قديم سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ حقيقي داستان!!
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان اڳ سنڌ ھڪ خودمختيار شاھوڪار ۽ تھذيب يافته ملڪ ھو، جنھن جون بوسيده حدون اتر ۾ درياءَ جھلم تائين ھيون ۽ ڪشمير جا ڪجهه ھيٺيان ضلعا به ان ۾ شامل ھئا، ڏکڻ اڀرندي ۾ راجپوتانا جيسلمير جي ريگستان ۽ ڏکڻ اولهندي ۾ سندس سرحد مڪران جي مغربي نور منشور تائين پکڙيل ھئي، تنھن وقت لس وارو علائقو سنڌ جو قابل قدر ڀاڱو رھيو، ھاڻوڪي بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا ۾ واقع مني اسلام آباد (دريجي) کان اتر طرف ڳچ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديوانه شاھ سان لڳو لڳ قديمي ۽ تاريخي ماڳ ميسارجڻ لڳا، ھن قديمي قبرگاھ کي ”ڪاريھر حمزھاڻي گبول“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي، علائقي واسين جي چواڻي موجب ته هتي يارنھن گبولن جون قبرون آھن، جيڪو يارنهن مان ڦري ڪاريھر گبول طور مشھور ٿيو آھي، هن تصويرن ۾ نظر ايندڙ چوڪنڊي قبرستانن جي پٿرن تي اڪريل خوبصورت چٽسالي گلڪاري جي نرالائي کان وڌيڪ سندن ڪھاڻي نادر آھي۔
سن 1500ع جي درميان ۾ هن جاءِ تي گبول بلوچن جي عاليشان بستي ۽ واهڻ هوندو هو، جيڪي گبول برادري جا ابتدائي سردار هئا ۽ کيس سوغات خدا طور فقيري به حاصل هئي، سندن پاڙي ۾ خاصخيلي ۽ مڱڻھار به رهندا هئا، جيڪي سندن خدمتگار ۽ ڌڻار به هئا۔
تمام گهڻي تحقيق تصديق ۽ ڏند ڪٿائن بعد مونکي جيڪا معلومات ملي سگھي آھي، سو عقل نه صحيح، پر تخيل کي پنھنجي گرفت ۾ آساني سان آڻي ٿو. سندن خاندان ۾ هڪڙي عورت کي پٽ جو اولاد هو جيڪو نئون ڄاول ٻار هو رات جو کيس ماءُ سمھاري ڇڏيندي ھئي ۽ جڏهن صبح جو اٿي ڏسندي ھئي ته انھيءَ ٻارڙي سان گڏ ھڪ ڪاريھر نانگ به پينگھي ۾ ستل هوندو ھو، جيڪا ڳالھ سندن لاءِ بيحد پريشانيءَ جو سبب بڻجي وئي. جنهن باعث انهن سوچيو ته هن ڪاريھر کي ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي اڇلائجي ۽ ائين ئي ڪيائون، پر ٻئي صبح تي ڏسن ته اهو ساڳيو نانگ تازي ڄاول ٻار سان گڏ ستل آھي، ھڪ چواڻي موجب ته هنن ٽي روز لاڳيتو هن نانگ کي پري وڃي اڇلايو، پر ڪاريھر نانگ رات جي پيٽ ۾ ان ٻار سان گڏ اچي سمھي رھي. آخرڪار هن ماجري سردار خاندان کي ڳڻتيءَ ۾ وڪوڙي وڌو. جنھن کانپوءِ ان وقت جي سردار مادان خان گبول (اول) اهو فيصلو ڪيو ته ھي ڪاريھر نانگ ھن ٻار جو ڀاءُ آھي، تنهنڪري هن کي هتان نه اڇلايو وڃي، چيو وڃي ٿو ته انهيءَ عورت نانگ کي به پنھنجو کير پيئارڻ شروع ڪيو، ان حوالي سان ڪجھ ماڻھن جو اهو به چوڻ آھي ته اھو ٻار جڏھن وڏو ٿيو ته مال چارڻ ھليو ويندو ھو ۽ نانگ انھي سان گڏ مال چارڻ ويندو ھو. نانگ ڳئون ۽ گابن جي مٿان چڙھي ويھي رهندو هو۔ ڪڏھن ائين به ٿيندو ھو ته نانگ اڪيلو مال سان گڏ هليو ويندو ھو.
