سعودي ماهرن پاران زمين جي انفرا ريڊ توانائي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو
ڪنگ عبدالله يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ماهرن گرم زمين مان خارج ٿيندڙ ۽ عام اک سان نظر نه ايندڙ شعاعن جي مدد سان بجلي تيار ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هي ڪم پروفيسر عاطف شميم جي نگراني ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ مڪينيڪل ٽنلنگ جو طريقو استعمال ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عاطف اليڪٽريڪل ۽ رياضي جي شعبن هيٺ امپيڪٽ ليب ۾ ڪم ڪندو آهي، جيڪو نينو اسٽرڪچر اوزارن، جهڙوڪ حقيقي وقت ۾ ايندڙ ٻوڏ جو پتو لڳائڻ وارن پرنٽ ايبل سرڪٽ ۽ ٻين برقي اوزارن تي ڪم ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان صرف سج جي روشني مان ئي بجلي تيار ڪندا رهيا آهيون جڏهن ته سج انفرا ريڊ روشنين جي صورت ۾ هڪ وڏي مقدار ۾ توانائي اسان تائين پهچائيندو رهندو آهي. هن چيو ته کليل ميدانن ۽ سمنڊ ۾ اهڙي توانائي جو گهڻو مقدار موجود آهي جنهن کي ڪتب آڻي بجلي تيار ڪر سگهجي ٿي.

