روشني جي ذريعي هلندڙ نينو ڪئمرا تيار
هونئن ته هيءَ دنيا سمارٽ فون ۽ ٻين ڪئمرائن سان ڀريل آهي پر هاڻي آمريڪا ۾ مشيگن يونيورسٽي ۾ تيار ڪيل نينو ڪئمرا ۾ اها خوبي آهي ته اها روشني جي طاقت سان هلي سگهي ٿي ۽ هن کي هلائڻ لاءِ ڪنهن بيٽري جي ضرورت نه آهي. هن ڪئمرا جي سائيز ايتري ننڍي آهي جو هڪ ننهن تي ڪيترائي ڪئمرا رکي سگهجن ٿا. اهڙا ڪئمرا عام ٿيڻ کانپوءِ ڀتيون به ڏسڻ لڳنديون. انهيءَ ڪارڻ اهڙن ڪئمرائن کي جاسوسي لاءِ استعمال ڪري سگهبو. هن ڪئمرا ۾ فوٽو وولٽائيڪ سيل لڳايا ويا آهن. هڪ ننڍي داغ جيان نظر ايندڙ هي ڪئمرا فوٽو ٺاهڻ سان گڏ وڊيو به ٺاهي سگهي ٿو. هن ڪئمرا سان تيار ڪيل فوٽو هن وقت ته گهٽ ڪوالٽي جا آهن پر ڪئمرا ۾ بهتري آڻي ان جي فوٽو ۽ وڊيو کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

