شاه جي ڪردارن جون مزارون
هينئر تائين مون شاهه لطيف جي سورمين ۽ سورمن تي ڪوشش ڪري جيترو ۽ جيڪو به لکيو آهي سو ادب دوستن سدائين ساراهيو آهي ۽ داد ڏئي همٿايو آهي ته وري پڻ وڌيڪ ڄاڻ ڏئي نوان رستا پڻ کوليا آهن، ڇو ته سمنڊ مان موتي حاصل ڪرڻ خاطر سمنڊ جي تري تائين پهچڻو پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته لهرن منجھ رڳو گج ئي گج هوندي آهي ۽ انهيءَ گج منجهان موتي ناهن ملندا، اڄ مون هتي هن مضمون منجھ شاهه لطيف جي ڪردارن مطلب سورمن ۽ سورمين بابت لکيو آهي ته اهي ڪٿي دفن آهن ۽ گڏو گڏ اها به اميد ٿي ڪجي ته جي ڪا ڪمي ڪوتاهي هجي ته راقم الحروف جي رهنمائي پڻ ڪندا ته جيئن اڳتي ڪا به تحرير لکڻ وقت انهن ڪوتاهين جو ازالو ڪري نئين نسل کي سگهاري ڄاڻ ڏئي سگهجي.
01 عمر مارئي
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وطن جي حب جي مناسبت سان عمر مارئي جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي، سو عمر سومرو همير سومري جو پٽ هو، سومرن جي زوال واري دور ۾ عمر سومرن جو پنجويهون حاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي تحت عمرڪوٽ ۾ ٿر واري علائقي ۾ سرداري ڪئي، عمر سومرو پنهنجي وقت جو اهو حاڪم هو، جنهن مارئيءَ کي کوھ تان کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو، پر افسوس اهو آهي ته ايڏي وڏي نامياري حاڪم جي مزار جو ڪو اتو پتو ئي ناهي، جڏهن ته ڪوٽ اڄ به قائم آهي ۽ تاريخي واقعا اڄ به ڳايا ۽ ورجايا وڃن پيا.
مارئيءَ جي ذات بابت به مختلف رايا ۽ مختلف ڪهاڻيون آهن، ڪٿي لکندڙ کيس سمون ٿا لکن ته ڪٿي وري ڪي پنهوار ٿا سڏين ۽ جتان جنهن کوھ تان کيس کنڀي کنيو ويو، يعني مارئي جو کوھ سڏيو ۽ سڃاتو ويندڙ کوھ سنڌ جي ٿر واري علائقي ننگرپارڪر تعلقي ۾ تاريخي ۽ تفريحي ماڳ آهي، جيڪو ننگر شهر کان 30 ڪلوميٽر ۽ ويراواھ ڳوٺ کان 10 ڪلوميٽر پري آهي، هيءُ ماڳ سنڌ جي تاريخي داستان عمر مارئي جي ڪردار مارئيءَ سان منسوب آهي، وطن جي حُب ۽ پيار جي علامت مارئيءَ لاءِ مشهور آهي ته کيس عمر ڀالوا ۾ واقع هن کوھ تان زوري کنيو هو، مارئيءَ جو مقامي ڳوٺ ڀالوا آهي جيڪو ضلعي جي راڄڌاني شهر مٺي کان لڳ ڀڳ 93 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي جتان عمر بادشاھ مارئي کي اٺ تي کنيو هو، سو کوھ اڄ سوڌو ڀالوا ڳوٺ ۾ موجود آهي جتي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي، پر عمر جي مزار وانگر مارئي جي مزار جي به ڪنهن کي ڪا ڪل ڪين آهي.
