ادببلاگ

نظم

استاد راھي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
ھيء جا پنھنجي ٻولي آھي
ڀرت ڀريل ڪا چولي آھي
ساگر جي ڄڻ ڇولي آھي
لفظ لفظ ۾ لولي آھي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
سرائڪين لئه سھنجي ٻولي
اوڏن ڪاڻ نه اھنجي ٻولي
ٻروچ به سمجھن پنھنجي ٻولي
جنھن جي سنڌ آ تَنھنجي ٻولي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
جھڙي سنڌڙي تھڙا ماڻھو
ڳاڙھا مٺڙا جھڙا ڏاڙھون
پٽڪو اجرڪ اوڍي ويھن
شِينھَن وانگر ٺاھي ٽولي
سنڌي ٻولي قؤمي ٻولي
نقطا جھرمر تارن وانگي
جملا کلندڙ ٻارن وانگي
لھجا قومي نعرن وانگي
گفتا ماکيء لارن وانگي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
اتر لاڙ ۽ ٿر ۾ گونجي
ھرڪنھن گھٽيء گھر ۾ گونجي
تنھنجي منھنجي تر ۾ گونجي
جبل جھنگ ۽ جھر ۾ گونجي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
جھڙي ٻولي تھڙا ماڻھو
ڳاڙھي اجرڪ جھڙا ماڻھو
ڪيئن وساريان؟اھڙا ماڻھو
ٻوليء ڌاران ڪھڙا ماڻھو
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
سنڌڙي انبن جھڙي سنڌڙي
ڏوڪن ڏنگن جھڙي سنڌڙي
صوفي ٻيرن جھڙي سنڌڙي
مٺڙن توتن جھڙي سنڌڙي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
تلوارن جو تاءُ به ھن ۾
ڏاھر جو ڏھڪا به ھن ۾
دودي جو ھر داءُ به ھن ۾
ڪولھيء جو ڪڙڪا به ھن ۾
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
شاھ ڀٽائيء ڳايو ھن کي
سچل سيني لايو ھن کي
ساميء خوب سمايو ھن کي
اياز به آ جرڪايو ھن کي
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
صدين کان ھن پنڌ ڪيا ھن
ساڻا پنھنجا سَنڌَ ڪيا ھن
پوء به ھڻي ھُن ھنڌ ڪيا ھن
قوم جا اوچا ڪنڌ ڪيا ھن
سنڌي ٻولي قومي ٻولي
تنھنجي ٻولي منھنجي ٻولي