انقلابن جو صورتون اهي ناهن جيڪي اسان وٽ آهن، اسان وٽ انقلاب اهو به آهي ته سياسي لبرل پارٽيءَ کي ووٽ نه ڪجي، پر ڪنهن مذهبي پارٽيءَ کي ووٽ ڪجي. هڪڙي پارٽيءَ کي ڇڏي ٻي پارٽيءَ کي ووٽ ڪجي، جيڪي پارٽيون اوتيل، پوتيل ۽ ڌوتل سياسي ۽ مذهبي پارٽيون آهن. انهن سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي آزمائي آزمائي نسل هليا ويا، پر ڪا تبديلي ناهي آئي، ان ڪري هيل انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيو، پر سوال اهو به آهي ته جي انهن پارٽين کي ووٽ نه ڪيون ته پوءِ ڇا ڪيون؟ مثال انقلاب اهو به آهي ته هاڻي وري نئين پاڪستان جي نعري تحت عمران خان کي ووٽ ڪيون، پر اهڙو ووٽ به ڪري ڏٺوسين، ڪو کڙتيل نه نڪتو. وري زرداريءَ جي پارٽيءَ کي ووٽ ڪري ڏٺوسين ڪجھه نه وريو جو اڃان تائين ماڻهن کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي لڳي پئي آهي، ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ناهن. مثال هيل تائين به شڪارپور شڪاگو نه ٿي، لاڙڪاڻو لنڊن نه ٿي سگهيو، يا ميرن جا ڳوٺ مليشيا نه ٿي سگهيا، وري نيون آباديون به نيوزيلينڊ نه ٿي سگهيون، پر هاڻي جي نوازشريف کي ووٽ ڪبو ته مَن اهو پاڪستان کي پيرس ڪري ڇڏي. ان ويچاري 1998 ۾ قرض اتارو ملڪ سنوارو جو نعرو ته ڏنو هو، پر ڪري نه سگهيو، پر مصيبت اها به آهي ته نوازشريف هن ڀيري به نابري واري ڇڏي آهي، چئي ٿو ته جي 9 مئي نه ٿئي ها ته ملڪ ترقي جي پل ٽپي هن ڀرِ هليو وڃي ها ۽ ملڪ ملير ٿي وڃي ها، پر هاڻي ڪجھه نه ٿيندو ۽ هي پاڻ مڃي ٿو ته هي هن ڀيري (نوازشريف) به وزيراعظم ٿيڻ ناهي آيو. حلانڪه اها به حقيقت ڏسڻ ۾ ٿي اچي ته ڪورٽون، عدليه، ايوان، عسڪري ادارا، سياسي ۽ مذهبي پارٽيون، فوجي اسٽيبلشيمنٽ ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ سمهت سڀ جو سڀ پارٽيون هڪ پيج تي آهن، اهي سياسي گُرَ ڀلي ڀت سمجهن ٿا جيڪي عوام نه ٿو سمجهي ۽ ٻيو ته اهي سڀ سياسي ۽ مذهبي پارٽيون ڪٿي لبرل پاڪستان جا عشق کڻي ووٽن واري ڏينهن نڪري ٿا پون ته ڪي مذهبي جنون سوار ڪري اليڪشن جا رخ ٿا ڪن. اهي سمجهن ٿا ته واقعي ئي انهن جي هٿ ۾ آهي ته اهي ووٽ سان انقلاب آڻي سگهن ٿا، پر اهو فلسفو سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي ته ووٽ سان رڳو سياسي پارٽين جي تبديلي ممڪن آهي، معنيٰ هڪ جو وارو ويو ۽ هاڻي ٻيو ايندو ۽ وري ٽيون ۽ ائين ئي رياست هلندي رهندي.