عراق اندر آمريڪا پاران فوج ۾ گهٽتائي شروع
سومر ڏهاڙي عراق ۾ آمريڪا جي نمائندي پاران چيو ويو آهي ته عراق ۾ آءِ ايس ايس کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ آمريڪا عراق مان پنهنجي فوج کي گهٽائڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا پاران هڪ سال اڳ اسلامي خلافت جي دعويٰ ڪندڙ گروهه کي شڪست ڏني هئي. هي فيصلو اهڙي وقت آيو آهي جڏهن عراق اندر اليڪشن ۾ صرف ٽي مهينا رهجي ويا آهن ۽ عراق ۾ پارلياماني گروپ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. واضح رهي ته گذريل هفتي کان هر روز ڪيترائي فوجي، جهاز رستي واپس وڃي رهيا آهن. آمريڪي جنرل پاران چيو ويو آهي ته عراق ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگي عراقي حڪومت پاران سهڪار ۽ ضرورت جي بنياد تي هوندي. عراق جي هڪ اعليٰ اختياري چيو ته عراق مان 60 سيڪڙو آمريڪي فوجي واپس ويندا جڏهن ته باقي 4000 هتان جي فوج کي تربيت ڏيڻ لاءِ موجود رهندا.