ٿر جي شهر ڇاڇري سان تعلق رکندڙ ادبي دوست مشتاق ڇاڇرائي لکي ٿو ته: مهر سائين عمر جي قبر خبر ناهي، پر مارئي جي قبر جي بابت اسان جي جهونن کان هڪ روايت آهي ته ڳوٺ کڏي ۾ آهي کڏي ۾ واقعي هڪ پراڻو قبرستان آهي جنهن ۾ نامعلوم قبرون گهڻيون آهن، پر ڪنهن به تاريخدان انهيءَ ڳالھ بابت ريسرچ ناهي ڪئي، کڏي ڳوٺ اسان جي شهر مبارڪ رند لڳ آهي، کڏي ۾ ميرن جو قلعو به هو، جيڪو هينئر ڊهي پٽ ٿي چڪو آهي، مان به ٻه ٽي مهينا پهرين ان قلعي بابت ڪجھ معلوم ڪرڻ ويو هئس، اتي مونکي اها روايت هڪ پوڙهي شخص ٻڌائي هئي.
صوفي محمد حسن نهڙيو لکي ٿو ته فقير سائين منگارام اوجا پارڪر جي تاريخ ۾ يا انڊيا جي مختلف تاريخن ۾ راوي لکن ٿا ته ننگرپارڪر تعلقي جي ڀوڏيسر واري مقام ۾ مارئي دفن ٿيل آهي.
اوهان پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافي خاطر هتي اها به ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي ته مارئي بابت اتان جا سگهڙ پنهنجي سگهڙائپ ۾ چون ٿا ته مارئي هندو ريٻاڙي قوم مان هئي، مٺي شهر سان تعلق رکندڙ (سانوڻ هنڱورجو) ڪنهن محفل ۾ تازو مڱڻهارن وارا مارواڙي زبان ۾ بيت ۽ شعر ٻڌائي ٿو ته مارئي هندو ڌرم سان وابسته آهي ۽ چوي ٿو ته ان وقت ۾ ڍٽ، پٽ، پائر يا پارڪر ۾ ڪو به مسلمان نه هو، جڏهن ته ان وقت ۾ عمر سومرو امرڪوٽ جو حاڪم هو، جنهن 1355ع کان 1390ع تائين حڪومت ڪئي مارئي جو واقعو به انهيءَ عرصي ۾ ٿيو ڇا انهي عرصي ۾ ٿر ۾ مسلمان موجود نه هئا؟
لطيف سرڪار جي رسالي تي ريسرچ ڪندڙ اڪثر تحقيقدان اهو به ثابت نه ڪري سگهيا آهن ته مارئي هندو عورت هئي، جڏهن ته شاھ صاحب جي بيتن ۾ اهڙا ڪيترائي بيت موجود آهن، جن منجھان اها يقيني شاهدي واضح ۽ نمايان آهي ته مارئي مسلمان عورت هئي، جنهن جو مثال هيٺين بيت ۾ ڏجي ٿو.
عمر رک اماڻ تون ثابت منهنجي سومرا
تبارک الذي بيدهل االملک انهي صورت ساڻ
اچي پڙهڻ پاڻ، قل منهنجي قبر تي.
يا وري ٻئي هنڌ شاھ صاحب هن ريت گواهي ڏني آهي ته
مر مرڪي مارئي، جڏهن عمر ڪيو انصاف،
لوئي جو لطيف چئي سيل رکيائين صاف.
لا اله الا الله محمد رسول الله لٿو گوندر جو غلاف.
ڪلمو پڙهي ڪاف، ملي مارو مير کي.
ان کان اڳتي وري شاھ صاحب فرمايو آهي ته
واجهائي وطن کي، هيءَ جا هت مري.
منجو مجيج ملير، پائر پير ڀري.
حاڪيماڻا هٿڙا، اچي مارو پاڻ ڌري.
هڏ کيڪارين هڏن کي، جيڪي پاڻان ٿيا پري.
منهنجو لوڙهه لطيف چئي واريءَ هيٺ وري.
پسي پانڌ ڀري، فاتح پڙهن فقير تي.
