جڏهن سنڌ جا حڪومتي عهديدار ميڊيا جي سامهون اچي اعلان ڪن ٿا ته گذريل 15 سالن کان جنهن ۾ سندن حڪومت رهي آهي. سنڌ دنيا جو ترقي يافته خطو بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ترقيءَ جي گنجائش نه آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪوتاهي آهي، ان جو تعلق به گذريل نگران حڪومتي دور سان آهي. انهن اعلانن تي سنڌ جي عوام کي افسوس ٿيندو آهي، پر حڪومتي عهديدارن کي اکيون پوري ڪوڙ هڻڻ تي بلڪل پشيماني نه ٿيندي آهي. سنڌ جي عوام جا مسئلا جڏهن انهن جي سامهون کنيا ويندا آهن ته به اهي عهديدار بجاءِ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي عجيب تبصرا ڪري انهن مسئلن کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيندا آهن. ظاهر آهي ميڊيا جي نمائندن جو ڪم سوال پڇڻ آهي، هو وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگهن؟ وڌ ۾ وڌ جيڪي ويڌن سنڌ جي عوام سان ٿي رهي آهي انهيءَ کي پرنٽ ميڊيا ۾ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اچي اجاگر ڪري سگهن ٿا. انهن اعلانن ۽ دعوائن جي باوجود جيڪڏهن سنڌ جي لاڙ جي پٽيءَ ۾ ۽ سنڌ جي ٻئي نمبر حيدرآباد شهر جي ماڻهن کي صاف پاڻي به نه ملي ۽ ماڻهو مجبور ٿي زهريلو پاڻي واپرائين ۽ ان زهريلي پاڻي واپرائڻ جي ڪري انيڪ بيمارين جا شڪار ٿين ته سرڪار جي دانهن ڪنهن وٽ ڪجي؟ مطلب ته سنڌ جي ماڻهو کي صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جو حق به نٿو ملي.
ڪوٽڙي بئراج وٽ ڊائون اسٽريم لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سامونڊي پٽيءَ ۾ سمنڊ لکين ايڪڙ زمينون کائي رهيو آهي، اها هڪ الڳ تلخ حقيقت آهي. سامونڊي پٽيءَ ۾ وڃجي ته بک، بدحالي، بيماري اتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جهڙين سخت حالتن ۾ ۽ بدحالي ۾ اتان جا ماڻهو زنده آهن، اهو هڪ معجزو آهي. جيڪڏهن حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل اڳواڻن کي صرف 3 ڏينهن بنا سهولت ڏيڻ جي اتان جي عام ماڻهن وانگر اتي رهايو وڃي ته کين خبر پئجي ويندي ته اتي جي ماڻهن جو درد ڇا آهي. آبپاشي کاتي جي ماهرن مطابق منڇر جو زهريلو پاڻي سيوهڻ وٽ درياهه ۾ڇوڙ ڪري ٿو ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان وهڪرو نه هجڻ جي ڪري سيوهڻ کان ڪوٽڙي بئراج تائين درياهه ۾ موجود پاڻي مڪمل زهريلو ٿي چڪو آهي. حيدرآباد شهر کي صاف پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان فراهم ڪيو ويندو آهي، ان ڪري هاڻي حيدرآباد شهر جا ماڻهو به سرڪار جي مهرباني سان اهو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، انهن مسئلن جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ سنڌ سرڪار ماڻهن کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اربين رپيا خرچ ٿيڻ جي باوجود آر بي او ڊي جيڪو زهريلو پاڻي کڻي سمنڊ تائين پهچائڻ جو منصوبو هو، اهو پروجيڪٽ مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. ان طرف سرڪار جو ڌيان ڇو نٿو وڃي؟ سنڌ سرڪار جيڪڏهن ماڻهن کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏي انهن کي صاف پاڻي جهڙي نعمت کان به محروم ڪري ۽ انهن ماڻهن جو انگ به ڪروڙن جي تعداد ۾ هجي، جيڪي زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب بيمارين جي ور چڙهيل هجن ۽ سندن ڪوبه تدارڪ نه ٿئي ته پوءِ اهڙي سرڪار جو عوام کي ڪهڙو فائدو؟
اسان جو وقت جي سنڌ سرڪار کان مطالبو آهي ته جيڪڏهن اوهان ٻاهران امپورٽيڊ ڪيل صاف پاڻي پيئو ٿا ته اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عوام کي درياهه جو پاڻي صاف ڪري ڏيو، جنهن ۾ زهر نه هجي جيڪو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهو بيمارين ۾ مبتلا نه ٿين، جيڪو توهان جو فرض آهي، فرض جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ڪريو ٿا، ڇو ته اوهان کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي پوءِ ڀلا ثواب سمجهي ماڻهن تائين صاف پاڻي پهچايو جنهن سان اوهان کي ثواب ملندو، عام ماڻهو کي صاف پاڻي ملندو. عوام اوهان کي دعا ڏيندو، ڇو ته جهڙا توهان جا عمل آهن انهن عملن جي لاءِ اوهان کي دعائن جي سخت ضرورت آهي.