ايلن مسڪ جو پيءُ ڪمپيوٽر کان نفرت ڪندو هو ان جي مطابق ڪمپيوٽر محض وقت جو ذيان آهي، پر ايلن کي وڊيو گيمز ۽ سائنس فڪشن سان عشق هو، سائنس فڪشن جي ڪجھ خيالي نظريات کي جيڪي حقيقي دنيا کان گهڻو پري هئا، ايلن انهن جا تجربا حقيقي دنيا ۾ ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هو، پر اهو سڀ ڪجھ آسان نه هو. ڇو ته ان وقت ڪمپيوٽر صرف هڪ گيم کيڏڻ جي مشين هئي، پر وقت بدليو ۽ ڪمپيوٽر دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ايلن مسڪ جي خاندان ۽ پيءُ کي دنيا شايد نه سڃاڻي ها جيڪر ايلن مسڪ جو ڪمپيوٽر سان عشق نه هجي ها. اهڙي طرح اڄ جيڪو انقلاب سمارٽ فون ذريعي آيو آهي ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جهڙي طريقي سان انسانن جي زندگي ۽ سماج ۾ غلبو حاصل ڪري ويا آهن ان جي شروعات ائين نه هئي جيئن هاڻي آهي، شروعات ۾ اهي سڀ محض کيڏ جو حصو سمجهيا ويندا هئا. مغربي ملڪن سميت ڪمپيوٽر ۽ ان سان وابسته شين کي هڪ مذاق سمجهندا هئا، پر وقت سان گڏ ڪمپيوٽر انساني زندگي جو اهم حصو ٿي ويو، بينڪن کان وٺي اسپتالن تائين ڪمپيوٽر استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ ائين ئي اهو سلسو هلندو رهيو. اصل انقلاب سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۽ سمارٽ فون جي اچڻ کانپوءِ آيو. انسان جي تهذيب جي تاريخ 5 هزار سال پراڻي آهي، هن سڄي دور ۾ ايتري تبديلي نه اچي سگهي جيڪا صرف 20 سالن جي مختصر عرصي ۾ سوشل ميڊيا آندي آهي. هن انساني سماج کي مڪمل طرح تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو هن پليٽ فارم جي ذريعي انقلاب به آيا آهن ۽ حڪومتون به تبديل ٿيون آهن. 2011 ۾ مصر جي انقلاب ۾ گهڻي حد تائين سوشل ميڊيا جو ڪردار هو جنهن کي عرب اسپرنگ چيو ويو. سوشل ميڊيا ايندڙ مختصر وقت ۾ اڃان گهڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيندو. ڇو ته ان ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار انسان بجاءِ مشين وٽ هوندو، جنهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس چيو وڃي ٿو.