مٿين بيتن مان اهو چٽو ثابت ٿي ويو ته قل يا فاتح ڪنهن هندو جي قبر تي نه پڙهي ويندي آهي، پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته ٿورڙي ۽ مختصر علم وارا ماڻهو پنهنجي پيٽ پالڻ خاطر اوطاقن ۽ محفلن ۾ ويهي ٿر ڄائي مارئي جي تاريخ کي متضاد بڻائي رهيا آهن، جيڪو عمل تاريخ ۽ شاهه جي سورميءَ جو قتل ڪرڻ برابر آهي.
پر افسوس جو هيل تائين ڪٿان به اهڙي ڪا ثابتي يا گواهي نه ملي سگهي آهي، جنهن منجهان عمر مارئي جي مزارن جو ڪو پتو ملي سگهي.
02 سسئي پنهون
مرشد لطيف جي رسالي منجھ سسئي پنهون جي عشق بابت ست سر لکيل آهن، سو سسئي جي جنم هنڌ بابت متضاد رايا ۽ مختلف روايتون آهن، ڪٿي سانگهڙ ته وري ڪٿي سيوھڻ شريف ته ڪٿي گجو لڳ ٻانڀراهه جو ذڪر ٿيل آهي، جڏهن ته تحفةالڪرام مطابق نانيه نالي هڪ برهمڻ منڌر نالي پنهنجي زال سان سکيو ستابو دلوراءِ جي حڪومت ۾ ڀانڀراهه ۾ رهندو هو، پهرين ڳالھ ته اڃا تائين اها به صحيح خبر ناهي پئجي سگهي ته ان ماڳ جو درست نالو ڪهڙو هو يا آهي؟
اهڙيءَ ريت سسئي پنهون جو عشق ڀنڀور کان شروع ٿئي ٿو، ڀنڀور هن وقت ٺٽي ضلعي جي شهر ڌاٻيجي جي ڀرسان ساڍن ٽن ڪلوميٽرن تي تباهه ٿيل شهر جي صورت ۾ موجود آهي، جڏهن ته هنن عاشقن جي آخري آرامگاهه موجوده بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي جي تعلقي ساڪران جي جبلن جي قطار ۾ تاريخي پٻ جبل جي ويجهو سنگهرپٽ ۾ موجود آهي ۽ جتي سسئي پنهون هڪ ئي قبر ۾ دفن ٿيل آهن، جتي سسئي پنهونءَ جو ميلو هر سال اسلامي/هجري سال جي شعبان المعظم مهيني جي 11.12.13 تاريخ تي نهايت ئي عقيدت و احترام سان ملهايو ويندو آهي.
03 مومل راڻو
شاهه جي سورمن ۽ سورمين منجھ مومل ۽ راڻي جي به وڏي اهميت آهي، جنهن کي ڀٽائي صاحب پنهنجن بيتن ۾ امرتا بخشي آهي.
مومل راجا نند نالي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ هئي جيڪو ميرپور ماٿيلي جو راجا هو ۽ ذات جو گجر هو، کيس 09 نو ڌيئرون هيون، پر مومل مڙني کان سونهن ۾ سرس ۽ سومل وري سڀني کان سياڻپ ۾ سوائي هئي، مومل اصل ۾ ڪاڪ محل جي هئي ۽ ميرپورماٿيلو ۾ اڄ به مومل جي ماڙي جا آثار موجود آهن ۽ راڻو اصل ۾ عمرڪوٽ جو هو، ان وقت جي حاڪم همير سومري جو وزير هو.
بعد ۾ ڪجھ غلط فهمين ۽ شڪ سبب مومل راڻي ۾ جدائي ٿي وئي، سو راڻو رسي ويو ۽ مومل گهڻو ئي انتظار ڪيو، پر راڻو نه وريو، سو مومل راڻي پويان عمرڪوٽ پهتي جتي راڻي کي راضي ڪرڻ خاطر ڪيترائي حيلا هلايائين، پر ڪو به ڪارگر ثابت نه ٿيو، ان ڪري شهر جي ٻاهران ڏاگھ تيار ڪرايائين، جتي بعد ۾ راڻو به اچي رسيو ۽ ايئن ٻئي ڄڻا سڙي امر ٿي ويا. عمرڪوٽ ۾ اڄ به مومل جي ماڙيءَ جي نالي سان اهو هنڌ ۽ اها جاءِ موجود آهي.
