ڪولمبس جي آمريڪا ياترا
آمريڪا اصل ۾ ڪنهن دريافت ڪيو؟
ريڊ انڊين (سنڌين) قبيلن جي اصل حقيقت
چوڏهين صديءَ عيسوي جي شروع ٿيڻ سان ئي يورپ ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو منظر تي آيا جن کي جاگرافي ۽ سياحت سان عشق هو انهن جي خواهش هئي ته نوان آبي رستا نوان روٽ ۽ اڻ ڄاتل جڳهيون دريافت ڪيون وڃن، پر هڪ ڳالھ سمجهڻ کپي ته انهن جي هن خواهش پٺيان هڪ پراسرار ۽ اصل مقصد ڪجھ ٻيو هو، دراصل انهن جو مقصد هو ته ايشيا کي مڪمل ايڪسپلور ڪيو وڃي ۽ چين سميت سڄي ايشيا جي جاگرافي معلوم ڪئي وڃي ۽ يورپ ۽ ايشيا جا نوان سامونڊي رستا ڳوليا وڃن ۽ ايشيا جي بادشاهن ۽ يورپي بادشاهن جو سياسي تعلق پيدا ڪيو وڃي، جيئن ايشيا جي قدرتي دولت يعني معدنيات کان فائدو حاصل ڪري سگهجي ۽ مستقبل ۾ ايشيا تي يورپي بادشاهت قائم ڪري سگهجي.
اٽلي جي ڪرسٽوفر ڪولمبس اٽلي جي حڪومت ۽ پورچوگال (بعد ۾ پورچوگال جي واسڪو ڊي گاما پهريون يورپي باشندو هو، جنهن سمنڊي رستي ذريعي هندستان تي قدم رکيا) جي بادشاهه کي مدد جي درخواست ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪيو ته مان هندوستان ۽ باقي ايشيا ڏانهن سمنڊي مهم ۽ سفر جو ارادو رکان ٿو ۽ منهنجي هن سفر جو مقصد نيون زمينون ۽ نوان رستا ڳولڻ آهي، جنهن جو ظاهر آهي ته فائدو يورپي بادشاهت کي ٿيندو، پر انهن ڪولمبس جي تجويز ۽ درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.
ڪولمبس پورچوگالي ڪورٽ ڏانهن به ويندو آهي ۽ عوامي ريفرنڊم به ڪرايو ويندو آهي. 1485ع کان 1492ع تائين ڪولمبس پورچوگالي ڪورٽ ۽ حڪومت کان اجازت لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو آهي، پر هن کي سفر لاءِ اجازت ناهي ملندي. پر جڏهن هن کي ڪٿان به مثبت موٽ نه ملي ته پوءِ هو اسپين جي حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، جتان هن کي شاندار موٽ ملندي آهي نيٺ هن کي سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، پوءِ به هن ڪوشش جاري رکي نيٺ مجبور ٿي هن کي اسپين جي بادشاهت ڏانهن رخ ڪرڻو پيو، شروع ۾ ته اسپين وارا راضي ناهن ٿيندا گهڻي بحث ۽ ڳالھ ٻولھ کان پوءِ نيٺ اسپين جي راڻيءَ کي ڪولمبس بحري مهم لاءِ راضي ڪري وٺندو آهي ۽ هڪ معاهدو ڪيو ويندو آهي جيڪو اسپين جي بادشاهت ۽ ڪولمبس جي درميان ٿيندو آهي، معاهدي مطابق جيڪڏهن ڪولمبس پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ويو ته ان کي نون علائقن جو وائسراءِ ڪيو ويندو.
آمريڪا جيئن اڄ آهي ان جي تاريخ ائين نه هئي آمريڪا جي زمين هڪ گمنام زمين هئي، دنيا جي وڏين وڏين بادشاهتن کي به آمريڪي زمين بابت خبر نه هئي، پر هڪ عام پر غلط تاثر آهي ته اها زمين اهڙي زمين هئي جتي ڪا تهذيب ۽ انساني آبادي آباد نه هئي ۽ ڪولمبس اچي هن زمين کي دريافت ڪيو ۽ انسانن کي هتي آباد ڪيو.
