ايڊيٽوريل

ٻن ڏينهن جو مهمان نگران وزير معدنيات خدا بخش مري ڪارونجهر کپائڻ تي ضد ٻڌي ڇو بيٺو آهي؟

تعلقو ننگرپارڪر جي نالي ٻڌڻ سان ڪارونجهر جبل جي سونهن اکين جي آڏو گهمي ٿي وڃي، جڏهن سانوڻي جي موسم جوڀن تي هوندي آهي ته پوري سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جي سونهن پسڻ لاءِ ننگر جو رخ ڪندا آهن.
1970ع واري پاڪ-ڀارت جنگ کان پهرين ننگرپارڪر جي حيثيت سرحدي ۽ ڪاروباري هئي. ڀارت جي صوبي گجرات سان وڻج واپار ٿيندو هو ۽ شهر جا ماڻهو خوشحال هئا، پر جڏهن سرحد بند ٿي ته اهو شهر سنڌ جو هڪ ڏورانهون شهر بڻجي ويو ۽ ڪيترائي ماڻهو اتان لڏپلاڻ ڪري مٺي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن اچي ويا. ان وقت به ڪيترائي ماڻهو سانوڻين ۾ 4×4 گاڏين تي چڙهي ڪارونجهر جو نظارو ڪرڻ ويندا هئا، پر هاڻي روڊ رستن جي حالت تمام بهتر هجڻ جي ڪري هر ماڻهو ننگر گهمڻ وڃي ٿو.
ڪارونجهر جي سونهن، مورن جا ٽهوڪا اتان جي ماڻهن جي سادگي موهي وجهي ٿي. ننگر جو اڏول ڪردار روپلو ڪولهي اڄ به آزادي جي علامت بڻيل آهي، جيڪو پاڻ ڦاهيءَ تي چڙهي ويو، پر انگريز جي طاقت اڳيان سر نه جهڪايو. ڪارونجهر کي فطرت طرفان حسن به ڏنو ويو آهي ته معدنيات جي دولت به، ان جو گرينائيٽ پٿر تمام قيمتي آهي، ان ڪري ان تي سوداگرن جا لامارا وقتن بوقتن ٿيندا رهن ٿا، اتي جي پٿر جي ڪٽائي لاءِ مليل ليز کي هاءِ ڪورٽ سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪارونجهر کي هڪ تاريخي ۽ ثقافتي ورثو قرار ڏنو آهي، پر معدنيات جي نگران وزير خدا بخش مري کي جنهن کي وزير ٿيڻ کان پهرين شايد پنهنجي علائقي سانگهڙ وارا به نه سڃاڻندا هئا، ڪهڙو خواب آيو آهي ته ڪارونجهر جبل جو پٿر کپائي ٿر جي ماڻهن جي حالت تبديل ڪندو. شايد جن ڌرين هن کي وزير ٺاهيو آهي، انهن کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو يا جن ليز ڪمپنين کي سنڌ سرڪار ٺيڪا ڏنا هئا ته ڪارونجهر جو پٿر ڪٽي کپايو، انهن ليز ڪمپنين ۾ هن جو حصو پڻ آهي.
اسلام ڪوٽ ۾ منعقد ڪيل “سنڌ ڪو ترقي دو” جي نالي سان سيمينار ۾ ته وزير صاحب اصل وڦلي پيو آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي ته سندس وزرات ايندڙ پنجن سالن تائين قائم رهندي. انهيءَ ڪري هو انهي ڳالهه تي بضد آهي ته ڪنهن به نموني ڪارونجهر جو جبل ڪٽي تين وال ڪيو وڃي، انهي تقريب دوران اها پڻ خبر پئي ته ايف ڊبليو او پٿر کڻي رهيو آهي. شايد ايف ڊبليو او سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان وڌيڪ طاقتور آهي، انهيءَ ڪري ايف ڊبليو او پاڻ کي پڇاڻي کان ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان مٿانهون سمجهي پيو. اسين سمجهون ٿا ته هڪ نگران وزير کي ڪوبه حق نه آهي ته اهڙي قسم جا فيصلا ڪري جڏهن ته سندس وزارت ۾ صرف 4 ڏينهن بچيا هجن.
پوري سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر جي سونهن کي تين وال ڪرڻ نه ڏيندو، ڀلي اها نگران سرڪار هجي يا چونڊيل سرڪار. سرڪار اگر واقعي به چاهي ٿي ته انهيءَ علائقي جو عوام خوشحال ٿئي ته پوءِ ڇو نه ننگرپارڪر ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدي راهداري قائم ڪئي وڃي، جنهن جي ذريعي وڻج واپار ٿئي. ننگر ۾ هندو مذهب جا ڪيترائي معتبر تيرٿ آستان آهن، جهڙي نموني ڪرتارپور جي راهداري سکن جي سهولت لاءِ کولي وئي آهي، جتي سک مذهب جا پوئلڳ دربار صاحب تائين آساني سان ويزا وٺي اچي وڃي سگهن ٿا، اهڙي ئي نموني هندو مذهب جا ڪيترائي ماڻهو ڪارونجهر ۾ موجود پنهنجي تيرٿ آستانن تي ايندا، جنهن جي ڪري ننگر جي ماڻهن جو ڪاروبار وڌندو ۽ جيڪي گهمڻ جون جڳهيون آهن، انهن کي پڻ سهولتن سان آراسته ڪيو وڃي، سٺا هوٽل ٺاهيا وڃن ۽ سٺا رستا ته جيئن پوري پاڪستان جا ماڻهو اچي ننگرپارڪر گهمي سگهن، پر بجاءِ اهي ڪم ڪرڻ جي سرڪار نامدار صرف تڪراري منصوبن طرف ڌيان ڇو ٿي ڏئي؟ ڪارونجهر جبل کي کپائڻ ائين آهي جيئن پنهنجي تاريخ کي کپائڻ. هاڻي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اچي ويو آهي، انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي سوچ کي ذهن مان ڪڍيو وڃي، ننگرپارڪر جي تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي حيثيت کي مڃرايو وڃي، اهڙو مطالبو ايندڙ چونڊيل سرڪار کان به ڪيو وڃي ٿو.