ھڪ روايت موجب ته باريجا قبيلي جا ماڻھو واپار سانگي سندن ڳوٺ اچي رھيا هئا ته ڳوٺ ڀرسان ڍور چرندي ڏسي کين ڏسڻ ويا ته ڳئون يا گابي مٿان ڪاريھر ڏسي جنھن کي عام نانگ سمجھي انهن ماري وڌو!
نانگ جڏھن مال سان گڏ واپس نه آيو ته ڌڻين کي ان جو سخت اونو ٿيو ۽ پوءِ جڏھن نانگ جي ڳولا ڪيائون ته نانگ کين مئل حالت ۾ ھٿ آيو. سردار خاندان کي نانگ جي مارجي وڃڻ جي خبر ٻڌي سخت ڏک ۽ صدمو پھتو. پوءِ سردار مادان خان جي چوڻ تي پنھنجي گھرن کان ڏکڻ طرف ۽ قبرستانن جي ڀرسان نانگ جي قبر ٺاھيائون جيڪا اڄ به نانگو جي مقام سان مشھور آھي!
چيو وڃي ٿو ته نانگ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ باريجا ۽ گبول سردارن جي وچ ۾ جنگ لڳي، ان نانگ جي پلاند ۾ گبول سردارن ان قاتل کي ماريو جنھن ان نانگ کي ماريو ھو، اها جنگ ڪافي عرصي تائين رهي انھيءَ ويڙھ ۾ سردار خاندان جا ڪجھ فرد خاصخيلي برادري جا ڪيترائي ماڻھو ۽ مڱڻھار فقير به شھيد ٿيا ھئا، جن جي روضي جا مقبرا به انھي جاءِ تي موجود آھن، انھن وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ خاطر ھجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پوءِ انھي جنگ مان جيڪي سردار ۽ سندن پاڙيسري خاصخيلي ۽ مڱڻھار فقير بچيا اھي لڏي اچي جوھي تعلقي جي ڀت جبل جي اڀرندي پاسي پنھنجو ڳوٺ اڏي آباد ٿيا، بعد ۾ سندن پوئينر منجھان سورھيه سردار رسول بخش گبول جي نالي پٺيان ڳوٺ منسوب ۽ مشھور ٿيو، جن کي ٽالپر حڪمرانن فوجي خدمتن عيوض جاگيرون ڏنيون پوءِ برطانوي حڪومت کيس جاگيرون موروثي طور بحال ڪري ڏنيون هيون، پوءِ ھو اتي خوش ٿي رھجي ويا.
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ
پونئيرن جي لاوارثي ۽ بلوچستان حڪومت جي عدم توجھي سبب ھي چوڪنڊي قبرستان طوفاني ھوائن، تيز برساتن ۽ گرمين باعث جھري پيا آھن، مقبرن کي ڏنل چيرولي جي ليپ ختم ٿيندي پئي وڃي، جيتوڻيڪ جو مقبرن مٿان اڪريل چٽساليون پڻ خراب ٿي ويون آھن، ھن جھوني ماڳ منجھان ملندڙ تاريخي شيون، سِڪا ۽ قيمتي نوادرات مقامي واپارين جي ور چڙھڻ لڳا ۽ سندن سپت تاريخ رولڙي جو شڪار ٿي وئي، ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ بلوچستان جي ثقافت سياحت نوادرات ۽ آرڪيالاجي کاتن جي اعليٰ حڪام کي اک پٽڻ گھرجي، ھن ماڳ منجھان ملندڙ قيمتي شين جي حفاظت لاءِ ھن مقام تي ميوزيم تعمير ڪرڻ کپي. سنڌ بلوچستان جي محققن کي مٿس اڻ ڌري تحقيق ڪري ھن تڪراري ڳالھين جي تھ تائين رسي حقيقت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ موئرخن کي ھن تاريخي ڪھاڻي کي تاريخ جي بابن ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪرڻ گھرجي. ترت ضرورت ان قدم جي آھي ته ڳڻتي جوڳن مقبرن ۽ مقامن کي اڳي ڍنگ جيان تعمير ۽ بناوت ڪري سندن سونھن ۽ قديمي ھنر کي بچايو وڃي.
***