04 نوري ڄام تماچي
نوريءَ بابت هونئن ته الڳ الڳ راوين الڳ الڳ روايتون لکيون آهن، پر هڪ روايت مطابق نوري راجا جسودڻ جي ڌيءَ هئي (ڪافي محققن ۽ تاريخ نويسن نوريءَ جو نالو نورئين ۽ نور پري به ڄاڻايو آهي) راجا سمن حاڪمن جي دور ۾ ڪنهن رياست جو حڪمران هو، سندس والد جو نالو ڄام مهڙ هو، سندس زال جو نالو مرويت هو، نوري سندس ڌيءَ هئي، جيڪا ننڍي هوندي کان ڪوڙھ جي مرض ۾ وڪوڙجي وئي.
نياز ۽ نوڙت سونهن ۽ سادگي متعلق شاهه صاحب جي شاعري ۾ نوري به چوڏهينءَ جي چنڊ وانگيان نمايان آهي، جنهن تي ڄام تماچي موهت ٿي کيس پٽ راڻي ٿو بڻائي، سو نوري ڄام تماچي جو قصو ڪينجهر ڍنڍ سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪينجهر ڍنڍ موجوده ٺٽي ضلعي ۾ اڄ به اتر واءُ تي هندوري وانگيان لڏي ٿي، جتي ڪنول پاڙون پاتال گل به ٽڙن ٿا، سو نوري ۽ ڄام جي مزارن بابت به ڪا هڪ يا آخري راءِ ڪٿي به درج ناهي، ڇو ته راوين ۽ ڪاتبن، مورخن ۽ محققن سندن جي مزارن بابت الڳ الڳ رايا لکيا آهن، ڪٿي لکيو ويو آهي ته نوري ۽ ڄام جي مزار مڪلي ۾ آهي جتي هنن جو هڪ پٽ به دفن ٿيل آهي، ڪٿي لکيل آهي ته نوري ڪينجهر ۾ دفن آهي، جتي سندس جو مرشد هوندل يا هوندڙو شاهه آرامي آهي ڪٿي لکيل آهي ته ڪينجهر ۾ نوريءَ جي مزار عوام جي دلچسپيءَ ۽ ڌيان ڇڪائڻ خاطر فرضي ٺاهي وئي آهي، سو ڪا به لکيل تاريخ مستند تاريخ ناهي ڇو ته لطيف جي شاعري ۾ نوري جي سادگي مهاڻن جي زندگي ۽ ڄام جي عشق بابت ته بيت آهن، پر ڪٿان به سندن جي مزار بابت ڪو اشارو نٿو ملي، وڌيڪ جيڪڏهن محقق ڪا تحقيق ڪن ته شايد يقيني جواب سامهون اچي سگهي.
05 سورٺ راءِ ڏياچ
سورٺ راءِ ڏياج جو قصو اڳوڻي سنڌ ۽ هاڻوڪي هند جي جهوناڳڙھ ۾ واقع آهي.
سورٺ راجا انيراءِ/راءِ کنگهار جي ڌيءِ ھئي.
سورٺ راءِ ڏياچ جي گهر واري هئي.
ٻيجل ڌنار هو جيڪو سرندو/چنگ وڄائيندو هو.
ٻيجل راءِ ڏياچ جو ڀاڻيجو هو مطلب ته ڀاڻيجي مامي کان سر گهريو، جنهن سخا ۽ سخاوت کي برقرار رکندي، سر ڏيڻ ۾ به خوشي محسوس ڪئي.
