جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان
واضح رهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان زمان پارڪ ۾ موجود آهي، جتي ان کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي طرفان مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو آهي ته مان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، جيل وڃڻ سان مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته منهنجي گرفتار ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي هلائيندي.

