نئون

سنڌي ٻوليءَ کي ڪوبه خطرو نه آهي  

لاڙڪاڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران بين الاقوامي مادري ٻولي واري ڏهاڙي جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته سنڌي ٻولي کي ڪوبه خطرو نه آهي، سنڌي ٻولي ختم نه ٿيندي. سنڌي ٻوليءَ ٻين زبانن مان اثر ضرور ورتو آهي پر اها ختم نه ٿيندي. سيمينار سان ڳالهائيندي مظهر علي چيو ته اسان زنده ئي زبان کي قائم رکڻ لاءِ آهيون ۽ ان جي بچاءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن اهو به چيو ته اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ لفظن جي ڄار جي ٽيڪنالاجي تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪمپيوٽر جا ماهر به اهڙا اپاءُ وٺي رهيا آهن جنهن سان سنڌي ٻولي کي جديد زبان طور مڃرائي سگهجي ٿو. سيمينار سان ڳالهائيندي عيسيٰ ميمڻ چيو ته سنڌي ٻولي موهن جو دڙو کان وٺي هلي رهي آهي، جنهن جي شروعات سنسڪرت مان ئي ٿي هئي. جڏهن ته سنڌي ٻولي جي ماهر جي. اي الانا چيو ته سنڌي ٻولي شروع ۾ ئي موجود هئي ۽ ان ئي ٻين ٻولين کي جنم ڏنو آهي. هن چيو ته اڄ دنيا جي 86 ملڪن ۾ رهندڙ 8 ڪروڙ ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن ٿا. جيڪا هڪ همٿائيندڙ ڳالهه آهي. سيمينار سان ڳالهائيندي انور ڊنگڙي چيو ته سنڌ جا ليکڪ ۽ شاعر سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ مناسب ڪم نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀٽائي سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ سنڌي ٻولي جي هر لهجي جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪوبه ڪتاب هن جي رسالي جو مٽ اڄ تائين ٿي ناهي سگهيو، اهو ئي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ بنياد آهي.