بلاگنئون

هن جي بي رخيءَ جي وارتا

8، نومبر، 2023ع
سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي.
مان زندگيءَ جي ويران صحرا ۾ بيٺو آهيان. ان جي هڪ ڪناري کان، اچانڪ تنھنجي سونھن جو جلوو پسان ٿو.
مان صحرا طرف نھاريان ٿو. سارو صحرا خوبصورت گلاب ٿي ٽڙي پيو آهي. ڳاڙھا نيرا، اڇا ۽ آسماني گلاب.
هر ڏسا خوشبو سان واسجي وئي آهي. هر سمي پيار جون سڳنڌي هوائون گهلي رهيون آهن. مان وري ٻئي طرف صحرا کي ڏسان ٿو. نظر جي حد تائين تنھنجي چھري جھڙي چانڊوڪي ڦهليل آهي، جنھن ۾ تنھنجي سونھن جا رنگ برنگي گلاب ٽڙي رهيا آهن.
مان تنھنجي سونھن کي پنھنجي وجود ۾ سمائڻ لاءِ تنھنجي قريب ٿيڻ چاهيان ٿو. مان توکي قريب کان ڏسي، تنھنجي وجود کي پنھنجي احساسن ۾ تحليل ڪرڻ چاهيان ٿو. مان تو طرف ڊوڙڻ لڳان ٿو. ڊوڙندو ڊوڙندو تو تائين اچي پھچان ٿو. مان توسان ملي، توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو.
تو کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان زمانن کان تنھنجي حسين نگاھ جو منتظر رهيو آهيان. منھنجي وجود جون سموريون حسناڪيون تنھنجي محبت جي پيداوار آهن. مون کي اداس راهن ۾ جڏهن به تنھنجو تصور ايندو آهي ته منھنجي اندر ٻاهر گلاب ٽڙي پوندا آهن ۽ مان حسين ٿي ويندو آهيان. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جو سڀ کان حسين جوهر محبت آهي ۽ سموريون حسناڪيون محبت جي پيداوار آهن.
خبر اٿئي، تنھنجي اچڻ کان اڳ هي سمورا گل، هي سموريون حسناڪيون هڪ ويران صحرا هيون. اهو تنھنجي محبت ئي آهي، جنھن صحرا کي گلابَ ڪري ڇڏيو آهي! اها تنھنجي محبت ئي آهي.
جنھن مون کي اندر ۽ ٻاهر جي حسناڪين کي پسڻ جو احساس ڏياريو آهي. هوءَ حيران ٿي مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ٿي. غور سان مون ڏي نھاري، مون کان پڇي ٿي،
”توهان ڪير آهيو….!؟“
”مان!؟ مان ڪير آهيان!؟“
اهو ٻڌي، صحرا ۾ ٽڙيل سمورا گل، مرجهائجي وڃن ٿا. سموريون حسناڪيون ويران رڃ ٿي وڃن ٿيون. منھنجي اندر ٻاهر جي حسناڪين ۾ خزان جي اجاڙ موسم گهلڻ لڳي ٿي. هوائون ساهه ٻوساٽڻ لڳن ٿيون ۽ مان پاڻ کي هڪ سنسان صحرا ۾ بيٺل محسوس ڪريان ٿو.
اچانڪ، هال ۾ تاڙيون وڄڻ لڳن ٿيون. مون کي هڪ دوست چوڻ لڳي ٿو.
اڄ توهان ڇا ته تخليق پڙهي آهي!
مان سوچڻ لڳان ٿو. مان ڪٿي آهيان، مان ڪھڙي تخليق پڙهي آهي!
مان، مان ته هن جي بي رخيءَ جي هڪ وارتا بيان ڪئي آهي!
***