ماضي جي يورپي سلطنتن مان برطانيا هن ڌرتي تي واحد اهڙي سلطنت آهي جنهن جي حڪومت تقريبن سڄي دنيا تي رهي آهي، 1913ع ۾ دنيا جي ڪل آبادي مان 23 فيصد انسانن تي برطانيا حڪمراني ڪندو هو ۽ زمين جي 24 فيصد حصي تي برطانيا جي حڪومت هئي ان لاءِ ته چيو ويندو هو ته برطانيا جي سلطنت تي سج ڪڏهن به غروب ناهي ٿيندو، برطانيا سميت يورپ کي عوج تڏهن مليو جڏهن انهن پندرهين عيسوي صدي ۾ نيون زمينون دريافت ڪيون، هن دور کي ايج آف ڊسڪوريز به چيو ويو آهي ڇو ته هن دوران گهڻن ملڪن نوان ملڪ ڳولڻ لاءِ پنهنجا جهاز موڪليا جيئن اهي اڃا وڌيڪ نوان ملڪ دريافت ڪري سگهن ۽ انهن تي حڪومت ڪري سگهن، ان کان علاوه جيئن ڪاروبار ۾ آساني ٿئي ۽ يورپ پنهنجو ڪاروبار پوري دنيا تائين ڪري سگهي، شروعات ۾ اسپين ۽ پورچوگال انهن ملڪن ۾ هئا جنهن نوان ملڪ ڳولڻ جي شروعات ڪئي، ائين ئي مشهور پورچوگالي واسڪو ڊي گاما پهريون يورپي هو جنهن هندوستان تي قدم رکيو، ان جو هندوستان ڳولڻ جو مقصد يورپ ۽ ٻي دنيا سان ڪاروبار ۽ ڪاروباري رستا ڳولڻ هو واسڪو جي ڪوششن سان ئي يورپ آفريڪا ۽ هندوستان سان ڪاروبار لاءِ رستا دريافت ٿيا هئا، ان کانپوءِ ڪرسٽوفر ڪولمبس جيڪو اٽلي جو هو جيڪو سفر ۽ نيون زمينون ۽ نوان رستا ڳولڻ جو شوقين هو، ڪولمبس چين ۽ هندوستان جو سفر ڪرڻ جو منصوبو سوچيو هن جو خيال هو ته هو چين ۽ هندوستان سميت تمام ايشيا جي ملڪن جا نوان رستا ڳوليندو، هن پنهنجو منصوبو پورچوگالي بادشاھ کي به ٻڌايو، جنهن هن جي منصوبي کي رد ڪيو، بهرحال! پر 1492ع ۾ اسپين جي راڻي ازبيلا کي هن جو منصوبو وڻيو هو. هن جي مالي مدد به ڪيائين، 1492ع ۾ ڪولمبس 3 سمنڊي جهاز تيار ڪري اسپين کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪندو آهي، تقريبن 3 مهينا سفر ڪرڻ کانپوءِ هو ڪنهن خشڪ زمين تي پير رکندو آهي (جيڪو اڄ شمالي آمريڪا جو ڪيوبا آهي) ڪولمبس لاءِ اندازو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي ته اهي ماڻهو ڪير آهن جيڪي جزيري تي آباد آهن، اهي ماڻهو انتهائي ڪاري چمڙي جا هوندا آهن ۽ دنيا کان الڳ رهڻ جي ڪري اتان جا ماڻهو غربت جو پڻ شڪار هوندا آهن، ڪولمبس کي گهڻي وقت کان پوءِ اهو اندازو ٿيندو آهي ته اها زمين جنهن تي اهو پهتو آهي، اها هندوستان يا ايشيا جي ڪا زمين ناهي بلڪه آمريڪا آهي آمريڪا پهچڻ کانپوءِ ڪولمبس 1505ع تائين 3 سفر ٻيا به ڪندو آهي، هڪڙي ڳالھ سمجهڻ کپي ته جنهن زمين تي ڪولمبس قدم رکيو ۽ جنهن قبيلي سان ان جو واسطو پيو، اهي غريب ضرور هئا، پر انهن جي هڪ تهذيب هئي ۽ انهن جو هڪ خاص مذهبي عقيدو به هو.