سورٺ جي منٿن ڪرڻ باوجود به ٻيجل پنهنجي صدا ۽ سئن تان نه هٽيو ۽ راجا به سخا جو مظاهرو ڪندي کيس سر ڪپي ڪوري ڏنو، ان بعد راجا انيراءِ به پڇتايو ۽ ٻيجل کي شهر بدر ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سورٺ ڏياچ جي ڪنڌ ڪوري ڏيڻ بعد شهر کان ٻاهران ڏاگھ يا چکيا تيار ڪرائي پاڻ کي باهه جي حوالي ڪيو ۽ ٻيجل به سورٺ سان گڏ سڙي ويو، مگر انهن جي مطلب راجا راءِ ڏياج جو سر ڪٿي دفن ٿيو يا سورٺ ۽ ٻيجل کي ڪٿي دفن ڪيو ويو، انهن جي تاريخ ۾ ڪا به واضح نشاندهي ڪونهي ڪا، ها بس ايترو چئي سگهجي ٿو ته اهي به جهوناڳڙھ ۾ ئي دفن هوندا يا انهن جي جسم جي خاڪ کي ڪنهن درياهه ۾ وهائي ٿڌو ڪيو ويو هوندو.
06 سهڻي ميهار
موجوده سانگهڙ ضلعي جي شهر شهدادپور ۾ موجود مائي سهڻي شهر جي ٻاهران اولھ پاسي سرڪاري اسپتال جي ويجهو ۽ شاهپور چاڪر ويندڙ روڊ سان گڏوگڏ سهڻيءَ جي قبرستان ۾ هڪ عاليشان مقبري اندر آرامي آهي، جڏهن ته ميهار وچ شهر ۾ ڊپٽي گلي يا سرهيا پاڙي ۾ آرامي آهي، جنهن جي مزار جي مٿان پڪي ڇت تعمير ٿيل آهي.
سهڻي ميهار جو مشهور تاريخي ۽ عشقيه قصو لطيف جي لطف ۾ شامل آهي. سهڻي ميهار جو قصو سنڌ ۽ پنجاب ۾ عام طرح قصن ڪهاڻين ۽ رومانوي داستان طور تي ياد ڪيو يا ڳايو ويندو آهي، ڪافي راوين جون روايتون ان قصي کي پنجاب سان ته ڪي وري سنڌ سان جوڙين ٿيون، بهرحال ڪهاڻيءَ جا بنيادي پهلو ساڳيا آهن، صرف معمولي تفاوت آهن، سهڻيءَ جي ڪردار کي پنجاب جي روايت موجب گجرات شهر سان جوڙيو وڃي ٿو، سهڻيءَ جي پيءُ جو نالو تلا ڪنڀار هو، جنهن کي بخارا جي عزت بيگ نالي هڪ واپاريءَ سان محبت ٿي وئي، جيڪو سهڻيءَ سان ويجهڙائپ لاءِ پهريان تلا ڪنڀار جا ٿانو وٺي وڪڻندو رهيو، پر جڏهن پئسو ڏوڪڙ ختم ٿي ويس ته تلا جو قرضي ٿي ويو ۽ تلا ڪنڀار وٽ مينهون چارڻ لاءِ سندس جي نوڪري ڪيائين، جنهن ڪري ميهار (پنجابي ۾ مهيوال) سڏيو ويو، سهڻي ۽ ميهار جو پاڻ ۾ پيار ٿي ويو ۽ سهڻيءَ جي مائٽن هڪ غير ذات جي ماڻهوءَ سان سندس پيار ڏسي سهڻيءَ جي شادي ڏم نالي هڪ مائٽ سان ڪرائي ڇڏي، پر هوءَ پنهنجي هوڏ تان نه لٿي ۽ گهڙي تي رات جو درياهه تري ٻئي ڪناري ميهار سان ملڻ ويندي هئي، سندس ساهرن کي جڏهن انهيءَ ۽ اهڙيءَ ملاقات جي خبر پئي ته هنن سهڻيءَ جي پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچو دلو رکي ڇڏيو، نتيجي ۾ جڏهن رات جو هوءَ درياهه ۾ گهڙي ته اڌ واٽ تي ڪچو گهڙو ڀـُرڻ ۽ ڳرڻ لڳو ۽ ايئن سهڻي ٻڏڻ لڳي، ان ويل هن ميهار کي مدد لاءِ پڪاريو، جنهن پڻ درياهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻئي ڄڻا ٻڏي هڪ ٿي ويا.
سهڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جي سنڌ واري روايت ۾ ٿورو فرق آهي، مرزا قليچ بيگ سهڻيءَ بابت هڪ روايت بيان ڪندي لکيو آهي ته اها ذات جي واهوچي هئي، جيڪا سنڌوءَ جي الهندي ڪناري تي رهندي هئي ۽ سندس شادي ڏم سان ٿي هئي، جيڪو ذات جو سامٽيو هو ۽ ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو، جڏهن ته سهڻيءَ جي قبر شهدادپور ويجهو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هن قصي کي سنڌ جو قصو مڃي ٿو، جنهن لاءِ هن ڪيترائي دليل ڏنا آهن، هو سهڻيءَ کي جرڪت يا جرڪس نالي ذات جي هڪ سامٽيي جي ڌيءَ چوي ٿو، جڏهن ته اتر سنڌ جي هڪ ٻيءَ روايت موجب سهڻي ذات جي وهيڻتي هئي ۽ لال نالي کٽيءَ جي ڌيءَ هئي، ڪن سگهڙن لفظ وهيڻتي کي درياهه جي وهڻ سان منسوب ڪيو آهي، بهرحال روايتن ۾ بيان ڪيل قصن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان سهڻيءَ جو ڪردار هڪ بي ڊپي ۽ بهادر عورت جي ڪردار طور اڀري اچي ٿو، جنهن پنهنجي ازلي محبت لاءِ زندگيءَ جي پرواهه نه ڪندي درياهه جي دهشت کي نه ليکيندي پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.سهڻي ميهار جا ماڳ نيو سعيدآباد جي ديھ ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي پير ڇٽو جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا ان جي مزار به اتي آهي روايتون آهن ته شاهه ڇٽو آڌيءَ کانپوءِ تهجد پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان گذرندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو هو، جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو جتان چاڏيون، مٽ ۽ سڪا به هٿ ايندا هئا، زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو، هاڻي اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي، ان حصي کي اڄ به ميهارڪو لمبر سڏيو وڃي ٿو.
هڪ دوست نالي عرفان شاهاڻي عمرڪوٽ منجهان لکي ٿو ته سهڻي ميهار جون مزارون سندس جي ڳوٺ ساڏوري ضلعي عمرڪوٽ ۾ به آهن ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته پنجاب ۾ به سهڻي مهيوال آهن، سو هن رومانوي داستان جي ڪردارن جي مزارن جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي، سا واضح ٿيڻ گهرجي ڇو ته شاهه لطيف جي شاعري منجھ ڪٿي به ڪنهن به بيت ۾ اهڙي نشاندهي ڪين ٿي ملي، پر جي ڪنهن بيت ۾ سهڻي ميهار جي جنم هنڌ يا آخري آرام گاهه بابت ڪا ڄاڻ هجي ته رهنمائي ڪندا.
07 ليلان چنيسر
لطيف جي لطف ۾ ليلان چنيسر جو قصو به ملي ٿو، پر هنن ڪردارن بابت به هيل تائين ڪو اصل ماڳ مڪان نه ملي سگهيو آهي يا وري تاريخدانن ۽ محققن ڪا خاص جاکوڙ نه ڪئي آهي.
اڄ هتي ليلان چنيسر بابت مختصر تحرير سرجي اٿم چوندڙ چون ٿا ته ليلان چنيسر جون مزارون يا قبرون ۽ ڪونئرو جي ماڙي ۽ سندس قبر ضلعي سانگهڙ جي هاڻوڪي تعلقي شهدادپور جي ڳوٺ ٻڍو وساڻ جي ڀرسان واقع آهن، ٻڍو وساڻ شهدادپور کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻرهوڻ جي ويجهو هڪ قديمي ڳوٺ آهي جنهن لاءِ رستوPTC شهدادپور کان نڪري ٿو.
