سسٽم جي سهولتڪاري سبب نون ليگ سياسي ميدان ۾ ڪمزور!
جيئن جيئن پاڪستان چونڊ عمل واري ڏينهن طرف تيزي سان وڃي رهيو آهي، ان سان گڏ هاڻ انهيءَ ڳالهه ۾ به وزن وڌي رهيو آهي ته ميان نواز شريف سسٽم جو ائين ئي لاڏلو بڻجي رهيو آهي، جيئن 2018 ۾ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان هو. ملڪ جي عوام ان وقت به جمهوري فيصلو ڪيو هو ۽ ملڪ جو عوام هاڻي به هڪ فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، پر اڄ به اسان کي افسوس آهي ته عوام جا فيصلا ڪالهه به قبول نه ڪيا ويا ۽ عوام کي ايندڙ اليڪشن ۾ به آزادي سان فيصلو ڪرڻ جي آزادي نه ڏني وئي آهي. پي ٽي آئي جون ڪيتريون به ڪوتاهيون هجن، پر جهڙي نموني سان طاقت جو استعمال انهيءَ پارٽي جي خلاف ٿيو، ان شايد پارٽيءَ جي لاءِ عوام جون همدرديون وڌايون ۽ عوام جي دلين مان ان جي محبت ختم نه ڪري سگهي. اهو ئي سبب هو جو ايڏي وڏي پارٽي کان چونڊ جو نشان کسيو ويو ۽ هن وقت پي ٽي آئي جا اميدوار بظاهر آزاد اميدوارن جي طور تي اليڪشن وڙهندا، جيڪڏهن هو کٽي به اچن ٿا تڏهن به انهن مان ڪيترا پي ٽي آئي طرف ويندا ۽ وري ڪيترن کي قابو ڪري ٻين پارٽين ۾ موڪليو ويندو، اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر انهيءَ سڄي عمل ۾ نون ليگ جو ووٽر چونڊ سرگرمي ۾ اوترو سرگرم نظر نٿو اچي، جيترو نظر اچڻ گهرجي. انهيءَ ڪري جو نون ليگ جا اڳواڻ پڻ متحرڪ نه آهن ۽ پي ٽي آئي جا اهي الزام سچ ثابت ٿي رهيا آهن ته نون ليگ کي صرف طاقت جي سپورٽ حاصل آهي، عوام جي سپورٽ تي اعتبار نون ليگ کي نه رهيو آهي. ملڪ جي سياسي ميدان جو وڏو حصو پنجاب آهي، پنجاب ئي فيصلو ڪندو آهي ته مرڪز ۾ سرڪار ڪنهن جي ٺهندي. هاڻي جڏهن پي ٽي آئي نون ليگ جي مقابلي ۾ آهي ئي ڪونه ته پوءِ ائين سمجهجي ته نون ليگ کي پنجاب ۾ تمام گهڻيون قومي اسيمبلي جون سيٽون ملنديون يا ڏياريون وينديون، انهيءَ ڪري نون ليگ کي جلسن ۾ نه ٿا ڏسون. ائين ٿو لڳي ته شينهن کي جنگل ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻين سڀني جانورن تي پابندي لڳائي وئي آهي ته اهي نه اتي کائيندا، نه اتان جي تڙ تان پاڻي پيئندا، ڇو ته شينهن کي آزادي سان کائڻو ۽ پيئڻو آهي. هن وقت جيڪڏهن نون ليگ ملڪ ۾ ڪو جلسو به ڪري رهي آهي ته انهن وٽ ملڪ جي لاءِ ايندڙ وقت ۾ ڪو پروگرام نظر نه ٿو اچي. نون ليگ هڪ وفاقي ۽ وڏي پارٽي آهي، جنهن کي وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ چئني صوبن ۾ کيس هڪ ئي وقت متحرڪ رهڻ جي ضرورت آهي، نون ليگ کي گهرجي ته هاڻي جلسن ۾ پي ٽي آئي تي تنقيد جا تير هلائڻ بجاءِ هو پنهنجا پلان عوام آڏو رکي ته معاشي طور تباهه ٿيل ملڪ کي ڪهڙيون پاليسيون ٺاهي ترقي جي راهه تي آندو ويندو. ملڪ جي اندر صوبن جو آئيني ۽ قانوني حق ڪيئن ڏنو ويندو، ناڻي جي ورڇ، پاڻي جي ورڇ، روزگار جي ورڇ، ترقياتي ڪمن جي ورڇ، سواءِ پنجاب جي ٻين صوبن کي ڪيئن ڏني ويندي، ان سان گڏ پاڙيسري ملڪن سان اسانجا تعلقات ڪيئن بهتر ٿيندا. هن وقت ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان اسانجا تعلقات بهتر نه آهن، جنهن جي ڪري اسانجي سرحدن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي ۽ انهن ملڪن سان وڻج واپار پڻ نه ٿو ٿئي، انهيءَ ڪري اسانجي معيشت جي مٿان پڻ دٻاءُ آهي، انهن سڀني چئلينجن کي نون ليگ ڪهڙي پاليسي ٺاهي منهن ڏيندي. اسان کي ميان صاحب جي بيانيي ۾، مريم نواز شريف جي بيانيي ۾ انهن ڳالهين جو پري پري تائين ذڪر نظر نه ٿو اچي، اڄ به جلسن ۾ نون ليگ جو نشانو پي ٽي آئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آئي هينئر سياسي ميدان ۾ موجود ئي نه آهي. جڏهن ته نون ليگ جو شينهن پنجاب جي سياسي ميدان ۾ اڪيلو گهمي رهيو آهي ته پوءِ هاڻي کيس خوف ڪنهن جو آهي، يا واقعي به گذريل پنجن سالن ۾ اهو شينهن قيد و بند ۾ رهي سرڪسي شينهن بڻجي ويو آهي، جنهن کي جڏهن سياست جي جنگل ۾ لاٿو ويو آهي ته بجاءِ هو پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي خوف ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊُڪندو نظر اچي ٿو ۽ صرف وس وارن کي نهاري پيو ته اهي کيس شڪار ڪري ڏين ته جيئن هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهي.

