ايڊيٽوريل

نئون منتخب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف

8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي نتيجي ۾ ميان محمد شهباز شريف ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. هو ملڪ جو 24هون وزيراعظم آهي، کيس موجوده قومي اسيمبلي مان 201 ميمبرن ووٽ ڪيو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار عمر ايوب 92 ووٽ حاصل ڪيا آهن. هتي اهو به چونداسين ته هو ٻيو دفعو پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو آهي. هن موقعي تي جڏهن ملڪ ۾ تازو ٿيل چونڊن تي سياستدان ۽ راءِ عامه ورهايل آهي، تڏهن هن کي ملڪ جي چونڊيل اڳواڻ طور ملڪ به هلائڻو آهي ۽ سياسي ڌرين ۽ عوام کي مطمئن به ڪرڻو آهي. يقينن اهو ڏکيو ڪم آهي، پر انهيءَ کان وڌيڪ ڏکيو چئلينج هن لاءِ ملڪ جا معاشي مسئلا رهندا، ترقي رهندي ۽ خارجه پاليسي جي ميدان ۾ به هن کي گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو.
ڳالهه نئين چونڊيل وزيراعظم جي متعلق ڪري رهيا آهيون ۽ اهو به سمجهون ٿا ته کيس ورثي ۾ مليل مسئلا ڳرا به آهن ۽ حل طلب به آهن. هڪ ڳالهه جيڪا اميد ڏياري ٿي اها سندس سياسي زندگي ۽ جدوجهد آهي. گذريل صدي جي سال 1950 ۾ لاهور ۾ پيدا ٿيندڙ ميان محمد شهباز شريف 1988 ۾ پهريون دفعو پنجاب اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو. ائين هو 1990 ۽ 1993 دوران قومي اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ 1993 ۾ پنجاب اسيمبلي جو رڪن ٿيو ۽ صوبي ۾ ليڊر آف اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيائين. 1997 ۾ پهريون دفعو پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو، پر جيئن ئي فوجي مداخلت جي ڪري هن جي حڪومت ختم ٿي ته کيس قيد ڪيو ويو. ان کانپوءِ هو ملڪ مان هڪ طرح سان جلاوطن ٿي ويو. 2007 ۾ 8 سال جلاوطني ۾ گذارڻ کانپوءِ هو واپس پاڪستان آيو ۽ 2008 ۾ ٻيهر پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ ٿيو. 2013 ۾ عام چونڊن ۾ سندن پارٽي مسلم ليگ نواز اڪثريت سان کٽي آئي ته هو ٽيهر پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ ٿيو. هن جي سياسي جدوجهد ۽ اقتدار جي ڪهاڻي اڳيان موڙ کاڌو ۽ 2018 جي اليڪشن ۾ شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي اپوزيشن ٿيو ۽ انهيءَ حڪومت دوران جيل به ڪاٽيائين. جيل ۾ هن سان جيڪي عقوبتون ٿيون. انهيءَ تي نامور ليکڪا ۽ سندس گهرواري تهمينه دراني هيئن بيان ڪيو آهي: “شهباز شريف کي هڪ هفتي تائين گهروارن سان ملڻ نه ڏنو ويو، هن کي گهر جو کاڌو به نه پهچائڻ ڏنو ويو، هن کي پنهنجي وڪيلن سان ملاقات کان به روڪيو ويو”، ميان شهباز شريف تي جيڪي ڪيسز هئا انهن ۾ ڪا به حقيقت نه هئي، ان ڪري ڪورٽن کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو. هن سان رياستي جبر روا رکيو ويو ۽ بنيادي انساني حقن کي به پامال ڪيو ويو.
وري هن جي زندگي موڙ کاڌو ۽ اپريل 2022 ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ ميان شهباز شريف پهريون دفعو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ۽ هاڻ وري تازين چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ هو اتحادي جماعتن جي ووٽن سان ٻيهر وزيراعظم منتخب ٿيو آهي. ملڪ کي هن وقت جيئن ته معاشي چئلينجز به آهن ۽ سرحدي صورتحال تي به مسئلا آهن ۽ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي، اسين اهو سمجهون ٿا ته ماضي جي تجربي جي ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته ميان محمد شهباز شريف جي اتحادي حڪومت حڪمت ۽ دانائي سان ملڪ جا مسئلا حل ڪندي، ملڪ کي معاشي، مالياتي ۽ سياسي استحڪام ڏيندي، اسين ميان محمد شهباز شريف کي ملڪ جو 24هون وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا.