بلاگنئون

ڊاڪٽر الياس عشقي (ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اديب)

الياس عشقي صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو 1974-08-05 کان 1981-05-30 تائين هڪ سٺو ۽ قابل اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي. آواز جي دنيا جو هيءُ استاد، آرٽسٽ ۽ انتظامي آفيسر پنهنجي دور جو هڪ ناميارو شاعر به ٿي رهيو آهي. شاهه لطيف ڀٽائيءَ سان بي انتها عقيدت رکندڙ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پنهنجو ادبي، فڪري ۽ فني پورهيو ارپيندڙ هي شخص اردو ۽ سنڌي طبقي ۾ هڪ جهڙي دلپذير شخصيت رکندڙ هو. هن سنڌ جي ترقي پسند اديبن شيخ اياز، امداد حسيني، نياز همايوني ۽ ٻين کان وٺي بزم شعراءِ سنڌ جي اديبن ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، سيد سردار علي شاهه، بلاول پرديسي وارن سان به انتهائي ويجهڙائپ وارو رستو رکيو. شهر آشوب، گنبذ بردر، دو هزاري، هن جي شاعري جا مجموعا آهن. پاڻ شاهه لطيف جي پيغام کي “آواز لطيف” جي نالي سان اردو زبان ۾ ترجمو ڪيائون. انهيءَ کانسواءِ پاڻ ريڊيو تي خاص طور تي لطيف سرڪار جي فن ۽ فڪر تي ليڪچر ڪرايائون. الياس عشقي صاحب هڪ نامياري براڊ ڪاسٽر هجڻ سان گڏ موسيقي، تاريخ، هند ۽ سنڌ جي لوڪ ادب ۽ داستانن کان واقف هو. سندس خاندان هڪ پٺاڻ قبيلي سان تعلق رکندڙ هو، جيڪو ڪيتري وقت کان هندستان ۾ آباد هو. تنهنڪري سندس تعليم ۽ تربيت ان دور موجب عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿي. سنڌ ۾ رهي هُن سنڌ جي نمڪ حلاليءَ جو صحيح معنيٰ ۾ حق ادا ڪيو. سندس شخصيت ۾ وڏو نکار ۽ وقار هو. ڇو ته پاڻ خوش اخلاق ۽ خوش لباس هئا. بهترين سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ اعليٰ قسم جي سوچ جا مالڪ هُئا.
هُن 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر طور نوڪري ڪئي. 6 ٻولين جو هيءَ اسڪالر اردو، سنڌي، هندي، فارسي، پنجابي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو. جڏهن ته ديني تعليم هن عربي زبان ۾ ورتي. کيس سندس ادبي خدمتن جي ڪري حڪومت پاران نشان امتياز به ڏنو ويو هو. سروس دوران هو ڪراچي، لاهور، حيدرآباد ۾ پڻ رهيو. الياس عشقي جا وڏا افغانستان جي يوسف زئي پٺاڻ قبيلي جا هئا، جتان هو هندستان لڏي اچي جئپور ۾ رهيا، جتان هو پنهنجي پيءَ علامه رزي سان پاڪستان لڏي آيو. سندس پيءُ تعليمي ماهر ۽ وڏو اسڪالر به هو. الياس عشقي کي هڪ پٽ، 6 نياڻيون ۽ هڪ گهر واري آهي. آخري ڏينهن ۾ هو سعودي عرب ويل هو، جتي ڀلي پار ۾ سندس لاڏاڻو ٿيو. هُن بيماريءَ کان شفاياب ٿيڻ لاءِ آپريشن به ڪرايو هو، پر وڏي عمر ۾ آپريشن کانپوءِ جي تڪليفن سبب هو وڌيڪ وقت جي نه سگهيو ۽ 07-01-12 تي رياض سعودي عرب ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر الياس عشقي 1922-06-02 تي جئپور انڊيا ۾ جنم ورتو. اُتي ئي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم حاصل ڪري هُن مهاراجا ڪاليج جئپور مان انٽرميڊئيٽ ڪئي. پوءِ 1947ع ڌاري يونيورسٽي مان ايم.اي اردو ۾ ڪيائين. پهرئين نوڪري ليڪچرار طور مهاراجا ڪاليج ۾ 1947ع ڌاري ڪيائين. 1948ع ۾ پاڪستان اچي گورنمينٽ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ ٽيچر ٿيو. 1950ع ڌاري ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ پروگرام اسسٽنٽ ٿيو. هيءُ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد تان ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ 1982ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هن 1982ع ۾ ئي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان اردو ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. هن جي پيءُ جو نالو محمد اسماعيل خان “رزي” هو. جيڪو 1950 کان 1960ع تائين ايس.ڪي رحيم اسڪول حيدرآباد ۾ ٽيچر به ٿي رهيو. هن تي جئه پور ۽ راجستاني ڪلچر، موسيقي ۽ ادب جو تمام گهڻو اثر رهيو، جنهن ئي هن کي شاعر ۽ اسڪالر بنائڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. هُن پڇاڙي وارن سالن ۾ شيخ اياز جي آتما ڪٿا جا ڪتاب به وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ۽ هي اياز جي دوستن مان به هو. پڇاڙي وارن سالن ۾ مٿي جا اڇا وار ۽ هٿ ۾ لڪڻ هن جي ظاهري سڃاڻپ ٿي پيا. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي دوست عزيز حامد ۽ ريڊيو وارن ڏينهن ۾ حميد نسيم سان گڏ ڊانس ۽ ميوزڪ ۾ دلچسپي وٺندو هو. هن ڪيترن ئي شخصيتن تي خاڪا پڻ لکيا. هن پنهنجي هندو استاد جنهن کيس يوگا سيکاري هُئي. تنهن تي به خاڪو لکيو ته شاعر ۽ سياستدان مولانا حسرت موهاني تي به لکيو. هُن جي فارسي شاعري جي مجموعي جو نالو شهر آشوب آهي، هن اردو، سنڌي پنجابي ۾ به شاعري ڪئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان هن جي عقيدت ۽ اُنسيت سڄي عمر رهي. هن اسڪول جي زماني کان ئي مشهور مئگزين “زمانه” کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جا هٿ اکر انتهائي خوبصورت هوندا هئا. هي فيض راشد ۽ ڪجهه ميران جي کان به متاثر رهيو. جڏهن ته غالب ۽ مير کي هي پنهنجو هيرو مڃي ٿو.
