بنا اجازت جوڙيل بحريا ٽائون ۽ ٻيون هائوسنگ اسڪيمون پٽ ڪرڻ جو حڪم
سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن پاران بغير اجازت جڙندڙ بحريا ٽائون کي پٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلي تي قائم سپريم ڪورٽ جي ڪميشن پاران ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني چيو ته ڪراچي شهر ۾ هائوسنگ اسڪيمن جي نالي تي شهر کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سيڪريٽري بلديات پاران ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ڊولپمينٽ جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ۾ ضم ٿيڻ کانپوءِ معاملا خراب ٿي ويا آهن. ڪميشن پاران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا مسعود عباس کان پڇيو ويو ته آخر هي سڀ اڏاوتون ڪنهن جي اجازت سان ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي اندر ڪهڙيون ڪهڙيون اسڪيمون آهن. آغا مسعود اعتراف ڪيو ته بحريا ٽائون جي اڏاوت بغير اجازت جي جاري آهي جنهن جي رپورٽ سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ڪميشن حڪم جاري ڪيو ته بحريا ٽائون سان گڏ اهڙيون جيڪي به اسڪيمون آهن انهن کي ڪيرائي ڇڏيو. جنهن کان علاوه SBCA کي نالن تي تعمير ڪيل اڏاوتن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر پاران گجر نالي جي متاثرن کي معاوضو فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ ٻڌايو ته لياري نديءَ تي عمارتون ٺاهيل آهن جن کي خالي ڪرڻ ممڪن نه آهي. جڏهن ته شهر جي 500 نالن ۾ ڪچرو ڀرجي ويو آهي. ڪميشن چيو ته نالن جي ڀر پاسن ۾ صرف ليز تي موجود گهرن کي معاوضو ڏنو ويندو. جنهن بعد ڪميشن پاران ندي ۽ نالن ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ تي پابندي هڻڻ لاءِ دفعو 144 نافذ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. آخر ۾ ڪميشن جي رڪنن ڪراچي جي ميئر سان ملي شهر جي ندي ۽ نالن جو دورو ڪيو ۽ گند ڀريل نالن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

