سنڌ جي زمين ذرخيز ۽ پيداواري صلاحيت ۾ عمده رھي آهي، جنهن ڪري سنڌ سڄي سون آهي، ڇو جو هن جي پيٽ مان اناج جي صورت ۾ ڪڻڪ، چانور، چڻو، جوئر، جوَ، ٻاجھر، داليون ۽ ٻيون جنسون ۽ عمده ميوا پيدا ٿين ٿا، جي سنڌ ۾ رهندڙن جي پيٽ گذر کان وڌيڪ هجڻ ڪري ڏيسارو موڪلي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. ٻئي طرف هن ڌرتي تي رهندڙ پڻ املهه انسان جنم وٺن ٿا، جن ڏينهان ڏيهه پنهنجون صلاحيتون مڃايون آهن. تهڙيءَ ريت ڌرتي تي رهندڙ انسانن سميت ٻين جيوت جھڙوڪ: چوپايو مال (مينھن، ڳئون، ٻڪري، رڍ وغيرہ) جي سُک چين ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ ڌارين ۽ ڏيهي حاڪمن سان اکيون اکين ۾ ملائي جنگ جوٽجڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي اٿن. سدائين وطن ۽ قوم لاءِ سوچيندي هر قرباني ڏيڻ ۾ پوئتي نه ھٽيا آھن، پوءِ ڀلي اعظيم مقصد ماڻڻ لاءِ وڏا اعزاز ۽ رياستون ۽ مراعتون ڇڏڻيون پيون ته دريغ نه ڪئي. اهڙن مهان ماڻهن مان هڪ املھ موتي شهيد الله بخش سومرو هڪ هو. جنهن جي ڪردار مان هڪ الله لوڪ ۽ ساده شخص جي جهلڪ نظر ايندي، ته ٻئي طرف اصولن تي هلندڙ پنهنجي ملڪ جي وفاداري ۽ قوم کي غلامي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ، هڪ سپاهي بڻجي ايوان ۾ ويهي اهڙا حڪم نامه جاري ڪرڻ ۽ منصوبا جوڙڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪئي. جنهن سان سنڌي قوم غلامي مان نڪري آزاد ۽ باوقار قوم بڻجي. هو غريبن ۽ هارين جو مددگار ۽ پڙهيل، سڌريل سماج کي قائم ڪرڻ جا بنيادي قدم کڻندي، حڪومت وقت ۽ برطانوي حڪومت کان مليل خطاب گورنر کي موٽائڻ سان گڏ وزيراعظم جي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو.