بلاگنئون

اڊيالا جيل مان عمران خان جو آرٽيڪل “دي اڪانامسٽ” تائين ڪيئن پهتو؟

ڪالهه 4 جنوريءَ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو هڪ آرٽيڪل برطانيه جي هڪ هفتيوار اخبار “دي اڪانامسٽ” ۾ شايع ٿيو. عمران خان جيڪو هن وقت اڊيالا جيل ۾ توشاخانه ڪيس ۾ ٽن سالن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي کيس جيل ۾ هر قسم جون سهولتون ميسر آهن، واڪ ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو وڏو ايريا ڏنو ويو آهي، پنهنجو من پسند کاڌو جنهن ۾ اصلي گيهه ۾ پڪل ڪُڪڙ ۽ ٻڪري جو گوشت به ملي ٿو. کيس ايڪسرسائز جي لاءِ سائيڪل مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن جي ماليت 10 لک رپيا آهي، جيڪا حڪومت جي خرچ تي کيس ڏني وئي آهي. کيس پڙهڻ جي لاءِ سندس پسند جا ڪتاب ڏنا وڃن ٿا يا ملاقاتي کڻي اچن ٿا. ان کان علاوه هو ٽي.وي تي خبرون به ڏسي سگهي ٿو، جنهن ۾ شايد 2 يا 3 چينل کيس ڏسڻ جي سهولت ميسر آهي. کيس روز ڊان اخبار پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ۽ وٽس سندس خاندان جا ڀاتي ملڻ اچي سگهن ٿا ۽ سندس وڪيل ساڻس ملاقات ڪرڻ جي لاءِ ايندا رهن ٿا، انهن سڀني سهولتن جي باوجود به سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن جي جيڪي هن وقت اڳيان آهن، جن ۾ گوهر خان، سردار لطيف کوسا، شير افضل مروت شامل آهن، انهن مطابق عمران خان کي بهتر سهولتون ميسر نه آهن، کيس وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن. پاڪستان ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن سياسي قيديءَ کي حد کان وڌيڪ سهولتون ڏنل آهن، پر ان جي باوجود به هو راضي ناهي. اڊيالا جيل ۾ قيد هوندي سندس وڪيلن ذريعي هن جو موقف مقامي اخبارن يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ته ايندو رهي ٿو، پر 4 جنوريءَ تي “دي اڪانامسٽ” ۾ عمران خان جو هڪ آرٽيڪل پبلش ٿيو آهي، جنهن ۾ رياستي ادارن تي هن اهي ساڳيا الزام لڳايا آهن، جيڪي هو ووٽ آف ڪانفيڊنس کانپوءِ لڳائندو رهيو هيو، ته کيس ۽ سندس پارٽيءَ کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي رهي آهي. 8 فيبروري تي اليڪشن نه ٿي رهيا آهن، يا انهن کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته سچ اهو آهي ته شايد پي ٽي آئي خود اهو چاهي ٿي ته اهي اليڪشن نه ٿين ۽ هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مٿان به اهو الزام لڳايو آهي ته هو تحريڪ انصاف سان ناانصافي ڪري رهي آهي ۽ سندس انٽرا پارٽي اليڪشن کي نه مڃي پي ٽي آئي سان ذيادتي ڪري رهي آهي. هن هڪ دفعو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ تي ٻيهر الزام کي ورجايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان ووٽ آف نو ڪانفيڊنس اپريل 2022 ۾ آندو ويو ۽ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. جنهن ۾ سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ سول بيوروڪريسي شامل هئي. سندس چوڻ مطابق ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس هٽائڻ جي لاءِ اهو سڄو پروگرام جوڙيو، جنهن جي پٺيان آمريڪا جو دٻاءُ شامل هو. سندس چوڻ مطابق ته هن واضح طريقي سان آمريڪا کي اهو چئي ڇڏيو هو ته اسان ڪنهن جي به پراڪسي نه ٿينداسين ۽ سڀني سان دوستن وانگر هلنداسين. هن 2022 ۾ سائفر واري واقعي جي به ٻيهر ڳالهه ڪندي سڄو واقعو بيان ڪيو آهي ته کيس ڪيئن واشنگٽن ڊي سي مان سائفر