بلاگنئون

سوشل ميڊيا جو عالمي سياست تي اثر

ايلن مسڪ جو پيءُ ڪمپيوٽر کان نفرت ڪندو هو ان جي مطابق ڪمپيوٽر محض وقت جو ذيان آهي، پر ايلن کي وڊيو گيمز ۽ سائنس فڪشن سان عشق هو، سائنس فڪشن جي ڪجھ خيالي نظريات کي جيڪي حقيقي دنيا کان گهڻو پري هئا، ايلن انهن جا تجربا حقيقي دنيا ۾ ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هو، پر اهو سڀ ڪجھ آسان نه هو. ڇو ته ان وقت ڪمپيوٽر صرف هڪ گيم کيڏڻ جي مشين هئي، پر وقت بدليو ۽ ڪمپيوٽر دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ايلن مسڪ جي خاندان ۽ پيءُ کي دنيا شايد نه سڃاڻي ها جيڪر ايلن مسڪ جو ڪمپيوٽر سان عشق نه هجي ها. اهڙي طرح اڄ جيڪو انقلاب سمارٽ فون ذريعي آيو آهي ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا پليٽ فارم جهڙي طريقي سان انسانن جي زندگي ۽ سماج ۾ غلبو حاصل ڪري ويا آهن ان جي شروعات ائين نه هئي جيئن هاڻي آهي، شروعات ۾ اهي سڀ محض کيڏ جو حصو سمجهيا ويندا هئا. مغربي ملڪن سميت ڪمپيوٽر ۽ ان سان وابسته شين کي هڪ مذاق سمجهندا هئا، پر وقت سان گڏ ڪمپيوٽر انساني زندگي جو اهم حصو ٿي ويو، بينڪن کان وٺي اسپتالن تائين ڪمپيوٽر استعمال ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ ائين ئي اهو سلسو هلندو رهيو. اصل انقلاب سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۽ سمارٽ فون جي اچڻ کانپوءِ آيو. انسان جي تهذيب جي تاريخ 5 هزار سال پراڻي آهي، هن سڄي دور ۾ ايتري تبديلي نه اچي سگهي جيڪا صرف 20 سالن جي مختصر عرصي ۾ سوشل ميڊيا آندي آهي. هن انساني سماج کي مڪمل طرح تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ايتري تائين جو هن پليٽ فارم جي ذريعي انقلاب به آيا آهن ۽ حڪومتون به تبديل ٿيون آهن. 2011 ۾ مصر جي انقلاب ۾ گهڻي حد تائين سوشل ميڊيا جو ڪردار هو جنهن کي عرب اسپرنگ چيو ويو. سوشل ميڊيا ايندڙ مختصر وقت ۾ اڃان گهڻو ڪجھ تبديل ڪري ڇڏيندو. ڇو ته ان ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار انسان بجاءِ مشين وٽ هوندو، جنهن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس چيو وڃي ٿو.
سوشل ميڊيا انسانن جي ذهن کي جلد متاثر ڪري ٿو، ڪنهن شيءِ جو مسلسل نظرن اڳيان اچڻ انسان جي ذهن تي اثر ٿو وجهي. هڪ تحقيق مطابق هڪ انسان سوين دفعا پنهنجي موبائل جي اسڪرين کي ڏسي ٿو جيڪو مواد انسان جي اڳيان اچي ٿو ان ۾سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو ايلگوٿرم (آرٽيفيشل انٽيليجنس جو نظام جيڪو انساني ذهن کي سمجهندي ان بابت ڪم ڪري ٿو) ان کي اهوئي مواد ڏيکاري ٿو، جنهن کي پنهنجي ذهن ۾ پسند ڪندو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم هڪ طرف انتهائي فائديمند آهي ته ٻئي طرف خطرناڪ به آهي. ڇو ته ڊجيٽل دنيا ۾ ڪنهن به انسان کي آساني سان پروپيگنڊا جو شڪار ڪري سگهجي ٿو. هر سال هزارين انسان هيڪ ٿيندڙ معلومات جو شڪار ٿيندا آهن ۽ انهن جو لکين رپين جو نقصان ٿيندو آهي. ان کان علاوه ذاتي مواد به پبلڪ ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان سوين رشتا خراب ٿيندا آهن ۽ ٻيو سياسي حوالي سان به ماڻهن جي ذهنن کي هٿ ڪرڻ آسان ٿي پيو آهي. آڳاٽي دور ۾ جڏهن ميڊيا جي ٻي شڪل هئي، تنهن ۾ معلومات کي سفر ڪرڻو پوندو هو ۽ اخبارون به 24 ڪلاڪن کانپوءِ مارڪيٽ ۾ اينديون هيون، جنهن کي حڪومت ۽ رياستي ادارا پنهنجي مرضي مطابق هلائي سگهندا هئا، پر اڄ جي دور ۾ هر سيڪنڊ جي خبر ماڻهن کي ملي ٿي، نفسياتي طرح سان ڏسجي ته اخبار يا ٽي وي معلومات عام ٿيڻ ۾ وقت لڳندو هو، پر هاڻي هر خبر هڪڙي سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ ماڻهن وٽ اچي وڃي ٿي. پهرين اخبار ۽ ٽي وي هر ماڻهو جي هٿ ۾ نه هو، بلڪه گهٽ ماڻهو ئي انهن کي سمجهي سگهندا هئا، پر هاڻي لڳ ڀڳ هر ماڻهو کي سمارٽ فون آهي.
سياسي فائدي لاءِ ماڻهن کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جو نظريو ته پراڻو آهي مطلب ته ڪا سياسي پارٽي يا مذهبي جذباتن کي اڀاري پنهنجو سياسي فائدو حاصل ڪندي هئي. هٽلر جهڙي آمر به ائين ئي ڪيو هو، بلڪه ان جو ته هڪ خاص ماڻهو رکيل هوندو هو، جيڪو ان جي شخصيت جي صحيح نموني سان پرچار ڪرڻ لاءِ اخباري نمائندن کي هدايتون ڏيندو هو، ايتري تائين جو هٽلر جا پنهنجا فوٽوگرافر هوندا هئا جيڪي خاص قسم جا جذباتي پوز جا فوٽو ڪڍي پريس وارن کي ڏيندا هئا، ان سڄي محنت جو مقصد هو ته جيئن جرمن قوم کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته هٽلر جي شخصيت ڪرشماتي آهي ۽ هو جرمن قوم جو اصل هيرو آهي ۽ جرمن قوم جي عروج جو سبب به هٽلر جي شخصيت آهي. جيڪر هٽلر نه هوندو ته جرمن قوم تباھ ٿي ويندي. جرمن قوم جي عزت ۽ وقار لاءِ ضروري آهي ته هٽلر انهن جي قيادت ڪري بلڪه هٽلر کي ئي اهو حق حاصل آهي ته هو جرمن قوم جي صحيح نموني سان قيادت ڪري. جرمن اخبار تقريبن هٽلر جي ڪنٽرول ۾ هئا ۽ انهن جو مقصد هٽلر ۽ ان جي حڪومت بابت غلط خبرون ڏيڻ هو، هٽلر بابت اهڙا نظريا ڏنا ويندا هئا جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه هوندو هو. هٽلر جي اهڙي نموني جي شهرت سبب جرمني جي گهڻي آبادي هٽلر جي جادو ۾ گرفتار ٿي وئي هئي، انهن هٽلر کي هڪ خيالي ديوتا طور قبول ڪيو ۽ ان جو ڪارڻ هو اخبارن ۾ غلط خبرون ڏيڻ ۽ هٽلر جي شخصيت بابت عام ماڻهو کي پروپيگنڊا جو شڪار ڪرڻ. ماضي قريب ۾ هر آمر حڪمران ائين ڪيو آهي، پر موجوده دور ۾ جهڙي طريقي سان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ڪم ڪن ٿا ۽ ڇو ته سوشل ميڊيا دنيا جو استعمال اربين انسان ڪن ٿا، هر خبر پوءِ اها ڪيتري سچ آهي يا ڪيتري ڪوڙ، پر هر ماڻهو جي نظر مان گذري ٿي. اهوئي سبب آهي ته هاڻي ڪنهن به سياسي پارٽي يا سياسي ليڊر لاءِ ماڻهن جو ذهن تيار ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي، جيڪر ڪنهن سوشل ميڊيا گروپ وٽ 15 کان 20 لک فالوورز آهن ته اهي ڪنهن به ملڪ جي سياسي ڍانچي کي لوڏي سگهن ٿا. ياد رکڻ کپي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هزارين يا لکين فالوورز ٺاهڻ ڪو مسئلو ئي ناهي. سوشل ميڊيا ايترو تيز ٿي ويو آهي جو هڪڙي منٽ ۾ هزارين ري ايڪشن ايندا آهن. بهرحال! اڄ جي دنيا حقيقت کان وڌيڪ تصورات تي ڪم ڪندي آهي. هڪڙي غلط خبر اسٽاڪ ايڪسچينج جا شيئر هيٺ مٿي ڪري سگهي ٿي. محض هڪ دفعو ٽرينڊز ۾ اچڻ سان ڪنهن به انسان جي زندگي کي هميشه لاءِ تبديل ڪري سگهي ٿو. دنيا جي تاريخ ۾ هزارين اخبارون آيون لکين خبرون آيون، پر انهن وٽ به هڪ حد تائين پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارا هوندا هئا، پر هاڻي موبائل جي هڪ اسڪرين تي توهان دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي اڳيان پنهنجي ڳالھ رکي سگهو ٿا. دنيا جا وڏا وڏا ادارا ۽ حڪومتون پريشان آهن ته ان کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي يا اهي ان ڪوشش ۾ آهن ته ان کي پنهنجي حق ۾ ڪيئن استعمال ڪجي. پاڪستان سميت دنيا جا گهڻا ئي ملڪ اهڙا قانون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن جنهن ۾ ڪنهن حد تائين سوشل ميڊيا کي ڪنهن دائري ۾ رکيو وڃي. ڇو ته ان جا اربين استعمال ڪندڙ انسانن مان