لنگويسٽڪ اسٽڊي لاءِ هن الهه آباد يونيورسٽي، پنجاب يونيورسٽي ۽ پشاور يونيورسٽيءَ مان پڙهي سنڌ يونيورسٽي مان اچي پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هي ڇويهن سالن جي عمر ۾ پاڪستان آيو هو. هن کي ريڊيو تي زيڊ اي بخاري آندو. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هو لاهور، پشاور، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ملتان ۾ به رهيو. هن ڪيترائي ريڊيو پليز به لکيا. پڇاڙي وارن سالن ۾ هن ڊاڪٽر حسن منظر سان گڏ غالب جي فارسي غزلن کي پنهنجي خوبصورت هينڊ رائيٽنگ وسيلي ڪيلي گرافيءَ ۾ به آڻڻ چاهيو پئي. مغربي ليکڪن مان ڪرسٽينا روسٽي کان هي تمام گهڻو متاثر ٿيو. هندي ادب ۾ هن تلسيداس کي به تمام گهڻو پڙهيو. هندي، اردو، مارواڙي، سنڌي، پنجابي، فارسي، سرائيڪي ۽ انگريزي زبانن تي مڪمل دسترس حاصل ڪرڻ سان گڏ هن جي علمي ڄاڻ تصوف، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ به هئي، پر سندس قلبي لاڙو وحدت الوجود جي تمام ويجهو هو. سندس پيءُ هڪ ناميارو شاعر ۽ مشرقي علمن جو ڄاڻو هو. سندس والده جي علم ۽ ادب سان دلچسپي هُئي. الياس عشقي کي 3 ڀينر ٿيون. کيس ايران جو جديد باغي شاعر ميرزاده عشقي ايترو ته پسند هو جو سندس عشق جو تخلص به اُن سبب جي ڪري ٿي سگهيو هجي. هن پنجاب يونيورسٽي مان فارسيءَ ۾ ايم اي ڪئي. پشاور مان انگريزيءَ ۾ ايم.اي ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. الياس عشقي جي شادي سندس سئوٽ صبيحه سان 1954ع ۾ ٿي.
سندس پٽ اديب سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر آهي. ڌيءَ روزي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جي پروفيسر آهي. ڌيءَ مهرين هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد آهي. ڌيءَ لبنيٰ گهريلو عورت آهي ۽ مڙس سان لنڊن ۾ رهي ٿي. ڌيءَ صبا اسٽيٽ لائيف ۾ آفيسر آهي. ڌيءَ روحي بي اي انگريزي ۾ ٽاپ ڪلاس آهي، ڌيءَ نابضه، ايم.اي انگريزيءَ جي شاگردياڻي آهي. الياس عشقي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو خط پڙهي سندس سڏ تي نوڪري ڇڏي، پيءُ سوڌو پاڪستان آيو هو.
الياس عشقي جو ڏاڏو افضل نبي خان شفا به فن سخن ۾ استاد هو، پهرئين غزل الياس عشقي جو 1933ع ۾ شايع ٿيو. هن سائنسي نظم به لکيا ته فارسي ۾ آزاد نظم ۽ نظم بي قافيا به لکيا. الياس عشقي ٻارن لاءِ به شاعري ڪئي. شاعري ۾ هن سانيٽ به لکيا ته سلسيوار نظم به پرڏيهه ۾ لکيا. علم، ادب ۽ تصوف جي عاشق کي 16 جنوري 2007ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ رهندي هيٺيان ناميارا اديب، عالم، سياستدان ۽ شاعر سندس ويجها دوست رهيا. طالب الموليٰ، مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، حافظ مبارڪ علي شاهه، نامدار وڪيل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تنوير عباسي، مولانا غلام محمد گرامي، اڪبر علي شاهه، غلام مصطفيٰ خان، شيخ اياز، غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام علي الانا، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا کوڙ سارا ننڍا وڏا ليکڪ ۽ اديب.