ايڊيٽوريل

نئين حڪومت جو تحفو پيٽرول ۽ بجلي مهانگي، اڃان ته شروعات آهي

عام ماڻهو صرف اهو چاهيندو آهي ته کيس امن امان ملندو رهي ۽ سندس بنيادي ضرورتون پوريون ٿينديون رهن. عزت سان ٻن وقتن جي ماني کائيندو رهي، جنهن جي لاءِ هو محنت ڪندو رهي ٿو.
عوام حڪومت ان ڪري چونڊيندو آهي ته حڪومت عوام کي سهولتون ڏئي، ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ مهانگائيءَ کان بچائي. ڇو ته جڏهن کان رپئي جي قيمت ۾ لاٿ آئي آهي ته کاڌي پيتي جون شيون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن. اميد اها هئي ته هيءَ اتحادي حڪومت مهانگائيءَ طرف پورو ڌيان ڏيندي، پر هن حڪومت به ماضيءَ جي حڪومتن وانگر عوام کي پيڙهڻ شروع ڪيو آهي. عوام جي قوت خريد ايتري ته گهٽجي وئي آهي جو هو پنهنجي ٻچن کي عيد جي شاپنگ ڪرائڻ کان به قاصر آهي. ٻئي طرف حڪومت ٻن ڏينهن ۾ عوام جي مٿان ٻه بم ڪيرايا آهن هڪ بم پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي صورت ۾ ۽ ٻيو بجليءَ جو في يونٽ تقريبن 3 رپيا مهانگو ڪرڻ جي صورت ۾. هاڻي اهو ماڻهو جنهن جي آمدني محدود آهي ان تي ڪيترو وزن پئجي ويندو، شايد اهو حڪومت جي مٿي جو سور نه آهي. سبب اهو آهي ته حڪومت کي آءِ ايم ايف طرفان مليل ٽيڪس ٽارگيٽ حاصل ڪرڻا آهن جن جو سولو طريقو، گئس، بجلي ۽ پيٽرول کي وڌائي حاصل ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ حڪومت وٽ ڪابه پلاننگ نه هوندي آهي ۽ اهو روز جو معمول آهي ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي سڀ کان پهرين انهن شين جا اگهه وڌائي ٿي، جنهن جي ڪري هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ محدود آمدنيءَ وارو پنهنجي آمدنيءَ مان گذارن نٿو ڪري سگهي، ان جا الاهي نقصان ٿين ٿا. خودڪشين جا واقعا وڌي ويا آهن، چوري، لٽ ڦر، پنڻ ۽ غير قانوني نموني پئسا حاصل ڪرڻ جنهن ۾ رشوت ۽ ڀتو شامل آهي جنهن جو اثر وري به عوام مٿان پوي ٿو. ڇو ته سڀني وٽ ته اهڙا وسيلا نه آهن يا اهڙي نوڪري ۾ نه آهن جو رشوت وٺي سگهن، ها اجتماعي خودڪشي ڪري سگهن ٿا.
حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کي مهانگائي جو ان ڪري فرق نٿو پوي ڇو ته هنن کي بجلي، گئس، پيٽرول، گاڏيون، گهر سڀ سهولتون عوام جي ٽيڪس کان حاصل ٿيل پئسن مان ڏنيون وڃن ٿيون، پر حڪومت جو فرض آهي ته سفيد پوش عوام جو خيال ڪري جنهن کي مفت ۾ ته ڪابه شيءِ نٿي ملي. هو اهي سڀ بل ادا ڪرڻ به چاهي ٿو، پر سندس محدود آمدنيءَ کيس پريشانين ۾ مبتلا ڪري رهي آهي. اپريل جو مهينو شروع آهي جون ۾ بجيٽ ايندي ٻڌايو ٿو وڃي ته بجيٽ تمام سخت هوندي، مطلب مهانگائي وڌيڪ ٿيندي ته پوءِ هن وقت حڪومت جيڪي اگهه وڌايا آهن انهن سان ڇا سستائي ايندي؟ جڏهن آءِ ايم ايف حڪومت کي چوندي آهي ته اشرافيه تي ٽيڪس لڳايو ته بجاءِ انهن تي ٽيڪس لڳائڻ جي يوٽيلٽي بل وڌائي ڇڏيندي آهي، ان ڪري ته حڪومت ۾ اشرافيه ئي ويٺي آهي پوءِ اها پنهنجي مٿان ٽيڪس ڇو لڳائيندي، باقي رهي ٿو ملڪ جو ننڌڻڪو عوام ان تي سمورو بار وڌو وڃي ٿو. هاڻي ملڪ جي عوام وٽ مهانگائي جو وزن کڻڻ جي طاقت نه رهي آهي. جيڪڏهن ٽيڪس لڳائڻا آهن ته انهيءَ طبقي تي لڳايو جنهن وٽ ناڻو جام آهي.
پوري دنيا ۾ اصول آهي ته ملڪ جي اميرن کان ٽيڪس وٺي ملڪ جي غريبن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ٿئي ٿو غريبن کان ٽيڪس وٺي اميرن جي عياشين تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، هاڻي اها روش بند ٿيڻ گهرجي. اتحادي حڪومت ۾ ويٺل سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور مطابق فيصلا ڪرڻ کپن ۽ منشور ۾ ڪيل سڀ اعلان جيڪڏهن پورا نٿا ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جو چوٿون حصو ڪيل واعدا پورا ڪن جيئن عوام به سک جو ساهه کڻي سگهي.