ادبنئون

ڊائري

23 فيبروري، 2002
پاڪستان جي موجوده انتهائي نازڪ ۽ اهم ترين صورتحال ۾ اليڪشن جي طرف تيزيءَ سان گامزن آهي. ماضيءَ جي تمام غلطين ۽ ناانصافين کي سڌاري ملڪ و عوام کي تمام اهم فيصلا ڪرڻا آهن.
***
25 فيبروري، 2002
دنيا ۾ تمام ٿورا خوش قسمت رهنما، عالم ۽ ڏاها جن جو سندن حياتي ۾ ئي مان مرتبو ۽ قدر ڪيو ويو آهي. زياده تر عظيم انسان پنهنجي حياتي ۾ بي قدري جو شڪار رهيا، هُنن جي عظيم ڪم ۽ ڪارنامن کي هنن جي وفات کانپوءِ مڃيو ويو. ماضيءَ جي ڪجهه عظيم ماڻهن کي ته صدين کانپوءِ سڃاتو ويو.
اها ئي صورتحال اڄ به اسان وٽ موجود آهي. تازو اسان جي عظيم شاعر ۽ فلسفي شيخ اياز وفات ڪئي آهي. اها حقيقت آهي ته اياز کي حياتي ۾ به ڪافي مڃتا ملي، پر تڏهين به اهو مان ۽ مرتبو هن کي نه مليو، جنهن جو هو واقعي به حقدار هو.
اڄ به ڪيئي عظيم ڏاها، عالم دانشور ۽ سٺا شاعر اديب ۽ پڻ قومي عوامي انقلابي رهنما آهن، جن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، انهن جي عزت ۽ اهميت کي سمجهي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ بجاءِ انهن جي برائي ۽ بدخواهي ڪئي پئي وڃي. حيرت ۽ افسوس جو مقام آهي، جو اهڙن سچن رهنمائن جي صلاحيتن مان ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي حصول جي بدران اسانجا دشمن اسانجي انهن عظيم شخصيتن تي ڪوڙا الزام هڻي، عوام جي دلين ۾ شڪ جا ٻج ڇٽي گُمراهه پيا ڪن.
***
27 فيبروري، 2002
اسان جي سنڌ نازڪ ترين صورتحال ۾ آهي، شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ گهرن ۾ سنڌي عوام جي بدحالي ۽ برباد حالت ڏسي اندر سڙندو آهي. دل رنج و غم ۾ ڀرجي ويندي آهي.
اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي سماج ۽ تهذيب، جنهن جي عظمت ۽ انسان دوستي ۽ انساني رشتن جي مقدس اهميت جا چرچا ساري دنيا ۾ هئا ۽ هاڻ تاريخ ۾ محفوظ آهن. اسان جي تهذيب ۽ تمدن رنگارنگ رهي آهي. اسين مهمان نواز، رشتن ۽ ناتن جي عظمت جا قائل رهيا آهيون. مٽ مائٽ، يار دوست، اوڙو پاڙو ۽ راڄ ۾ عزت ۽ احترام، محبت وقار اسان جو شان هو.
اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾، گهرن ۽ پاڙن ۾، رشتن، ناتن ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن. بلڪه تباهه ڪن تبديليون آهن. هر جاءِ تي ماحول انتهائي خراب ٿي چڪو آهي. اهي سڀ چڱايون، خوبيون ختم ٿينديون وڃن. بي علمي، غربت، ظلم و ستم، بيروزگاري ۽ جبر، نظام جي خرابي، اهڙا اهڙا مرض پئدا ڪيا آهن جو سڄو ماحول انتهائي بيمار ۽ درد ناڪ بڻجي چڪو آهي، سڀ ڪجهه ختم ٿيندو وڃي. اها مهمان نوازي، اهو رشتن ناتن جو احترام ۽ تقدس سڀ ڪجهه ختم ٿيندو وڃي. شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ گهرن جو ماحول به تباهه ٿيندو وڃي. خاص طور تي، غربت، بيروزگاري، بي علمي، ظلم ستم ناانصافي سٺين شين ۽ اعليٰ قدرن کي نابود ڪري ڇڏيو آهي. هڪ گهر جو اسانجي سماج جو بنيادي يونٽ آهي، انهيءَ ۾ مختلف رشتا ۽ ناتا آهن، جيئن زال مڙس، اولاد، ڀاءُ، ڀينر وغيره جهڙا عظيم رشتا. مون کي لڳي ٿو ته موجوده دور ۾ رشتن جي وچ ۾ وڇوٽي اچي وئي آهي ۽ عزت، احترام سواليه نشان بڻجي ويو آهي.
***