انهيءَ جو ڏوهه به سڌو سياستدان تي آهي. انهيءَ ڪري ته ڪجهه به هجي، پر سياستدان ئي آهي، جنهن جو عوام سان سڌو رابطو آهي، جنهن کي عوام چونڊي ٿو ۽ عوام ويچارو اميد رکي ٿو ته اهو سياستدان حڪمران بڻجي منهنجي دردن جو درمان ڪندو، پر سياستدان طاقتور ڌرين جي آشيرواد کي اصل ڪاميابي سمجهي ٿو ۽ اڄ تائين ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ طاقتور ڌريون هڪڙي سياستدان جي ڪلهي تي هٿ رکن ٿيون ۽ ٻئي جي منهن تي چپاٽ هڻن ٿيون ۽ اهو سياستدان جنهن جي ڪلهي تي هٿ آهي، ان چپاٽ جي مزمت نٿو ڪري، پر ان تي خوش ٿئي ٿو ته پوءِ سسٽم ڪيئن بهتر ٿيندو. اڄ هڪڙو مار کائي ٿو سڀاڻي ٻيو مار کائيندو، ڪلهه هڪڙو جيل ۾ هيو، اڄ ٻيو جيل ۾ وڃي پيو. هنن کي عقل نٿو اچي. مطلب ڪلهه جي ڳالهه آهي ته نون ليگ سان جيڪا ويڌن پي ٽي آءِ ڪئي، ڪنهن جي به چوڻ تي اڄ هو به انهن جي چوڻ تي اهو ڪم پي ٽي آءِ سان ڪن پيا ۽ ڪرڻ وڃن پيا، فواد ته گرفتار ٿي ويو آهي. محسوس ائين پيو ٿئي، ڪجهه ٽائيم ۾ عمران کي به گرفتار ڪيو ويندو. انهيءَ سان پوليٽيڪل تفريق وڌندي يا گهٽبي.؟ ڇا اٽو سستو ٿيندو؟ بجلي سستي ٿيندي؟ پيٽرول سستو ٿيندو؟ ماڻهن کي روزگار ملندو؟ امن امان قائم ٿيندو؟ ملڪ ۾ استحڪام ٿيندو؟ جواب ۾ ته اسان کي صرف نه نه ۽ نه نظر اچي پئي…
بهتر ائين ٿيندو ته ماضي کي وساري سڀئي سياستدان هڪ ٽيبل تي ويهن ۽ وري هڪ نئين ميثاقِ جمهوريت تي متفق ٿين ۽ چون ته سياست ڪرڻ ڪم سياستدانن جو آهي. انصاف ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي ۽ ملڪ جو دفاع ڪرڻ فوج جو ڪم آهي. ڇو نه، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري، بس اهو واحد حل آهي، جنهن سان ڪجهه بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي. ڀلي هڪ ٻئي کي پسند نه ڪن، پر عوام ۽ ملڪ جي بهتري انهي ۾ آهي ته سياستدان ويهي سياسي مسئلا حل ڪن. نواز شريف ۽ زرداري هڪ ٻئي جي لاءِ ڇا نه ڳالهائندا هئا، اڄ گڏ ويٺا آهن، پرويز الاهي عمران خان کي ڇا نه چيو، هن غريب جون نيپيون بدلرائي ڇڏيائين، اڄ پرويز الاهي ۽ عمران خان گڏ ويٺا آهن. پوءِ عمران خان کي ڪير سمجهائي ته جيڪي سياستدان آهن، ڪوڙا يا سچا، چور يا ايماندار، هن وقت اهي ئي آهن. توهان ڇو نٿا سڀ گڏجي پاڻ ۾ ويهو ۽ پنهنجا سياسي فيصلا پاڻ ڪريو، خبر ناهي هو ڇو ٿو پنهنجو پاڻ کي اُتم سمجهي. هرو ڀرو جيل ۾ ڇو ٿو وڃڻ چاهي ۽ نون ليگ يا پي ڊي ايم جي گورنمينٽ ڇو نٿي سمجهي ته عمران خان جو جيل ۾ وڃڻ ملڪ کي اڃا ڪمزور ڪندو، نه ڪي استحڪام ڏيندو. سياسي ڌريون اگر مضبوط ٿي ويون ته پوءِ ٻيا ادارا ضرور خيال ڪندا ۽ هنن کي ايترو خراب نه ڪندا جيترو هي هن وقت ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ استحڪام هوندو ته تڏهن ئي عوام جي خوشحالي ٿي سگهي ٿي. لڳي مشڪل ٿو. اميد ڪيون ٿا.