يوٽيوب تي سال سوا کن اڳ KTN ۽ جناب ولي محمد وساڻ جون الڳ الڳ رپورٽون نظر منجهان گذريون، جن منجھان خاص خاص ڳالهيون جيڪي نوٽ ڪيون اٿم سي هن طرح آهن ته:
ڪونئروءَ جي ماڙي يا ماڙيءَ وارو مقام هاڻي رڳو هڪ نالو ئي آهي جڏهن ته زمين کي اتان جي ماڻهن زرعي حساب سان آباد ڪري ڇڏيو آهي.
ليلان چنيسر جو مقام
هتي شاهي خاندان جون قبرون هيون، جن جون سرون مڪليءَ جي قبرستان جهڙيون هيون جڏهن ته ڪونئرو جي ماڙي به ختم ٿي چڪي آهي ۽ ٻيو ته ليهور شهر هن ماڙيءَ جي ڀر ۾ هو، جيڪو بارشن ۽ ڀرپاسي ۾ فصلن ۽ آبادي ٿيڻ جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي.
ڪونئرو جي ماڙي ۽ سندس قبر گڏ گڏ آهن، ڳاڙهين سرن واري قبر جي ڀرسان جيڪو دڙو آهي، اتي اڳ مقبرو هو، جتي ليلان چنيسر دفن هئا ۽ مائي ڪونئرو جي قبر تي نالي جي تختي پڻ لڳل هئي، پر خبر ناهي ته اها ڪير پٽي کڻي ويو يا ڪنهن غائب ڪئي آهي.
جتي ليلان چنيسر ۽ ڪونئرو جون قبرون آهن، ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ وڏو شهر هو، جيڪو هن وقت مٽيءَ جي دڙي جي صورت ۾ آهي، ڪجھ سال پهريان هي دڙو ايترو ته وڏو هو، جو هتان شهدادپور شهر جي پاڻيءَ واري ٽانڪي چٽي نظر ايندي هئي.هتي چار پنج ايڪڙن تي دڙو هو، پر برساتين ۽ زميندارن جي کوٽائين سبب ختم ٿيندو ۽ والاربو ويو ۽ هاڻي به قبضاگيريت تحت ختم ٿي رهيو آهي.اصغر آباد UC جي ويجهو ڀاڄي ديھ ۾ ڪونئرو جو دڙو روڊ جي تعمير خاطر هتان مٽي کڄڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي.
هي دڙو يا هي شهر برهمڻ آباد ۽ منصوره جي تباهه ٿيڻ بعد ئي تباهه ٿيو. ليلان جو شهر اٺن ڪلوميٽرن تي آباد هو، جتي اڄ به انهيءَ دور جون ٺڪريون وغيرهه موجود آهن ۽ مئن جي دڙي جي دور جون نشانيون به موجود آهن.
هتان جا کاتيدار چون ٿا ته اسان وٽ زمينن جو پڪو کاتو آهي، انهيءَ جي ڪري ئي اسان زمينون آباد ڪريون ٿا.
جڏهن ته اتان جي تپيدار جو چوڻ آهي ته هي زمينون 1943ع ۾ کڻت ٿيل آهن، جيڪي ڪنهن هندو کاتيدار جي نالي تي آهن، باقي اسان جي روينيو رڪارڊ ۾ دڙي بابت ڪا به حقيقت يا قديمي آثار درج ٿيل ڪين آهن.هڪ دوست نالي محمد الياس جلباڻي صاحب فيس بڪ تي لکي ٿو ته سنڌ سونهاري جي تهذيب ۾ اهو قصو ننگر ٺٽي جو آهي، چنيسر بادشاهه جي حڪمراني سنڌ رياست تي هئي، انهن ڏينهن ۾ ننگر ٺٽو هڪ آباد شهر هو، اسان جا وڏڙا چوندا هئا ته چنيسر بادشاهه جو محل ننگر لڳ درگاهه سائين پير پٺو جي ويجهو هو.
مددي حوالا: انسائيڪلوپيڊيا/سنڌيانا, يوٽيوب. مختلف فيس بوڪي دوست
(هلندڙ….)