ان دوران ڪولمبس اسپين ۽ پورچوگال کان سوين ماڻهو کڻي نئين دنيا مطلب آمريڪا ۾ اچي آباد ڪندو آهي ۽ مختلف فصلن جا ٻج کڻي آمريڪا ۾ پوکيندو آهي اهڙي طرح هندوستان ته واسڪو ڊي گاما دريافت ڪندو آهي، پر ڪولمبس اهڙي نئين دنيا ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي جنهن کي ايندڙ وقت ۾ سپر پاور ٿيڻو هو، ڪولمبس جي ڳوليل نئين دنيا ۾ رهڻ لاءِ گهڻا ئي ماڻهو يورپ کان رهڻ آيا ۽ انهن جو نئين دنيا يعني آمريڪا ۾ آباد ٿيڻ جو سلسلو ڪئي صدين تائين جاري رهيو، ڪولمبس جي آمريڪا پهچڻ کانپوءِ آمريڪا اسپين جي ڪالوني ٿي وئي اسپين بعد ۾ مقامي آمريڪين سان جنگ به ڪئي ۽ آمريڪا تي حڪومت به ڪئي، مجموعي طور تي اسپين آمريڪا تي 350 سالن تائين حڪومت ڪئي آهي، شروعات ۾ اسپيني ماڻهو گهڻي تعداد ۾ آمريڪا ۾ اچي آباد ٿيا، پر بعد ۾ جرمني سميت سڄي يورپ مان گهڻي تعداد ۾ ماڻهو اچي آمريڪا ۾ آباد ٿيا، آمريڪا ۾ آفريقا کان به ماڻهو اچي آباد ٿيا جيڪي رنگ ۾ ڪارا هئا، اڄ به انهن جو نسل آمريڪا ۾ رهندو آهي، پر آمريڪا ۾ گهڻائي اڇي چمڙي واري يورپين جي آهي، جيڪي وڏي تعداد ۾ اچي آمريڪا ۾ آباد ٿيا هئا، جن جي اڄ به اڪثريت آهي، پر بعد ۾ ڏٺو ويو ته اسپيني ماڻهن جي آبادي گهٽ ٿيندي وئي آمريڪا ۾، پر ان جي باوجود به آمريڪا ۾ اڄ به اسپيني نسل جا ماڻهو رهن ٿا، بعد ۾ جيئن جيئن آمريڪا ترقي ڪندو ويو ته سڄي دنيا مان ماڻهو اچي آباد ٿيڻ لڳا، آمريڪا ۾ عرب به گهڻا آباد ٿيا، 2010ع جي آدمشماري ۾ سامهون آيو ته لڳ ڀڳ 17 لک عرب آمريڪا ۾ رهن ٿا، جڏهن ته 31 لک هندوستاني آمريڪا ۾ رهن ٿا، مطلب ته آمريڪا جا ڪل آبادي مان گهڻو تعداد انهن جو آهي جيڪي ٻاهران اچي آباد ٿيا آهن، جڏهن ته اصل جيڪي آمريڪي هئا، ڪاري رنگ جا هئا، انهن جي آبادي گهٽ آهي 2010ع جي آدمشماري مطابق آمريڪا ۾ ڪاري رنگ وارن جو تعداد ڪل آبادي مان 12 فيصد آهي، باقي اڪثريت يورپين جي آهي، پر ڏٺو ويو ته جيڪو به آمريڪا ۾ اچي آباد ٿيو ان آمريڪا جي زمين سان پيار ڪيو ۽ آمريڪا جي بقا لاءِ وڙهيو به. آمريڪا جنگن جي شروعات پنهنجي انقلابي جنگ کان ڪندو آهي، جنهن کي آمريڪن ريويوليشن وار چيو ويو، جيڪا 8 سال هلي. برطانيا جو سياسي اثر آمريڪا ۾ 1600ع کانپوءِ شروع ٿيو ۽ آهسته آهسته وڌندو ويو، برطانيا پنهنجي اسٽاڪ ڪمپني دي لنڊن ڪمپني جي ذريعي آمريڪا ۾ ڪاروبار ڪيو، برطانيا کان علاوه به فرانس