نئون

ڪئناڊا جي ڊاڪٽرن پاران پنهنجين پگهارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو مطالبو

ڪئناڊا جي 700 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن پاران نرسن جي مالي حالت بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجين پگهارن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. خبرن موجب هنن ڊاڪٽرن پاران نرسن جي پگهارن ۾ گهٽتائي کي ڏسندي هڪ آن لائين درخواست تي صحيحون ڪيون آهن. هن مهم جو آغاز هڪ نرس پاران فيس بڪ تي رکيل هڪ پوسٽ کانپوءِ جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ ڳوڙها ڳاڙيندڙ تصوير رکي جنهن پوسٽ ۾ هن لکيو ته هوءَ اڪيلي سر ستر مريضن جو خيال رکي ٿي ۽ رات جو ڪم ڪرڻ بعد هن جي جسم جا هڏا به ٿڪجي پوندا آهن. کيس ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ به نٿي اچي. هن مهم ۾ رضاڪار ڊاڪٽرن چيو آهي ته پگهارون صرف ڊاڪٽرن جون وڌايون ويون آهن جڏهن ته هنن وٽ اڳ ۾ ئي گهڻا پئسا آهن ۽ هن گذريل پگهار ۾ ڪيل واڌ جي هنن کي ضرورت نه آهي، جنهن کي واپس ورتو وڃي ۽ اهي پئسا هنن نرسن کي ڏنا وڃن. هن مهم جي هلڻ باوجود به ڪيوبڪ جو هيلٿ منسٽر پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ چيائين ته ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل طالب علمن کي پئسا نه کپن ته اهي انهن پئسن کي واپس ڪن جنهن جو هو بهتر استعمال ڪندو.