ايڊيٽوريل

ڪڻڪ جو فصل پوکيندڙ آبادگار يوريا ڀاڻ بليڪ تي وٺڻ تي مجبور. حڪومت ڪٿي آهي؟

پوري ملڪ جيان صوبي سنڌ ۾ به ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي شروع آهي، جيئن اسين ڄاڻون ٿا ته فصلن مان بهتر اُپت لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون اڄ ڪلهه ضروري آهن ۽ آبادگار کي هر فصل ۾ انهن جي ضرورت پوي ٿي. اڄوڪن ڏينهن ۾ آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جيڪو فصل جي اوڀڙ لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ في ايڪڙ پيداوار تي انهي جي فائدي کان انڪار ئي ناهي. اهڙو اهم ۽ بنيادي زرعي اسم ڄاڻي واڻي بليڪ مارڪيٽ ڪندڙ مافيا گم ڪري پنهنجن گودامن ۾ رکي هاڻي پنهنجي پسند جي قيمت تي آبادگارن کي ڏيئي رهي آهي. ذخيره اندوزي جو مرض اسان وٽ پراڻو آهي، ۽ هتي زراعت سان لاڳاپيل ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون وقت به وقت غائب ٿينديون رهيون آهن. جيئن اڄ ڪلهه يوريا ڀاڻ ڳوليو نه ٿو لڀي. زراعت سان لاڳاپيل اسانجو آبادگار انهيءَ لاءِ پريشان آهي ۽ وتي ٿو بازارون ڳولهيندو ته ڪٿان يوريا ڀاڻ جون ڪجهه ٻوريون ملي پون. هتي اسين اهو واضح ڪندا هلون ته اهو رڳو ذخيره اندزوي جو مسئلو ڪونهي ۽ پنهنجي من پسند قيمتن تي شين کي ضرورتمندن کي وڪڻڻ جو عمل دراصل ملڪ جي ماليات، معاشيات، جيڪا زراعت سان لاڳاپيل آهي، انهيءَ تي ڌاڙو آهي. فصلن کي وقتائتو ڀاڻ جي فراهمي جي نه ڪري فصلن جي پيداوار گهٽ ٿئي ٿي. ڪڻڪ جو فصل گهٽ ٿيڻ جي ڪري گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو ڪروڙين ڊالر پرڏيهي ناڻو استعمال ڪري ٿو. وفاق ۽ صوبن جي حڪومتن جي اها ناڪامي آهي، جو اهي وقت تي ڀاڻ جي پيداوار آبادگار جي دروازي تي پهچائن، ائين نه ٿو ٿئي، ان جي ابتڙ ٿئي اهو پيو جو آبادگار ڀاڻ جي مارڪيٽن ۾ ڀاڻ ڳولهيندا ٿا رهن. موجوده وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي پنهنجي ناڪامي کي مڃڻ گهرجي. ڪجهه سال پهرين حڪومتن جي بهتر پاليسين سبب پاڪستان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ نه صرف خودڪفيل ٿي ويو هو، پر پاڪستان ڪڻڪ ڏيساور ملڪن کي درآمد پڻ ڪئي هئي. پاڪستان جنهن جي معيشت گهڻي ڀاڱي زراعت تي انحصار ڪري ٿي، انهيءَ ۾ سرڪار ۽ زراعت جي شعبي جي عملدارن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ جي پيداوار ۾ خود ڪفيل نه ٿو ٿئي. جڏهن ته زمين به تمام گهڻي آهي ۽ پاڻي جي به ڪا کوٽ نه آهي. ته پوءِ کوٽ آهي ته نيتن ۾ آهي. مافيائون هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي مهانگي اگهه تي يوريا ڀاڻ وڪرو ڪري پنهنجا پيٽ ڀري رهيون آهن ۽ مهانگي اگهه تي ڀاڻ وٺڻ جي ڪري فصل تي لاڳت تمام گهڻي اچي ٿي. ننڍو آبادگار جنهن وٽ روڪ ناڻو نه آهي، اهو ويچارو يوريا ڀاڻ جو استعمال گهٽ ڪري ٿو، جتي 3 ٻوريون في ايڪڙ کي ڏيڻ گهرجن، اتي هو 1 ٻوري في ايڪڙ ڏئي ٿو، جنهن سان فصل جي پيداوار گهٽ ٿئي ٿي. هاڻي جڏهن يوريا موجود به آهي ۽ فصل جي لاءِ ان جي سخت ضرورت به آهي، پر آبادگار کي نه ٿو ملي ته پوءِ نگران حڪومتون ننڊ ڇو ٿيون ڪن. اسين ڏسون ٿا ته پنجاب جي نگران حڪومت سخت ائڪشن کڻي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ واپارين کان يوريا برآمد ڪري سرڪاري اگهه تي آبادگارن کي ڏئي رهي آهي. اتي سنڌ جي نگران حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. روز اخبارون آبادگارن جي احتجاج سان ڀريون پيون آهن، پر نگران حڪومت جي ڪن تي جون به ڪونه ٿي سُري. نگران حڪومت سنڌ جون زمينون ته ورهائي رهي آهي، جنهن جو کيس ڪوبه قانوني اختيار نه آهي، پر جيڪو قانوني اختيار آهي ۽ سندس زميواري آهي ۽ وس به هلي سگهي ٿو، اها پوري نه ڪري رهي آهي. نگران حڪومت کي گهري ننڊ مان جاڳڻ جي ضرورت آهي. حڪومتي مشينري کي متحرڪ ڪري، بليڪ ڪندڙ واپارين تي ڏنڊ وجهي، جن گودامن ۾ لکين ٻوريون يوريا جون پيل آهن، انهن جي پيل ڀاڻ کي ضبط ڪري عام آبادگار کي سرڪاري اگهه تي مهيا ڪري ته جيئن وقت سر فصل کي يوريا ڀاڻ ڏئي ان مان بهتر پيداوار حاصل ڪري، آبادگار خوشحال ٿئي، ملڪ ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو ٿئي، ته جيئن اسان کي هن سال ڪڻڪ درآمد ڪرڻي نه پوي، جنهن جي ڪري ڪروڙين ڊالر پرڏيهي ناڻو پڻ بچي سگهندو.