اسپين نيڌرلينڊ به آمريڪا ۾ پنهنجون پنهنجون ڪالونيون ٺاهيون ۽ ڪاروبار ڪيو. 1775ع تائين برطانيا جون آمريڪا ۾ 13 ڪالونيون هيون جنهن تي 1707ع کان وٺي 1775ع تائين برطانيا جي حڪومت هئي، انهي ڪالونين کي نيو انگلينڊ ڪالونيز، مڊل ڪالونيون ۽ سائوٿهرن ڪالونيز ۾ ورهايو ويو هو، 1775ع جي آمريڪي انقلابي جنگ کانپوءِ اهي ڪالونيون آزاد ڪيون ويون، آمريڪي انقلاب جو سبب ماڻهن جو برطانيا جا قانون جيڪي آمريڪا ۾ لاڳو ٿيل هئا، جنهن ۾ شوگر ايڪٽ 1764ع اسٽيپ ايڪٽ 1765ع ۽ ٽائون شيڊ ايڪٽ 1767ع وغيره اهڙن قانونن کان يقيني طور ماڻهن جو باغي ٿيڻ هو، مقامي آمريڪي برطانيا جي حڪومت ۽ بادشاهت کان بيزار ٿي ويا هئا، ماڻهن جي بيزاري ئي انقلاب جو سبب بڻجي وئي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ جنگ 19 اپريل 1775ع ۾ ٿي جنهن کي ليڪسنگٽن ۽ ڪونڪورڊ جنگ چيو ويندو آهي برطانيا جنگ دوران ڪجهه مقامن تي آمريڪا تي حاوي رهيو، پر برطانيا جي هڪ غلطي ڪجھ ملڪن کي مجبور ڪيو ته اهي آمريڪا سان گڏجي وڃن ٿيو ائين هو ته برطانيا هندوستان ۾ فرينچ ملڪيتن تي قبضو ڪيو، جنهن ۾ برطانيا ۽ فرانس ۾ اختلاف وڌائي ڇڏيو ۽ فرانس آمريڪا ۾ هلندڙ جنگ ۾ آمريڪا سان گڏ ٿي ويو، بعد ۾ اسپين به آمريڪا سان گڏ ٿي ويو ۽ ائين آمريڪا برطانيا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي ملڪ مان برطانيا جي حڪومت کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو، مجموعي طور تي اها جنگ 8 سال هلي 1775ع کان 1783ع تائين، پر جنگ بند ٿيڻ کان پوءِ به ان نقصان جو اثر 9 سال تائين رهيو، هن جنگ ۾ آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جا ڪل 82000 سپاهي شهيد ٿيا، جڏهن ته برطانيا جا 72 هزار سپاهي شهيد ٿيا، ان کانپوءِ به آمريڪا ۽ برطانيا ۾ جنگ ٿي، 1812ع کان 1814ع تائين جيڪا هاڻوڪي بيلجيم ۽ ان وقت جي گڏيل نيڌرلينڊ جي شهر گهينٽ ۾ ٿيل ٺاھ کانپوءِ ختم ٿي، برطانيا کان جنگ کٽڻ کانپوءِ آمريڪا اسپين کان به پنهنجا علائقا خالي ڪرائڻ پيو چاهي ۽ اسپين سان جنگ شروع ڪيائين، پر اها جنگ ايتري آسان ثابت نٿي آمريڪا اسپين کي شخصت ته ڏني، پر ان کي جنگ ۾ ڪامياب حاصل ڪرڻ ۾ 25 سال لڳي ويا، ڏٺو وڃي ته 1775ع کان آمريڪا اندروني جنگن ۾ مسلسل الجهيل رهيو، انهي وچ ۾ هن سول وار کي به منهن ڏنو آمريڪا ۾ گهرو جنگ جو سبب انسانن کي غلام طور رکڻ هو ۽ اڇي