اماڻيو ويو ۽ ان ۾ کيس ووٽ آف نو ڪانفيڊنس جي ذريعي هٽائڻ جو پيغام ڏنل هو. ان کانپوءِ عوام ٻاهر رستن تي نڪري آيو ۽ باءِ اليڪشن ۾ پي ٽي آئي 37 مان 28 سيٽون کٽي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اهو هڪڙو واضح پيغام هو ته عوام پي ٽي آئي سان گڏ آهي. انهن ريلين ۾ عورتن جو تمام گهڻو انگ شامل هو. سندس آرٽيڪل مطابق ته اسٽيبلشمينٽ نه ٿي چاهي ته هو واپس وري پاور ۾ اچي ۽ کيس سياسي منظرنامي تان هٽائڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مٿس 2 قاتلانه حملا ٿي چڪا آهن ۽ سندس پارٽي جا اڳواڻ ورڪر، سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ ۽ سندس پٺڀرائي ڪندڙ صحافي کنڀي کنيا ويا ۽ مٿن دٻاءُ وجهي ٽارچر ڪري کين پي ٽي آئي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، جن مان اڃا تائين ڪيترا اندر آهن. هن پنهنجي آرٽيڪل ۾ ان ڳالهه جي به دانهن ڪئي آهي ته هن وقت مٿس 200 قانوني ڪيس هلي رهيا آهن. جن جو ٽرائل به اوپن ڪورٽ ۾ نه ٿي رهيو آهي ۽ سندس مٿان هڪڙو ڪوڙو آپريشن ڪري 9 مئي جو ڪيس ڪري کيس ڪيترين ئي شين ۾ ملوث ڪري ڪيس ٺاهيو ويو آهي. ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آئي پنهنجي دور ۾ ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو جنهن سان حب الوطني يا قابليت نظر آئي هجي يا وري صحيح رخ ۾ سياست ڪئي هجي. عمران خان پنهنجي حڪمراني واري دور ۾ ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ اچڻ پسند نه ڪيو ۽ نه ئي مخالف جماعتن سان گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ پسند ڪيو. هميشه سندس اهو رويو رهيو ته هن پنهنجي مخالف سياسي پارٽين مٿان زباني حملا ڪيا، الزام لڳايا ۽ ڪڏهن به پارلياماني سياست تي نه عمل ڪيو، نه يقين ڪيو. هينئر جڏهن هو جيل ۾ اندر بند آهي تڏهن به هو پنهنجي ساڳئي رويي تي عمل ڪري رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر عمران خان جو اهو آرٽيڪل جيل کان ٻاهر ڪيئن نڪتو؟ ڪير آهي جيڪو عمران خان جي جيل ۾ سهولتڪاري ڪري رهيو آهي؟ اهو سڄو سوال اڊيالا جيل جي انتظاميه جي مٿان اچي ٿو. ڇا انتظاميه کان اهو پڇيو ويندو ته آخر عمران خان اهو آرٽيڪل ڪيئن “دي اڪانامسٽ” تائين پهچايو؟ ڇو ته هڪ سياسي قيدي جنهن جو ماضي ان ڳالهه جو گواهه هجي ته هن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هر قدم کنيو آهي ۽ جيل مان ويهي به هو اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ايتري حد تائين جو سندس دورِ حڪومت ۾ سندس ناڻي واري وزير شوڪت ترين آئي ايم ايف تائين رسائي حاصل ڪري پاڪستان کي قرض ڏيڻ کان به منع ڪئي. ڇا هينئر عمران خان اهڙي قسم جو ڪوبه عمل نٿو ڪري سگهي؟ هو جيڪڏهن دي اڪانامسٽ ۾ پنهنجو آرٽيڪل شايع ڪرائي سگهي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته سندس خط و ڪتابت دنيا جي مختلف ادارن جي ماڻهن سان ٿي رهي هوندي، جنهن جي شايد اسان کي خبر نه هجي ۽ جنهن جا نتيجا ڪجهه وقت کانپوءِ سامهون اچن. ان جي لاءِ اسانجا ذميدار ادارا ۽ ايجنسيون ان ڳالهه جي ڄاڻ حاصل ڪن ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو ۽ جيڪي ماڻهو ان ڳالهه جا ذميدار هجن انهن کي اڳيان آندو وڃي ۽ اهي بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن اڳتي ان قسم جا آرٽيڪل يا پيغام هو جيل کان ٻاهر نه موڪلي سگهي، جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿئي.