پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي اچڻ جو وڏو ذريعو ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني مزدور آهن. هڪ اندازي مطابق اهي هر سال 30 ارب ڊالر کان مٿي جو پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آهن. پوري دنيا کي مين پاور جي ضرورت پوي ٿي. اهڙو اظهار جرمني جي سفير ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ ڪيو ته صرف جرمني کي پوري دنيا مان 4 لک ساليانه مزدورن جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن پاڪستان چاهي ته سندس حصو انهيءَ شرط سان وڌي سگهي ٿو ته اهي جيڪي مزدور موڪلين ٿا اهي هنرمند ۽ بهتر تربيت حاصل ڪيل هجن، جنهن به شعبي ۾ ڪم ڪن ان جي کين بهتر ڄاڻ هجي.
جڏهن هن وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور هلي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي آمدني به AI جي ذريعي وڌي رهي آهي، انهيءَ ۾ حڪومت جو ڪردار گهٽ ۽ انفرادي طور تي ماڻهن جو ڪردار وڌيڪ آهي، جيڪي پنهنجن ذريعن سان ان شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري گهر ويٺي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب صوبي اندر پنجن شهرن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پر سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه قابل ذڪر ادارو ناهي، جيڪو نوجوان شاگردن کي اڄ جي دور جي اهڙي قسم جي بهتر تعليم سان آراستا ڪري سگهي. حڪومت جي پاليسي انهيءَ سلسلي ۾ نظر نه اچي رهي آهي، ايستائين جو هن وقت UAE جنهن جي ويزا پاڪستاني مزدور کي آساني سان ملي ويندي هئي ان پڻ پاڪستاني مزدورن جي لاءِ پاليسيون سخت ڪري ڇڏيون آهن جنهن ۾ پڻ بظاهر اسان جي حڪومت جو ڏوهه نظر اچي ٿو. هڪ ته پاڪستاني مزدور جيڪو دبئي وڃي پيو اهو هنرمند نه آهي، ٻيو ان کي انگريزي ٻوليءَ جي ڪا خاص ڄاڻ نه آهي. ٽين ڳالهه اها ته ڪرائيم ۾ به پاڪستاني مزدور ملوث ٿي رهيو آهي.
ان کان علاوه پاڪستان جو مزدور پاڪستان جي منفي سياست به اتي ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال اسين پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ماڻهن طرفان ننڍا وڏا احتجاج ڪندي ڏٺو آهي. سوشل ميڊيا کي پڻ دبئي ۾ هڪ بي مهار اٺ وانگر استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن تي UAE جي انتظاميه ناخوش آهي. جيتوڻيڪ UAE هڪ اسلامي عرب ملڪ آهي ان جي باوجود هنن ڪيتريون ئي اهڙيون پاليسيون ٺاهيون آهن جنهن سان سندن ملڪ دنيا ۾ هڪ روشن خيال ملڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، پر اسان جا پاڪستاني مسلمان هن وقت دبئي ۾ ٿيل برساتن سبب تباهي کي پڻ انهيءَ ڳالهه سان ڳنڍين ٿا ته UAE حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ مندر ڇو ٺاهيو آهي. اهڙيون کوڙ ساريون ڪوتاهيون آهن جيڪي پاڪستاني مزودر ڪري رهيو آهي، انهن سڀني شين تي حڪومت پاڪستان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هتان جو مزدور صرف مزدوري ڪرڻ وڃي نه ڪي اتان جي حڪومتي نظام تي تنقيد ڪري. جيڪڏهن حڪومتي پاليسيون بهتر نه ٿيون ته پوءِ مزدور جو نقصان ته ٿيندو ئي ٿيندو، پر حڪومت پاڪستان کي جيڪو UAE مان پرڏيهي ناڻو ملي پيو اهو پڻ بند ٿي ويندو. هاڻي ڏسڻو آهي ته پاڪستان حڪومت پنهنجون پاليسيون ڪيئن ٿي ٺاهي.