چمڙي ۽ ڪاري چمڙي جو فرق هو رنگ جي فرق واري سياست ۽ عوامي ورتاءُ جي ڪري معاشري ۾ نفرت وڌندي وئي ۽ ان جو انجام جنگ تي وڃي ٿيو، تاريخ جا ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ گهرو ويڙھ نه ٿئي ها ته دنيا ۾ اڄ به غلامي جو دور هجي ها، بهرحال! آمريڪا 1775ع کان وٺي جنگ عظيم پهرين تائين ميڪسيڪو برطانيا اسپين ۽ پنهنجي گهرو ويڙھ کي منهن ڏيندو رهيو، آمريڪا کي وڌيڪ نقصان هن جي گهرو ويڙھ ڏنو ڇو ته گهرو ويڙھ ۾ بنيادي ماڻهن جا اهم نقطا انسانن جي بنيادي حقن جا هئا، جنهن ۾ رنگ جي بنياد تي رويو ۽ انساني غلامي هئا هڪ اندازي مطابق آمريڪا جي گهرو ويڙھ ۾ لکين ماڻهو شهيد ٿيا هئا، هن جنگ جو بنيادي ڪارڻ انساني غلامي، جنهن کي ان وقت قانوني طور جائز قرار ڏنو ويندو هو ۽ هزارين ماڻهو آفريقا مان غلامي لاءِ آندا ويندا هئا، نتيجي ۾ ماڻهن نيٺ بغاوت ڪئي، اها بغاوت تاريخي ثابت ٿي ۽ هن بغاوت آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻين ملڪن لاءِ هڪ سبق بڻجي وئي ان گهرو ويڙھ دنيا تي ايترو اثر ڇڏيو جو وري ڪنهن غلامي کي جائز نه سمجهيو، آمريڪا گهرو ويڙهه جي صورت ۾ قيمت ته ادا ڪئي، پر بعد ۾ پنهنجي اندر سڌارا به آندا انهي گهرو ويڙھ کانپوءِ آمريڪا جي قانون ۾ ترميم ڪري انساني غلامي کي جرم قرار ڏنو ويو ۽ ڪوشش ڪئي وئي، ته رنگ جي فرق کي ختم ڪيو وڃي چيو وڃي ٿو ته آمريڪا کي نسل پرستي مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ابرهيم لنڪن جو وڏو ڪردار هو، بعد ۾ ڏٺو ويو ته هڪ سياهه فام بارڪ اوباما آمريڪا جو صدر به ٿيو. اوباما جي صدر ٿيڻ کانپوءِ اهو ظاهر ٿيو ته آمريڪا جي حڪومتي سطح تي هاڻي نسل ۽ رنگ پرستي جو تعصب ختم ٿي ويو آهي، بهرحال آمريڪا انساني غلامي جي آزار کان ته نڪري ويو، پر جنگن ۾ مبتلا رهيو، آمريڪا ٻن عظيم جنگن کانپوءِ سرد جنگ ۾ مبتلا رهيو ۽ اڄ به مختلف معاملن تي الجهيل آهي. آمريڪا جي جمهوري تاريخ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ بنجامين فرئنڪلين جو اهم ڪردار آهي، فرئنڪلين آمريڪا جي آزادي جو پڌرنامو پڙهيو هو، فرئنڪلين آمريڪي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، هو هڪ فلسفي استاد سائنسدان سياستدان ۽ ڊپلوميٽ هو گهڻن ماڻهن کي اها خبر ناهي ته ڊالر جي ڪرنسي نوٽ تي جنهن ماڻهو جي فوٽو پرنٽ ٿيل آهي اهو اصل ۾ بنجامين فرئنڪلين آهي.
