پاڪستانين کي اپيل آهي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين: عمران خان
پي ٽي آئي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ اسانجي جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين. هن سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ تي جيل ڀريو تحريڪ بابت ويڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ عمران خان جو چوڻ آهي ته هيءَ تحريڪ ملڪ کي آزاد ۽ خوشحال پاڪستان بڻائيندي، پاڪستان تڏهن خوشحال ٿيندو جڏهن رياست اوهان جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪندي.