ڪجھ اهڙا انسان به آهن جيڪي اظهار راءِ جي آزادي جي قانون جو غلط فائدو وٺندي پروپيگنڊا ڪن ٿا ۽ ڪنهن به مسئلي تي عام ماڻهو کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پاڪستان جو مثال کڻي ڏسجي ته ڪوبه انسان پنهنجي سياسي راءِ نٿو ڏيئي سگهي، جيڪڏهن اها ڪنهن جي سياسي نظرئي جي خلاف هوندي ته توهان تي گارين ۽ لعنتن جي برسات شروع ٿي ويندي. پاڪستان ۾گذريل ڪجھ سالن کان بدقسمتي سان سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جيڪي ماڻهو سياسي شعور جي نالي سان ڪن ٿا، اهو گهڻي حد تائين پروپيگنڊا جو شڪار ٿيل آهن يا انهن جا ذاتي مفاد ان پروپيگنڊا سان جڙيل آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز شخصيت پرستي کي عام ڪرڻ لاءِ سازگار ثابت ٿيو آهي ان جو استعمال ائين ڪيو وڃي ٿو سياسي پروپيگنڊا ڪري اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهو رجحان دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾ وڌي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت به شامل آهن. اصولي ۽ جمهوري معاشري ۾ سياستدان کي ان جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پسند يا نه پسند ڪيو وڃي ٿو، پر هاڻي اسان جي خطي ۾ ائين نه رهيو آهي. سوشل ميڊيا مڊل ڪلاس ماڻهو جي ذهن کي ايترو ته مفلوج ڪيو آهي جو هاڻي هو پروپيگنڊا ۽ حقيقت ۾ فرق ئي نٿو ڪري سگهي ۽ هڪ خيالي دنيا ۾ رهي ٿو. بدقسمتي سان شخصيت پرستي جو بدترين شڪار ٿي اهڙي مسئلن تي ماڻهن سان الجهي ٿو، جنهن جو ڪو بنياد ئي نه آهي ۽ نه ئي ان جو ڪنهن حقيقي مسئلي سان ڪو واسطو آهي. پاڪستان ۾ هن وقت جيڪو سياسي عدم استحڪام آهي ان جو سڀني کان وڏو ڪارڻ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هلندڙ پروپيگنڊا آهي. پاڪستان جو سوشل ميڊيا اسپيس بدترين گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪو آهي، پاڪستان ۾ ماڻهو سياستدان کان ان جي ڪارڪردگي بابت حساب وٺڻ جي بجاءِ شخصيت پرستي ۽ پروپيگنڊا جو شڪار ٿيل آهن. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گذريل 10 سالن ۾ حڪومتون عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويون آهن، غريب وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو، ڪروڙين انسان صحت، تعليم ۽ انساني بنيادي حقن کان محروم آهن، پر عام ووٽر جي گهڻي تعداد کي سوشل ميڊيا پروپيگنڊا جي پويان لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو سياسي ليڊر کان بنيادي ۽ اصل مسئلن کان پڇا ڪرڻ جي بجاءِ ان جي شخصيت پرستي جو شڪار ٿي ان کي هڪ ديوتا سمجهڻ شروع ٿين ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جيڪي سياسي ليڊر ۽ انهن جون پارٽيون سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي مقبول آهن انهن جون گذريل سالن ۾ صوبن يا مرڪز ۾ حڪومتون به رهيون آهن ۽ زميني حقيقتون اهي آهن ته انهن جي ڪارڪردگي نه هجڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن انهن کان انهن جي ڪارڪردگي بابت سوال ڪيو وڃي ٿو ته انهن وٽ ڪو تسلي بخش جواب نه آهي. ڇو ته اهي عوام کي رليف نه ڏيئي سگهيا آهن ۽ نه انهن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھ آهي، انهن وٽ سواءِ هڪ ڪرشماتي ليڊر جنهن جي شخصيت کي “هيرو” ڪري پيش ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي. عالمي طاقتن اقوام متحده وجود جي اچڻ سان ئي انسان جي بنيادي حقن بابت قانون واضح ڪيو جنهن ۾ فريڊم آف اسپيچ به شامل هو جنهن مطابق انسان پنهنجي ڳالھ ڪرڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ مڪمل آزاد آهي، جيڪڏهن ڪا حڪومت يا ڪو فرد ان کي اظهار راءِ جي آزادي کان روڪي ٿو ته ان کي هڪ ڏوهه سمجهيو ويندو، پر موجوده دور ۾ جهڙي نموني سوشل ميڊيا ڪم ڪري رهيو آهي ان ۾ تمام مشڪل ئي ٿئي ٿو ته ان قانون جي پاسداري رکي وڃي. ڇو ته جنهن وٽ سمارٽ فون آهي اهو بنا ڪنهن تحقيق جي ڪنهن کي به ڪجھ چوڻ ۾ دير نٿو ڪري ۽ پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو، ڪنهن مٿان الزام هڻڻ ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڪو مسئلو ناهي، بلڪه ان کي تمام ننڍي ڳالھ سمجهيو ويندو آهي. سوشل ميڊيا تي ڪنهن به موضوع تي بغير ڪنهن تحقيق جي يا بغير معلومات جي ماڻهو پنهنجي راءِ ڏيندا آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو گهڻي تعداد ۾ ماڻهو پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ويندا آهن. سوشل ميڊيا کي دائري ۾ آڻڻ به انتهائي ضروري آهي. ڇو ته هاڻي انهن تي هلندڙ ٽرولنگ عدليه جي ججن جي فيصلن کي به متاثر ڪري ٿي، ڪو جج جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي جي مرضيءَ مطابق فيصلو نٿو ڪري ته ان کي ان جي پوري خاندان سميت سوشل ميڊيا جي ٽرولنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، بلڪل اهڙي طرح 2016 جي آمريڪا جي صدراتي اليڪشن ۾ به ڏٺو ويو ته ڪيئن فيس بُڪ کي مخصوص اميدوار جي ڪاميابي لاءِ استعمال ڪيو ويو. آمريڪا جي عدالتن به بعد ۾ فيس بُڪ جي ٽيم کان جواب طلب ڪيو ويو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم موجوده دور ۾ هڪ نعمت کان گهٽ ناهن جتي انسان پنهنجي معلومات ذريعي ماڻهن کي تعليم به ڏيئي سگهي ٿو ۽ صحيح ۽ غلط وچ ۾ حقيقي فرق واضح ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان سٺي انداز سان روزگار به ڪمائي سگهجي ٿو. سوين اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سوشل ميڊيا تان لکين رپيا ڪمائين ٿا. سوشل ميڊيا ۾ تعليم ۽ تربيت جا هزارين موقعا موجود آهن، ايتري تائين جو اهي پليٽ فارم اسڪول ۽ يونيورسٽين جو ڪم به ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ منفي سوچ ۽ پروپيگنڊا کان به بچڻ گهرجي، ڪابه اهڙي معلومات جيڪا واٽس ايپ يا ڪنهن ٻئي پليٽ فارم تي اچي ان جي تصديق ڪري پوءِ ان بابت راءِ قائم ڪئي وڃي ۽ هڪ ڳالھ ذهن نشين ڪئي وڃي ته معلومات ڏيڻ واري جو سياسي سماجي نظريو ڇا آهي. ڇو ته اڪثر ائين ئي ٿيندو آهي ته ماڻهو پنهنجي سياسي فائدي لاءِ غلط خبرون ۽ ڳالھ جو رخ ٻئي ڪنهن رنگ ۾ پيش ڪندا آهن ۽ اهوئي اڄڪلھ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هلي ٿو، جنهن جو شڪار تقريبن هر شهري ٿئي ٿو. ياد رکڻ کپي ته موجوده دور ۾ هڪ غلط خبر يا هڪطرفو موقف پيش ڪرڻ ۽ بيان ڪرڻ ڪلاشنڪوف هٿيار کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪڏهن مستقبل ۾ سوشل ميڊيا کي مزيد قانون سازي ۽ سختين کان بچائڻو آهي ته ان کي پروپيگنڊا پکيڙڻ بجاءِ انساني ۽ سماجي بهتري لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
***