آمريڪا جي طاقت جنگن جي باوجود به وڌي آهي اڄ کان ڪجھ صديون اڳ دريافت ٿيل زمين تي ملڪ آباد ٿيندو، جيڪو ايتري ترقي ڪندو ۽ دنيا هن جي اشارن تي هلندي اهو ڪڏهن ڪنهن سوچيو ئي نه هو آمريڪا اڄ دنيا جي معاشي ڪشش آهي، آمريڪي ڊالر تي سڄي دنيا جي تجارت هلي ٿي، آمريڪا هن وقت هر شعبي ۾ سپر پاور آهي، ان جو دفاعي نظام دنيا جو بهترين دفاعي نظام آهي، آمريڪا جو ٽيڪنالاجي ۽ بايو ٽيڪ ۾ ڪو ثاني ناهي، آمريڪا هن وقت هر لحاظ کان پنهنجي چوٽي تي آهي، سپر پاور هجڻ سان گڏو گڏ آمريڪا انسانن جي سٺي مستقبل لاءِ پڻ ڪوشش وٺي ٿو، آمريڪا جون گهڻيون ئي اهڙيون تنظيمون آهن، جيڪي ڪروڙين انسانن جي سٺي مستقبل لاءِ ڪم ڪن ٿيون، ان سان گڏ آمريڪا دنيا جي مختلف ملڪن جي عام ماڻهن جي يو ايس ايڊ ذريعي مدد ڪندو آهي، آمريڪا يو ايس ايڊ جي ذريعي دنيا ۾ رهندڙ ڪروڙين غريب ماڻهن جون صحت تعليم ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي، ان ۾ ڪو شق ناهي ته آمريڪا اڄ جمهوري نظام ۽ عدل و انصاف جو بهترين مثال آهي، جيئن اسان ڏسي سگهون ٿا، سابق آمريڪي صدر کي ڪيئن قانون پنهنجي گرفت ۾ آندو آهي، ان مان ظاهر آهي ته آمريڪا ۾ سڀني لاءِ قانون برابر آهي.
آخر ۾ ڪجھ اهڙي غلط معلومات بابت لکندو هلان جيڪي ريڊ انڊين ۽ ڪولمبس بابت ماڻهن جي ذهنن ۾ آهي جيئن ته گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته ڪرسٽوفر ڪولمبس واحد اهڙو ٻاهريون ماڻهو هو جنهن آمريڪا جي زمين تي قدم رکيو، اهو تاثر ۽ معلومات غلط آهي، جڏهن ته ڪولمبس پهريون نه بلڪه آخري اجنبي ماڻهو هو، جنهن آمريڪي زمين تي قدم رکيو هو، جڏهن ته لئيف ايرڪسن پهريون يورپي هو، جنهن ڪولمبس کان تقرين 500 سال اڳ آمريڪي زمين تي قدم رکيو هو، ان کان علاوه گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن بلڪه اسان جي گهڻا ئي سنڌي دانشور سمجهندا آهن ته آمريڪي ريڊ انڊين قبيلي جا ماڻهو بنيادي طرح سان سنڌي آهن، جڏهن ته منهنجي خيال ۾ ائين ناهي ڇو ته تاريخي اعتبار سان ۽ آثار قديم جي علم مطابق آمريڪا ۾ جيڪي قبيلا ڪولمبس کان اڳ آباد هئا اهي الاسڪا واري علائقي مان آمريڪي زمين ۾ داخل ٿيا هئا ۽ انهن جو سنڌ يا قديم هندوستان سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ناهي، بلڪه هي ته ڪولمبس جي محض هڪ غلطي ئي هئي جو جڏهن هو آمريڪا جي جزيري تي پهتو ته ان اتان جي ماڻهن کي اسپين ۾ لوس انڊيوز چيو مطلب ته انڊين ڇو ته هو سمجهي پيو ته هو ڪنهن ايشيا ملڪ ۾ اچي پهتو آهي جڏهن ته ائين نه هو هي محض ڪولمبس جي غلط فهمي هئي، پر تاريخ ۾ ۽ ايندڙ وقت جي ماڻهن لوس انڊيوز جملي کي لکندا رهيا ۽ ائين هڪ غلط فهمي جي بنياد تي ڪولمبس جي چيل لفظن مقامي ماڻهن کي سنڌي يا هندستاني بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته انهن جو هندوستان يا سنڌ سان ڪو تعلق نه هو ۽ ٻيو ته يورپي ماڻهن جي اچڻ کان به آمريڪي زمين تي انساني تهذيب پنهنجي عوج تي هئي ۽ ان جي وڏي تاريخ پڻ آهي، تنهن کانسواءِ مقامي ماڻهو مختلف قسم جي مذهبي نظرئي تي به يقين رکندا هئا ۽ مذهبي رسمون پڻ ادا ڪندا هئا.
***

